ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ سخت برساتن جي ڪري ڪرنٽ لڳڻ ۽ ٻين واقعن ۾ شهرين جي هلاڪت تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
ڪراچي سميت برسات کان متاثر ٿيندڙ ٻين شهرن ۾ ايمرجنسي نافذ ڪئي وڃي. حڪومت کان جناب الطاف حسين جو مطالبو.
لنڊن؛ 24 جولائي 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ سخت طوفاني برساتن جي نتيجي ۾ ڪرنٽ لڳڻ ۽ ٻين واقعن ۾ شهرين جي هلاڪت تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ٿيندڙ سخت برساتن جي نتيجي ۾ بجلي جا ڪرنٽ لڳڻ، ڀتيون ڪرڻ ۽ ٻين واقعن ۾ معصوم ٻارن ۽ عورتن سميت ڪيترا ئي شهري هلاڪ ۽ زخمي ٿي چڪا آهن پر حڪومت جي طرفان بچاءُ جا ڪي به اپاءَ نظر نه آيا آهن. جناب الطاف حسين هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي هلاڪ ٿيندڙن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي. آمين. ان کان علاوه جناب الطاف حسين حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ برساتن کان متاثر ٿيندڙ شهرن ۾ ايمرجنسي نافذ ڪئي وڃي ۽ شهرين جي جان و مال جي تحفظ جي لاءِ فوري طور تي قدم کنيا وڃن.
*****