Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام 13 ۽ 14 آگسٽ تي جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ جشن آزادي وڏي شاندار طريقي سان ملهائي ويندي.ايم ڪيو ايم.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي هدايت تي ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام پاڪستان جو 68 هون جشن آزادي وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو.
Read More    Posted on: 11 Aug 2015
نبيل گبول جي طرفان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي مٿان ڪوڙا الزام هڻڻ تي ايم ڪيو ايم جا وڪيل انهن الزامن جو جائزو وٺي رهيا آهن. رابطا ڪميٽي.
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي سابق ميمبر قومي اسيمبلي نبيل گبول جي طرفان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين تي قتل جي ڌمڪين جي الزامن کي بلڪل ڪوڙ، من گهڙت ۽ ايم ڪيو ايم جي قيادت کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش قرار ڏنو آهي.
Read More    Posted on: 11 Aug 2015
نبيل گبول احسان فراموشي نه ڪن ۽ پنهنجي اوقات ۾ رهن. رابطا ڪميٽي ميمبر قاسم علي رضا.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر قاسم علي رضا سابق ميمبر قومي اسيمبلي نبيل گبول جي بيهوده بڪواس ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين تي بي بنياد بهتان هڻڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته نبيل گبول احسان فراموشي نه ڪن ۽ پنهنجي اوقات ۾ رهن.
Read More    Posted on: 11 Aug 2015
ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن جي ميمبر محمد احسان جي ڀاءُ محمد محسن جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن جي ميمبر محمد احسان جي ڀاءُ محمد محسن جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين مرحوم جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن.
Read More    Posted on: 10 Aug 2015
ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتل، ڇاپن، گرفتارين ۽ ڪارڪنن کي لاپتا ڪرڻ جي خلاف لنڊن 10 ڊائوننگ اسٽريٽ تي ايم ڪيو ايم جو احتجاجي مظاهرو.
ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن، ڇاپن،گرفتارين ۽ انهن کي لاپتا ڪرڻ جي واقعن جي خلاف ايم ڪيو ايم جي طرفان لنڊن ۾ برطانوي وزير اعظم جي سرڪاري رهائشگاھ 10 ڊائوننگ اسٽريٽ جي سامهون هڪ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. 
Read More    Posted on: 10 Aug 2015
منظور وساڻ کي نفسياتي علاج جي سخت ضرورت آهي. حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي محمد حسين.
متحده قومي موومينٽ جي ميمبر سنڌ اسيمبلي محمد حسين چيو آهي ته صوبائي وزير منظور وساڻ نفسياتي مرض جو شڪار آهن ۽ انهن کي نفسياتي علاج جي سخت ضرورت آهي.
Read More    Posted on: 10 Aug 2015
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ۽ حق پرست اسيمبلي ميمبرن جي وفد جو ايم ڪيو ايم جي فوٽو سيڪشن جي شهيد ميمبر محمد هاشم جي گهر جو دورو.
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي هدايت تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ۽ حق پرست اسيمبلي ميمبرن جي وفد ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڪارڪن ۽ فوٽو سيڪشن جي ميمبر محمد هاشم شهيد جي گهر جو دورو ڪيو. 
Read More    Posted on: 10 Aug 2015
ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن جي ميمبر محمد احسان جي ڀاءُ محمد محسن مرحوم کي نارٿ ڪراچي جي محمد شاھ قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
              ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن جي ميمبر محمد احسان جي ڀاءُ محمد محسن کي نارٿ ڪراچي جي محمد شاھ قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. مرحوم جي جنازي نماز مسجد قبا ۾ ادا ڪئي وئي. محمد محسن جي جنازي نماز ۽ تدفين ۾ سي اي سي ميمبر احمد سليم صديقي، حق پرست اسيمبلي ميمبرن وسيم قريشي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان کان پوءِ مرحوم جي روح جي ايصال و ثواب جي لاءِ دعا به ڪئي وئي.
Read More    Posted on: 10 Aug 2015
ماورائي عدالت قتل ڪيل ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن محمد هاشم شهيد جي قبرڪشائي ۽ انهن جي ميت پونئرن جي حوالي ڪرڻ جي ڪاروائي 11 آگسٽ بروز اڱاري تي ڪئي ويندي.

             ماورائي عدالت قتل ڪيل ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن محمد هاشم شهيد جي قبر ڪشائي ۽ انهن جي ميت انهن جي پونئرن جي حوالي ڪرڻ جي ڪاروائي ڪالھ 11 آگسٽ بروز اڱاري تي ڪئي ويندي.تفصيلات جي مطابق اڄ سومر تي ايم ڪيو ايم جي وڪيلن محمد هاشم شهيد جي قبرڪشائي جي لاءِ حيدرآباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد لقمان ميمڻ جي عدالت ۾ تحريري درخواست دائر ڪئي.
Read More    Posted on: 10 Aug 2015
سنڌ اسيمبلي جي ٻاهران معذور ماڻهن ۽ معذور عورتن تي پوليس جي وحشياڻي تشدد تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي سنڌ اسيمبلي جي ٻاهران پنهنجن مطالبن جي حق ۾ احتجاج ڪرڻ وارن معذور ماڻهن ۽ معذور عورتن تي وحشياڻي تشدد جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
Read More    Posted on: 10 Aug 2015
مان ڪالھ به قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو وفادار هئس، اڄ به آهيان ۽ آئنده به رهندس.
متحده قومي موومينٽ پنجاب ضلع ننڪانه صاحب جي صدر ۽ هائي ڪورٽ جي وڪيل سيد مجتبٰي حسن گيلاني چيو آهي ته مان ڪالھ به قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو وفادار هئس، اڄ به آهيان ۽ آئنده به رهندس. 
Read More    Posted on: 10 Aug 2015
لياري، ملير ۽ اورنگي ٽائون ۾ رينجر ۽ ساده لباس ۾ ملبوس پوليس اهڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن تي غير آئيني ۽ غير قانوني ڇاپن ۽ گرفتارين تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي لياري، ملير ۽ اورنگي ٽائون ۾ رينجر ۽ ساده لباس ۾ ملبوس پوليس اهلڪارن  جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن تي غير قانوني ڇاپن ۽ 5 ڪارڪنن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته 8 آگسٽ تي رينجر لياري سيڪٽر يونٽ 32 جي ڪارڪن محمد ناصر، جڏهن ته ساده لباس ۾ ملبوس پوليس اهلڪارن اورنگي ٽائون سيڪٽر يونٽ 118 سي جي ڪارڪن ظهير الدين کي انهن جي گهرن تان گرفتار ڪري ورتو. 
Read More    Posted on: 09 Aug 2015
ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام پاڪستان جو 68 هون يوم آزادي وڏي شاندار طريقي سان ملهايو ويندو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام پاڪستان جو 68 هون يوم آزادي وڏي شاندار طريقي سان ملهايو ويندو ۽ ان سلسلي ۾ 13 ۽ 14 آگسٽ تي جناح گرائونڊ ۾ جشن آزادي جا وڏا اجتماع منعقد ڪيا ويندا. اهو اعلان جناب الطاف حسين نائن زيرو تي تنظيمي ذميوارن جي هڪ اهم اجلاس کي فون تي خطاب ڪندي ڪيو. 
Read More    Posted on: 09 Aug 2015
ايم ڪيو ايم جي ميمبر صوبائي اسيمبلي رئوف صديقي جي پارٽي ميمبر شپ معطل ڪئي وئي آهي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جو هڪ گڏيل اجلاس ٿيو جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي رئوف صديقي ذهني ۽ نظرياتي طور تي مڪمل مفلوج ٿي چڪا آهن.
Read More    Posted on: 09 Aug 2015
قصور ۾ ٻارن سان جنسي زيادتين جو اسڪينڊل انتهائي شرمناڪ آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پنجاب جي شهر قصور ۾ ٻارن سان جنسي زيادتي جي اسڪينڊل کي انتهائي شرمناڪ قرار ڏيندي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته وحشياڻي واقعي ۾ ملوث سمورن وحشين کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي.
Read More    Posted on: 09 Aug 2015
Items 1231 to 1245 of 2634