ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين ذميواريون پوريون نه ڪرڻ تي رابطا ڪميٽي ڪراچي کي هٽائي ڇڏيو. ايم ڪيو ايم جو اعلان.
ڪهف الورٰي ، عبدالحسيب ۽ عارف خان رابطا ڪميٽي جا ميمبر رهندا.
رابطا ڪميٽي ڪراچي جي هٽايل ميمبرن کي درخواست آهي ته اهي نائن زيرو اچڻ جي تڪليف نه ڪن.
ايم ڪيو ايم جا سينيئر ميمبر پنهنجا ڪوائف نائن زيرو تي جمع ڪرائين ته جيئن نئين رابطا ڪميٽي جوڙي سگهجي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن: 25 جولائي 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي ميمبرن جي طرفان بار بار قسمون کڻڻ ، حلفيه بيانن ۽ وعدن جي باوجود پنهنجيون ذميواريون پوري نه ڪرڻ تي رابطا ڪميٽي ڪراچي کي هٽائي ڇڏيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته رابطا ڪميٽي لنڊن جي باري ۾ اڄ يا ڪالھ فيصلو ڪيو ويندو. جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي سمورن زونن ۽ سيڪٽرن سان تعلق رکندڙ سينيئر ميمبرن کي چيو آهي ته جيڪي سينيئر ميمبر پاڻ کي رابطا ڪميٽي جي ذميواري سنڀالڻ جي لاءِ اهل سمجهن ٿا ته اهي اڄ ئي فوري طور تي پنهنجا نالا، موبائيل نمبر، ايڊريسون ۽ گهر جو ٽيليفون نمبر ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي درج ڪرائين ته جيئن انهن سينيئر ميمبرن کان انٽرويو ڪرڻ کان پوءِ نئين رابطا ڪميٽي تشڪيل ڏيئي سگهجي. واضع رهي ته ڪهف الورٰي ، عبدالحسيب ۽ عارف خان ايڊووڪيٽ رابطا ڪميٽي جا ميمبر رهندا. ان کان علاوه رابطا ڪميٽي ڪراچي جي هٽايل ميمبرن کي درخواست ڪئي وئي آهي ته اهي نائن زيرو اچڻ جي تڪليف نه ڪن.