Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت قمر منصور جي والده محترمه فهميده اختر جي فون تي خيريت دريافت ڪئي.
 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت رابطا ڪميٽي جي ميمبر قمر منصور جي والده محترمه فهميده اختر کي فون ڪري انهن جي خيريت دريافت ڪئي.قمر منصور جي والده ڪافي عرصي کان بيمار آهن ۽ قمر منصور جي گرفتاري کان پوءِ انهن جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي.
Read More    Posted on: 18 Jul 2015
عابد شير علي پهرين پنهنجي جماعت جي وفاقي وزير دفاع خواجه آصف جي خلاف مقدمو درج ڪرائين. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي وزير مملڪت عابد شير علي پنهنجي اوقات کان وڌي ڪري بيان ڏيڻ جي بجاءِ پهرين پنهنجي جماعت جي وفاقي وزير دفاع خواجه آصف جي خلاف مقدمو درج ڪرائين. 
Read More    Posted on: 18 Jul 2015
رابطا ڪميٽي ميمبر قمر منصور ۽ ٻين گرفتار ٿيلن کي فوري طور تي رها ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته نفرت واري تقرير جي نالي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي رهنمائن جي خلاف سڄي ملڪ ۾ مقدما قائم ڪيا پيا وڃن ۽ نائن زيرو تي ڇاپو هڻي ڪري رابطا ڪميٽي انچارج ڪهف الورٰي ۽ رابطا ڪميٽي ميمبر قمر منصور کي گرفتار ڪري ورتو، پر جڏهن ته ٻئي طرف پابندي وڌل تنظيمون سڄي ملڪ ۾ کلي عام نه صرف ڪم ڪري رهيون آهن بلڪه جلسا به ڪري رهيون آهن پر انهن جي خلاف ڪائي به ڪاروائي نه ٿي ڪئي وڃي. 
Read More    Posted on: 18 Jul 2015
ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ ۽ مهاجرن کي هن ڌرتي تان ميٽڻ جي لاءِ آپريشن ڪيو پيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ ۽ مهاجرن کي هن ڌرتي تان ميٽڻ جي لاءِ آپريشن ڪيو پيو وڃي. ان جي ڪري تحريڪ جا ڪارڪنَ هر وڏي کان وڏي آزمائش جي لاءِ تيار رهن.
Read More    Posted on: 18 Jul 2015
ايم ڪيو ايم ڪنهن به ملڪ کان پيسا يا مدد نه ٿي وٺي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته اسان پاڪستان بڻائين وارا آهيون ۽ اسان پاڪستان کي سلامت ڏسڻ چاهيون ٿا پر ڪراچي آپريشن جي آڙ ۾ اسان کي رياستي ظلمن جو نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ اسان تي انڊيا سان تعلق ۽ ان کان پيسا وٺڻ جو بهتان به لڳايو پيو وڃي.
Read More    Posted on: 06 Jul 2015
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ۽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي وچ ۾ ٽيليفونڪ تي رابطو ٿيو. ٻنهي رهنمائن جي وچ ۾ ملڪ خصوصن سنڌ جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٽ ڪئي وئي. جناب الطاف حسين آغا سراج دراني سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته رينجر جي طرفان سنڌ ۾ ڏوهاري ماڻهن جي بجاءِ عام شهرين جي خلاف ايڪشن ڪيو پيو وڃي ۽ بي گناھ شهرين کي ظلمن جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
Read More    Posted on: 06 Jul 2015
ايف آئي اي کي سنڌ ۾ اضافي اختيار ڏيڻ جي معاملي تي وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ جو بيان جرتمندانه ۽ سو سيڪڙو صحيح آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين وزير اعلٰي سنڌ سيدقائم علي شاھ جي ان بيان کي جرتمندانه ۽ سو سيڪڙو صحيح قرار ڏنو آهي جنهن ۾ وزير اعلٰي سنڌ ايف آئي اي کي سنڌ ۾ اضافي اختيار ڏيڻ جي معاملي کي سنڌ تي حملو ۽ زيادتي قرار ڏنو آهي.
Read More    Posted on: 06 Jul 2015
بينڪن جي کاتي دارن کان 6 .0 سيڪڙو جي حساب سان ڪٽوتي ڪرڻ جي ڪاري قانون تي واپاري برادري جيڪو به لائحه عمل تيار ڪندي ايم ڪيو ايم ان جي ڀرپور حمايت ڪندي. رابطا ڪميٽي جو اعلان.
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي اعلان ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت جي طرفان بينڪن جي کاتي دارن کان 6 .0 سيڪڙو جي حساب ڪٽوتي ڪرڻ جي ڪاري قانون تي واپاري برادري جيڪو به لائحه عمل تيار ڪندي ايم ڪيو ايم ان جي ڀرپور حمايت ڪندي. 
Read More    Posted on: 05 Jul 2015
صرف ۽ صرف مهاجر دشمني ۾ ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. رابطا ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر سليم دانش.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ۽ ايم ڪيو ايم برطانيه جي آرگنائيزر ڊاڪٽر سليم دانش  چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ڪروڙين عوام جي نمائنده جماعت آهي. پر صرف مهاجر دشمني ۾ ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. 
Read More    Posted on: 05 Jul 2015
رينجر جو بيان ان حقيقت جو اعتراف آهي ته آپريشن صرف ايم ڪيو ايم جي خلاف ٿي رهيو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم جي بي گناھ عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين تي رينجر جي طرفان وضاحتي بيان کي انتهائي گمراھ ڪن قرار ڏيندي چيو آهي ته رينجر جي ترجمان جو بيان ان حقيقت جو اعتراف آهي ته آپريشن صرف ۽ صرف ايم ڪيو ايم جي خلاف ٿي رهيو آهي
Read More    Posted on: 05 Jul 2015
اردو جي معروف ناول نگار عبدالله حسين جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين اردو جي معروف ناول نگار عبدالله حسين جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته عبدالله حسين جي وفات سان اردو ادب ۾ هڪ وڏو خلا پيدا ٿي ويو آهي. 
Read More    Posted on: 04 Jul 2015
ڪراچي ۾ تجاوات جي خلاف ڪاروائي جي آڙ ۾ سنڌ حڪومت ڪراچي جي شهرين کي انتقامي ڪاروائين جو نشانو بڻائي رهي آهي. ايم ڪيو ايم جا اسيمبلي ميمبر.
ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن سنڌ حڪومت جي طرفان فيڊرل بي ايريا ۾ بوهري ڪميونٽي جو شادي هال ڪيرائڻ جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ تجاوات جي خلاف ڪاروائي جي آڙ ۾ پي پي جي سنڌ حڪومت ڪراچي جي شهرين کي انتقامي ڪاروائين جو نشانو بڻائي رهي آهي.
Read More    Posted on: 04 Jul 2015
ڪجھ عورتون ۽ مرد اينڪر پرسنَ ڳجهن اشارن تي ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف جي لاءِ عطيات گڏ ڪرڻ جي خلاف زور و شور سان مهم هلائي رهيا آهن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڪجھ عورتون ۽ مرد اينڪر پرسنَ ڳجهن اشارن تي وڏا پيسا وٺي ڪري ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪوڙن الزامن تي ٻڌل ٽي وي ٽاڪ شوز ڪرڻ کان علاوه اڄ ڪالھ ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف جي لاءِ زڪوٰت ۽ فطري جا عطيات ۽ قرباني جون کلون گڏ ڪرڻ جي خلاف به وڏي زور و شور سان مهم هلائي رهيا آهن
Read More    Posted on: 04 Jul 2015
ڪراچي آپريشن جي آڙ ۾ ايم ڪيو ايم جي تنظيمي ۽ فلاحي سرگرمين کي مفلوج ڪيو پيو وڃي. ڊاڪٽر فاروق ستار.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ايم ڪيو ايم يا ڪي ڪي ايف جو ڪوئي به ميمبر ڏاڍ جي زور تي عوام کان فطرو يا زڪوٰت وصول نه ڪري رهيو آهي. ايم ڪيو ايم جي سياسي ۽ فلاحي سرگرمين تي غير اعلانيه پابندي لڳائي وئي آهي.
Read More    Posted on: 04 Jul 2015
ڊي آئي جي سلطان خواجه کي ڊيڄاري ڪري مجبور ڪيو پيو وڃي ته اهي آئي جي سنڌ کان معافي وٺن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف کي مخاطب ڪندي انهن کان واضع لفظن ۾ مطالبو ڪيو ته اهي ڪراچي جي ڊي آئي جي سلطان خواجه تي آئي ايس آئي، ايم آئي، رينجر، سنڌ حڪومت ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ جي ان دٻاءُ جو سختي سان نوٽس وٺن جنهن جي تحت سلطان خواجه کي ڊيڄاري ڪري مجبور ڪيو پيو وڃي ته اهي آئي جي سنڌ کان معافي وٺن. 
Read More    Posted on: 04 Jul 2015
Items 1351 to 1365 of 2634