Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
ايم ڪيو ايم وفد معروف عالم دين شهنشاھ نقوي جي زوجه مرحومه جي چاليهي ۾ شرڪت ڪئي.
ايم ڪيو ايم معروف عالم دين شهنشاھ نقوي جي زوجه محترمه جي چاليهي ۾ شرڪت ڪئي. وفد ۾ قومي اسيمبلي ميمبر ريحان هاشمي، صوبائي اسيمبلي ميمبر جمال احمد، انور رضا، ايم ڪيو ايم علماء ڪميٽي انچارج جاويد ۽ ٻيا به شامل هئا.
Read More    Posted on: 25 Jul 2015
جنرل راحيل شريف آئي ايس آئي جي ٻن سابق سربراهن جنرل شجاع پاشا ۽ جنرل ظهير الاسلام جي خلاف وزير اعظم ميان نواز شريف جي وزيرن جي الزامن جي تحقيقات ڪرائين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي مخاطب ڪندي فرمايو آهي ته الله تعالٰي پنهنجي عنايت ۽ فضل و ڪرم سان اوهان کي پاڪ فوج  جي اعلٰي منصب تي فائز ڪيو ته جيئن اوهان حضرت عمر فاروق رضي الله تعالٰي عنه جي نقش قدم تي هلندي انصاف سان ڪم وٺي سگهو.
Read More    Posted on: 25 Jul 2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين ذميواريون پوريون نه ڪرڻ تي رابطا ڪميٽي ڪراچي کي هٽائي ڇڏيو. ايم ڪيو ايم جو اعلان.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي ميمبرن جي طرفان بار بار قسمون  کڻڻ ، حلفيه بيانن ۽ وعدن جي باوجود پنهنجيون ذميواريون پوري نه ڪرڻ تي رابطا ڪميٽي ڪراچي کي هٽائي ڇڏيو آهي. 
Read More    Posted on: 25 Jul 2015
چونڊيل عوامي نمائندا مسئلن جي شڪار عوام جي ڀرپور خدمت ڪن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين چونڊيل عوامي نمائندن تي زور ڏنو آهي ته اهي مسئلن جي شڪار عوام جي ڀرپور خدمت ڪن. اها ڳالھ انهن نائن زيرو تي ڪنٽومينٽ بورڊ جي نئين چونڊيل وائيس چيئرمين محمد منصور، حق پرست ڪائونسلرن چوڌري ناصر، بشير احمد ، محمد اڪرم ۽ منير يلسن سان ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪئي ۽ انهن کي دلي مبارڪباد به پيش ڪئي. 
Read More    Posted on: 24 Jul 2015
ايم ڪيو ايم نيويارڪ جي زير اهتمام مهاجرن تي ڪيل ظلمن جي خلاف مظاهرو ڪيو ويو.
ايم ڪيو ايم نيويارڪ جي زير اهتمام مهاجرن تي ڪيل ظلمن جي خلاف مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم آمريڪا جي جوائنٽ آرگنائيزر محمد ارشد حسين ۽ سينٽرل ڪميٽي جي ميمبرن کان علاوه ٻين به شرڪت ڪئي.
Read More    Posted on: 24 Jul 2015
علي رضا عابدي جي ريسٽورنٽ تي رينجر جي ڇاپي جي دوران قبضي ۾ ورتل سموريون شيون واپس ڪرايون وڃن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي اپيل ڪئي آهي ته قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبر علي رضا عابدي جي ريسٽورنٽ تي رينجر جي ڇاپي جي دوران قبضي ۾ ورتل سموريون شيون واپس ڪرايون ويون وڃن ۽ انهن جي ريسٽورنٽ جي غير قانوني بندش به فوري طور تي ختم ڪرائي وڃي.
Read More    Posted on: 24 Jul 2015
ايم ڪيو ايم آمريڪا جي زير اهتمام 25 جولائي بروز ڇنڇر تي آمريڪي وقت جي مطابق منجهند 2 وڳي واشنگٽن ڊي سي ۾ وائيٽ هائوس ۽ نيويارڪ ۾ اقوام متحده جي سامهون وڏا مظاهرا ڪيا ويندا.
ايم ڪيو ايم آمريڪا جي زير اهتمام مهاجرن جي پاڪستان ۾ ٿيندڙ نسل ڪشي ، گرفتارين ۽ رياستي ظلمن جي خلاف 25 جولائي بروز ڇنڇر تي آمريڪي وقت جي مطابق  منجنهد 2 وڳي واشنگٽن ڊي سي ۾ وائيٽ هائوس ۽ نيو يارڪ ۾ اقوام متحده جي سامهون وڏا مظاهرا ڪيا ويندا.
Read More    Posted on: 24 Jul 2015
رابطا ڪميٽي ميمبر قمر منصور کي سرڪاري حراست ۾ خوف زده ڪرڻ ۽ تشدد ڪرڻ جو نوٽس ورتو وڃي. نديم نصرت.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت مطالبو ڪيو آهي ته رابطا ڪميٽي جي ميمبر قمر منصور کي فوري طور تي اسپتال ۾ داخل ڪرايو وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ نديم نصرت چيو ته قمر منصور کي  غير آئيني ۽ غير قانوني طور تي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ 90 ڏينهن جي ريمانڊ تي وٺي ڪري ڪوڙن مقدمن ۾ ملوث ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي.
Read More    Posted on: 24 Jul 2015
اليڪشن ڪميشن کي آرٽيڪل 62 جي تحت عمران خان جي قومي اسيمبلي جي سيٽ ختم ڪرڻ جي لاءِ اسان خط لکيو آهي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
متحده قومي موومينٽ آئين جي آرٽيڪل 62 جي تحت اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي قومي اسيمبلي جي سيٽ ختم ڪرڻ جي لاءِ خط لکيو آهي، جوڊيشل ڪميشن جي رپورٽ ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته 2013 جي اليڪشن ۾ منظم ڌاندلي نه ٿي هئي، عمران خان قوم جو قيمتي وقت ۽ اربين روپيا ضايع ڪيا آهن.
Read More    Posted on: 24 Jul 2015
ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ سخت برساتن جي ڪري ڪرنٽ لڳڻ ۽ ٻين واقعن ۾ شهرين جي هلاڪت تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ سخت طوفاني برساتن جي نتيجي ۾ ڪرنٽ لڳڻ ۽ ٻين واقعن ۾ شهرين جي هلاڪت  تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. 
Read More    Posted on: 24 Jul 2015
ڪلفٽن ۾ قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبر علي رضا عابدي جي ريسٽورينٽ تي رينجر جي طرفان ڇاپو ۽ علي رضا عابدي جي سوٽ جي گرفتاري تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪلفٽن ۾ حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي علي رضا عابدي جي ريسٽورينٽ تي رينجر جي ڇاپي ۽ انهن جي سوٽ جي گرفتاري جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان کي کليل غنڊه گردي ۽ لاقانونيت قرار ڏنو آهي. 
Read More    Posted on: 24 Jul 2015
ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن ۽ نائن زيرو تي سينيئر مهاجر اڪابرن وڏي تعداد ۾ پنهنجا ڪوائف جمع ڪرايا.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي اپيل تي پاڪستان سميت پوري دنيا کان سينيئر مهاجر اڪابرن جي طرفان ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن ۽ نائن زيرو تي وڏي تعداد ۾ ڪوائف موصول ٿي رهيا آهن.
Read More    Posted on: 24 Jul 2015
جوڊيشل ڪميشن جي فيصلي کان پوءِ ڌرڻي جي تحقيقات جي لاءِ سپيريم ڪورٽ جي ججن تي ٻڌل هڪ عدالتي ڪميشن جوڙيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ڌانڌلي جي باري ۾ عدالتي ڪميشن جي فيصلي کان پوءِ سپريم ڪورٽ جي ججن تي ٻڌل هڪ عدالتي ڪميشن به جوڙيو وڃي جيڪو ان ڳالھ جي تحقيقات ڪري ته پاڪستان کان جمهوريت جي تڏا ويڙھ ڪرڻ جي لاءِ عمران خان جي ڌرڻي جي پويان ڪهڙا ماڻهو هئا ۽ ڌرڻي جو انتظام ڪرڻ ۽ ان جي لاءِ پيسا ڏيڻ وارا ماڻهو ڪهڙا هئا.
Read More    Posted on: 23 Jul 2015
ايم ڪيو ايم ڪراچي کان ڪشمور تائين برساتن ۽ سيلاب کان نڀرڻ جي لاءِ ڪي ڪي ايف ۽ ايم ڪيو ايم جي رضاڪارن ۽ ڪارڪنن کي ريڊالرٽ ڪري ڇڏيو آهي ڊاڪٽر فاروق ستار.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته سنڌ حڪومت ماضي وانگر  سنڌ جي شهري علائقن خصوصن ڪراچي سان ماٽيلي ماءُ جهڙو سلوڪ اختيار ڪري رکيو آهي.
Read More    Posted on: 23 Jul 2015
ايم ڪيو ايم سخت برساتن کي سامهون رکندي 24 جولائي بروز جمعي تي اي آر وائي نيوز جي خلاف ٿيندڙ مظاهرو ملتوي ڪري ڇڏيو.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي ۾ سخت برساتن کي سامهون رکندي 24 جولائي بروز جمعي تي اي آر وائي نيوز جي هيڊ آفيس جي سامهون ٿيندڙ مظاهرو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. 
Read More    Posted on: 23 Jul 2015
Items 1306 to 1320 of 2634