Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
نثار کوڙو مهرباني ڪري قوم کي انهن قوتن جو نالو به ٻڌائي ڇڏي جيڪي سنڌ ۾ پي پي کي حڪومت ڪرڻ ڏيڻ نه ٿيون چاهين.ايم ڪيو ايم جا سينيئر ميمبر محمد اشفاق، ڊاڪٽر سليم دانش ۽ سيد مصطفٰي عزيز آبادي.
متحده قومي موومينٽ جي سينيئر ميمبرن محمد اشفاق، ڊاڪٽر سليم دانش ۽ سيد مصطفٰي عزيز آبادي سنڌ جي سينيئر وزير نثار کوڙي جي ان بيان تي ته“ ڪجھ قوتون پي پي کي سنڌ ۾ حڪومت ڪرڻ ڏيڻ نه ٿيون چاهين” تي تبصرو ڪندي جناب نثار کوڙي کان سوال ڪيو ته مهرباني ڪري اهي قوم کي انهن قوتن جو نالو به ٻڌائي ڇڏين جيڪي سنڌ ۾ پي پي کي حڪومت ڪرڻ ڏيڻ نه ٿيون چاهين.
Read More    Posted on: 28 Aug 2015
ڪراچي جي مختلف علائقن مان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي لڳاتار غير قانوني گرفتارين تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي جي مختلف علائقن مان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي غير قانوني گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته رينجر جي اهلڪارن ايم ڪيو ايم لياقت آباد يونٽ 164 جي ڪارڪنن شيخ ظهور ۽ شيخ امير جيڪي پاڻ ۾ سڳا ڀائر به آهن کي گلشن اقبال مان گرفتار ڪري ورتو. 
Read More    Posted on: 27 Aug 2015
اڄ سنڌ ۾ جيڪو ڪجھ ٿي رهيو آهي ان جي ذميوار صرف پي پي جي قيادت آهي. رابطا ڪميٽي جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت.
متحده قومي موومينٽ جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت نيب جي ڪاروائين تي پي پي جي قائدين جي بيانن تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته اڄ سنڌ ۾ جيڪو ڪجھ ٿي رهيو آهي ان جي ذميوار ڪوئي ٻيو نه صرف ۽ صرف پي پي جي قيادت آهي.
Read More    Posted on: 27 Aug 2015
دنيا جي ڪنهن به عدالت ۾ اهو ثابت ڪري سگهان ٿو ته ڪراچي آپريشن هڪ طرفو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته  ڪراچي آپريشن جي باري ۾ چيو ويو هو ته اهو ڪنهن سياسي جماعت جي خلاف نه ڪيو ويندو. بلڪه ڏوهارين، دهشت گردن، انتها پسند جهادي تنظيمن ۽ فرقي وارانه فساد ڪرڻ وارن جي خلاف ڪيو ويندو.
Read More    Posted on: 27 Aug 2015
چنگ چي رڪشن تي پابندي جي ڪري شهرين جي مشڪلاتن ۽ پريشانين تي سنڌ اسيمبلي جي سابق حق پرست ميمبرن جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
سنڌ اسيمبلي جي سابق حق پرست ميمبرن شهر ۾ چنگ چي رڪشن تي پابندي جي ڪري شهرين جي ڏکيائين ۽ پريشانين ۾ اضافي تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪراچي جي شهرين جي لاءِ وڌندڙ آبادي جي مناسبت سان سفر جون سهولتون نه هجڻ جي برابر آهن ان جي ڪري حڪومت فوري طور تي گرين بس سروس سميت ٻيون سفر جون سهولتون فراهم ڪري.
Read More    Posted on: 26 Aug 2015
ڪي اليڪٽرڪ جي طرفان بجلي جي اگهن ۾ بغير ڪنهن جواز جي اضافي ۽ صارفين کي اضافي بل موڪلڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪي اليڪٽرڪ جي طرفان بجلي جي اگهن ۾ اضافي ۽ صارفين کي اضافي بل موڪلڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان اقدام کي ڪراچي وارن سان کليل دشمني قرار ڏنو آهي.
Read More    Posted on: 25 Aug 2015
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو ايم ڪيو ايم جي سي اي سي ميمبر ۽ سرگرم ڪارڪن محترمه شمع منشي سان فون تي ڳالھ ٻولھ.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي سي اي سي ميمبر ۽ سرگرم ڪارڪن شمع منشي سان فون تي ڳالھ ٻولھ ڪندي انهن جي والد قطب الدين جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
Read More    Posted on: 25 Aug 2015
هڪ ٽي وي چينل کي ڏنل قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي انٽرويو ۾ ڪائي به قابل اعتراض ڳالھ ثابت ڪئي وڃي ته هڪ ڪروڙ روپين جو انعام ڏنو ويندو. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته گذريل پوين ڏينهن ۾ هڪ ٽي وي چينل کي ڏنل قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي انٽرويو کي پيمرا جي طرفان لڳايل غير قانوني پابندي جي ڪري ٽيلي ڪاسٽ نه ڪيو ويو هو.
Read More    Posted on: 25 Aug 2015
رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينرن ڪهف الورٰي، شاهد پاشا، رابطا ڪميٽي ميمبر زرين مجيد ۽ سي اي سي ميمبرن سي اي سي ميمبر شمع منشي جي والد قطب الدين جي وفات تي انهن جي تڏي تي وڃي ڪري تعزيت ڪئي.
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينرن ڪهف الورٰي ، شاهد پاشا، رابطا ڪميٽي ميمبر زرين مجيد۽ سي اي سي ميمبرن طارق جاويد، ڪنور خالد يونس، ڊاڪٽر عاصم رضا، ابوبڪر صديقي ۽ ٻين سي اي سي ميمبر شمع منشي جي والد قطب الدين جي وفات تي انهن جي تڏي تي وڃي ڪري تعزيت ۽ دلي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.
Read More    Posted on: 24 Aug 2015
ايم ڪيو ايم جي شعبي سي اي سي جي ميمبر شمع منشي جي والد قطب الدين جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سي اي سي ميمبر شمع منشي جي والد قطب الدين جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين شمع منشي سميت مرحوم جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن.ا
Read More    Posted on: 24 Aug 2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي رشيد گوڏيل سان فون تي ڳالھ ٻولھ.
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين رشيد گوڏيل کي فون ڪري انهن جي خيريت دريافت ڪئي ۽ انهن جي صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي. جناب الطاف حسين رشيد گوڏيل سان ڳالھ ٻولھ ڪندي انتهائي جذباتي ۽ آبديده ٿي ويا ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي اوهان کي جلد کان جلد صحتيابي عطا فرمائي. 
Read More    Posted on: 24 Aug 2015
جناب الطاف حسين جي خطابن تي پابندي عائد ڪرڻ تي پيمرا جي خلاف اسلام آباد، ملتان، لاهور ۽ گجرانوالا ۾ احتجاجي مظاهرن جو انعقاد.
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي خطابن کي ٽي وي چينلن تي نشر نه جي ڪرڻ جي خلاف ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام اسلام آباد، لاهور، ملتان ۽ گجرانوالا ۾ پيمرا جي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. جن ۾ ذميوارن ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
Read More    Posted on: 23 Aug 2015
ايم ڪيو ايم علماء ڪميٽي جي ميمبر نبيل احمد جي والد عبدالحي خان جي وفات تي رابطا ڪميٽي جي طرفان افسوس جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم علماء ڪميٽي جي ميمبر نبيل احمد جي والد عبدالحي جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. 
Read More    Posted on: 23 Aug 2015
ايم ڪيو ايم جي شعبي سي اي سي جي ميمبر شمع منشي جي والد قطب الدين جي علالت تي جناب الطاف حسين جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم سي اي سي جي ميمبر شمع منشي جي والد قطب الدين جي علالت تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ انهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي آهي. جناب الطاف حسين ڪارڪنن، همدردن، امڙين، ڀينرن ۽ بزرگن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي شمع منشي جي والد جي صحتيابي جي لاءِ الله تعالٰي جي حضور خصوصي دعائون ڪن. 
Read More    Posted on: 23 Aug 2015
وفاقي وزير احسن اقبال، سينيٽر نهال هاشمي، حاجي غلام علي، قومي اسيمبلي ميمبر شاهين شفيع، شرميلا فاروقي ۽ ٻين اسپتال ۾ وڃي ڪري رشيد گوڏيل جي عيادت ڪئي.
             پاڪستان مسلم ليگ ن جي وفاقي وزير احسن اقبال، سينيٽر نهال هاشمي، فاٽا سان تعلق رکندڙ سينيٽر حاجي غلام علي، قومي اسيمبلي ميمبر شاهين شفيع ۽ شرميلا فاروقي لياقت نيشنل اسپتال ۾ وڃي ڪري رشيد گوڏيل جي عيادت ڪئي ، انهن جي خيريت  دريافت ڪئي ۽ انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو ۽ انهن کي گلدستا به پيش ڪيا. انهن رشيد گوڏيل تي قاتلانه حملي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته رشيد گوڏيل تي قاتلانه حملي ۾ ملوث وحشي دهشت گردن کي فوري طور تي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو وڃي. ان موقعي تي انهن رشيد گوڏيل جي صحت يابي جي لاءِ دعا به ڪئي.
Read More    Posted on: 23 Aug 2015
Items 1156 to 1170 of 2634