Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن ۽ نائن زيرو تي سينيئر مهاجر اڪابرن وڏي تعداد ۾ پنهنجا ڪوائف جمع ڪرايا.


ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن ۽ نائن زيرو تي سينيئر مهاجر اڪابرن وڏي تعداد ۾ پنهنجا ڪوائف جمع ڪرايا.
 Posted on: 7/24/2015
ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن ۽ نائن زيرو تي سينيئر مهاجر اڪابرن وڏي تعداد ۾ پنهنجا ڪوائف جمع ڪرايا.
سينيئر مهاجر اڪابرن جي طرفان سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانگريس ۾ شموليت جي خواهش جو به اظهار.
لنڊن: 24 جولائي 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي اپيل تي پاڪستان سميت پوري دنيا کان سينيئر مهاجر اڪابرن جي طرفان ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن ۽ نائن زيرو تي وڏي تعداد ۾ ڪوائف موصول ٿي رهيا آهن.تفصيلات جي مطابق  گذريل پوين ڏينهن ۾ ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سڄي دنيا ۾ مقيم سينيئر مهاجر اڪابرن سان رابطا ڪري انهن کي پاڪستان ۾ مهاجرن تي ٿيندڙ غير قانوني ظلمن کان آگاھ ڪيو هو ۽ انهن ظلمن جي باري ۾ سڄي دنيا کي آگاھ ڪري سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانگريس ۾ شموليت جي دعوت به ڏني هئي. جناب الطاف حسين جي اپيل تي پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ مقيم سينيئر مهاجر دانشورن ، ليکڪن، صحافين، بيوروڪريٽس، اديبن، شاعرن، تاريخ دانن، پروفيسرن، عالمن سڳورن، صنعتڪارن، واپارين ۽ زندگي جي ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ماهرن سينيئر ورلڊ ڪانگريس ۾ شموليت جي خواهش جو اظهار به ڪيو آهي. سينيئر مهاجر اڪابرن جي طرفان چيو ويو آهي ته مهاجرن جي ڇنيل حقن جي حصول جي لاءِ مهاجر صوبي جو قيام انتهائي اڻٽر آهي ۽ ان سلسلي ۾ اهي سڄي دنيا ۾ پنهنجيون خدمتون پيش ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن.  سينيئر مهاجر اڪابرن جي طرفان  وڏي تعداد ۾ ڪوائف نامه ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن ۽ نائن زيرو تي فيڪس، اي ميل ۽ ٽپال جي ذريعي موڪليا ويا آهن ۽ ڪوائف نامه موڪلڻ جو سلسلو به مسلسل جاري آهي.

6/30/2024 5:46:18 AM