Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اليڪشن ڪميشن کي آرٽيڪل 62 جي تحت عمران خان جي قومي اسيمبلي جي سيٽ ختم ڪرڻ جي لاءِ اسان خط لکيو آهي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.


اليڪشن ڪميشن کي آرٽيڪل 62 جي تحت عمران خان جي قومي اسيمبلي جي سيٽ ختم ڪرڻ جي لاءِ اسان خط لکيو آهي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
 Posted on: 7/24/2015
اليڪشن ڪميشن کي آرٽيڪل 62 جي تحت عمران خان جي قومي اسيمبلي جي سيٽ ختم ڪرڻ جي لاءِ اسان خط لکيو آهي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
عمران خان جو  ڪردار ملڪي ۽ عالمي ميڊيا جي ذريعي پوري دنيا جي سامهون آهي. ڪنور نويد جميل.
ڌرڻڻ ۾ اربين روپيا ڪٿان آيا ؟وسيم اختر.
خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس.
ڪراچي؛ 24 جولائي 2015 
             متحده قومي موومينٽ آئين جي آرٽيڪل 62 جي تحت اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي قومي اسيمبلي جي سيٽ ختم ڪرڻ جي لاءِ خط لکيو آهي، جوڊيشل ڪميشن جي رپورٽ ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته 2013 جي اليڪشن ۾ منظم ڌاندلي نه ٿي هئي، عمران خان قوم جو قيمتي وقت ۽ اربين روپيا ضايع ڪيا آهن. انهن خيالن جو اظهار رابطا ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي خورشيد بيگم سڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر ڪنور نويد جميل، وسيم اختر ، شبير احمد قائم خاني، عظيم فاروقي ۽ عارف خان به موجود هئا. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته پوري قوم عمران خان کان سوال ڪرڻ چاهي ٿي ته اهي ٻڌائين ته انهن ڪنهن جي اشارن تي 126 ڏينهن جو ڌرڻو ڏنو ۽ ڪوڙ ڳالهائي ڪري قوم جو وقت ضايع ڪيو، وقت اچي ويو آهي ته سموريون سياسي جماعتون ۽ جمهوري قوتون هڪ ٿي ڪري اهڙن ماڻهن جو ڪڙو احتساب ڪن جيڪي جمهوريت جي جي تڏا ويڙھ ڪرڻ جا خواهشمند آهن. ايم ڪيو ايم ان سلسلي ۾ عدالتن سان به رجوع ڪيو آهي. انهن چيو ته عمران خان جو ذاتي ڪردارملڪي ۽ عالمي ميڊيا جي ذريعي پوري دنيا جي سامهون آهي. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر ڪنور نويد جميل چيو ته قومي اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت سان مان چيف اليڪشن ڪمشنر آف پاڪستان کي عمران خان جي حوالي سان سمورن ثبوتن ۽ شاهدين سان گڏ هڪ خط لکيو آهي جنهن ۾ عمران خان جي قومي اسيمبلي جي سيٽ ختم ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي. خط ۾ عمران خان جي آمريڪا ۾ پيدا ٿيندڙ نياڻي ٽيرائن وائيٽ جي حوالي سان به انهن جي والده سيتا وائيٽ جي طرفان لاس ايجلنس جي عدالت ۾ ڪيس جو فيصلو به ثبوت جي طور تي موڪليو آهي. جڏهن ته ڌرڻي جي دوران سرڪاري ٽي وي چينل تي حملي ۽ قبضي کان پوءِ عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جي رهنما عارف علوي جي مبينه ٽيليفونڪ ڳالھ ٻولھ جو به معاملو خط ۾ لکيو آهي. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر وسيم اختر چيو ته اسان حڪومت کان اپيل ڪريون ٿا ته اهي جوڊيشل ڪميشن جي رپورٽ جي معاملي تي وڌيڪ تحقيقات ڪن ۽ ڌرڻي جي دوران عمران جي طرفان مشڪوڪ ڳالھ ٻولھ جو به سختي سان نوٽس وٺن.  عمران خان ۽ انهن جي جماعت کان پچيو وڃي ته ڌرڻي تي خرچ ٿيندڙ اربين روپيا ڪٿان آيا؟ جڏهن ته وفاقي وزير دفاع خواجه آصف جي طرفان به ڌرڻي جي پويان آئي ايس آئي جي سابق سربراهن جي مبينه موجودگي جي ڏنل بيانن جي به تحقيقات ڪرائي وڃي.

6/30/2024 5:47:07 AM