Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
لاهور هائي ڪورٽ ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي سڌي ريت خطاب تي ڪابه پابندي عائد نه ڪئي آهي. ايم ڪيو ايم، بيرسٽر محمد علي سيف.
             متحده قومي موومينٽ جي سابق سينيٽر بيرسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته لاهور هائي ڪورٽ ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي سڌي ريت خطاب تي ڪابه پابندي عائد نه ڪئي آهي. ان حوالي سان مختلف ٽي وي چينلن تي هلندڙ خبرن ۾ ڪابه صداقت نه آهي.انهن چيو ته لاهور هائي ڪورٽ سمورن ريسپانڊنٽس کي چيو آهي ته اهي 7 سيپٽمبر تائين عدالت ۾ پنهنجا جواب داخل ڪن. ان کان علاوه عدالت ايڊووڪيٽ جنرل ۽ ڊپٽي ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب کي به عدالت جي روبرو پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي. 
Read More    Posted on: 31 Aug 2015
احتجاجن استعيفٰي ڏيڻ وارن حق پرست اسيمبلي ميمبرن کان پوليس جي سيڪيورٽي واپس وٺڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي احتجاجن استعيفٰي ڏيڻ وارن ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن جي سيڪيورٽي واپس وٺڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان کي ايم ڪيو ايم  سان ظلم ۽ امتيازي سلوڪ قرار ڏنو آهي. 
Read More    Posted on: 31 Aug 2015
نادرا جا ٽي سينٽر بند ڪرڻ جا حڪم ڏيڻ ڪراچي دشمني جي بدترين مثال آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيئرمين نادرا جي طرفان ڪراچي ۾ نادرا جا ٽي سينٽر بند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان عمل کي ڪراچي دشمني جي بدترين مثال قرار ڏنو آهي.
Read More    Posted on: 31 Aug 2015
ڪراچي آپريشن ۾128 ڪارڪنن ۽ همدردن کي ڏاڍ جي زور تي لاپتا ڪيو ويو آهي. ايم ڪيو ايم لاپتا ڪميٽي جو انچارج بابر انيس.
ايم ڪيو ايم جي لاپتا ماڻهن جي ڪميٽي جي انچارج بابر انيس چيو آهي ته اسان جي ابن ڏاڏن هڪ اهڙي رياست بڻائڻ جي لاءِ لکين جانين جون قربانيون ڏنيون هيون جو جتي انهن جي اولادن کي برابر جا حق ملن پر افسوس سان چوڻو پئجي رهيو آهي ته اسلام جي نالي تي حاصل ٿيندڙ رياست ۾ جهڙي طرح سان پنهنجي ئي بي گناھ شهرين کي غير قانوني طور تي لاپتا ڪيو پيو وڃي ۽ انهن جو ماورائي عدالت قتل ڪيو پيو وڃي اهو نه صرف اسلامي اقدار جي خلاف آهي بلڪه ان سان انسانيت به شرمسار ٿي وئي آهي. 
Read More    Posted on: 30 Aug 2015
ڊاڪٽر عاصم حسين جي گرفتاري انتهائي افسوسناڪ عمل آهي. ايم ڪيو ايم جا سينيئر ميمبر ڊاڪٽر سليم دانش ۽ محمد اشفاق.
متحده قومي موومينٽ جي سينيئر ميمبرن ڊاڪٽر سليم دانش ۽ محمد اشفاق پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ سابق وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين جي گرفتاري تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر عاصم تي لڳايل الزام عدالت ۾ ثابت ٿيڻ کان اڳ ئي انهن سان حراست جي دوران ڏوهارين جهڙو سلوڪ ڪرڻ ظلم ۽ ناانصافي آهي. 
Read More    Posted on: 30 Aug 2015
بزنس فورم جي ميمبر ۽ ممتاز بزنس مين سيد آفتاب احمد جي وحشياڻي قتل تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي جي علائقي نارٿ ناظم آباد ۾ دهشت گردن جي هٿان ايم ڪيو ايم بزنس فورم جي ميمبر ۽ ممتاز بزنس مين سيد آفتاب احمد جي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان کي مهاجرن جي نسل ڪشي قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته شهر ۾ ڏوهاري ماڻهن ۽ دهشت گردن جي خلاف جاري ٽارگيٽڊ آپريشن جي باوجود دهشت گردن جي طرفان سرعام شهرين جي قتل و غارتگري جون ڪاروائيون ڳڻتي جي ڳالھ آهي.
Read More    Posted on: 29 Aug 2015
ايم ڪيو ايم بزنس فورم جي ميمبر سيد آفتاب احمد جي قتل تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم بزنس فورم جي ميمبر ۽ ممتاز بزنس مين سيد آفتاب احمد جي قتل تي دلي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين سيد آفتاب احمد شهيد جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي شهيد کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.
Read More    Posted on: 29 Aug 2015
هندو برادري جي ڏڻ “ رڪشا ٻنڌڻ ” جي موقعي تي ايم ڪيو ايم اقليتي امور ڪميٽي جي تحت “ راکي جو ڏڻ ” ملهايو ويو.
هندو برادري جي ڏڻ رڪشا ٻنڌڻ جي موقعي تي ايم ڪيو ايم اقليتي امور ڪميٽي جي تحت راکي جو ڏڻ ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ هندو برادري سان تعلق رکندڙ عورتن راکي جي رسم نڀائيندي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي نالي جون راکيون رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا، رابطا ڪميٽي ميمبرن عارف خان، اسلم خان آفريدي، شبير احمد قائم خاني، ڪمال ملڪ، مطيع الرحمٰن ۽ ٻين جي ٻانهن تي ٻڌيون. 
Read More    Posted on: 29 Aug 2015
هندن جي مذهبي ڏڻ رڪشا ٻنڌڻ جي موقعي تي جناب الطاف حسين جي پاڪستان سميت پوري دنيا جي هندو برادري کي دلي مبارڪباد پيش.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مقيم هندو برادري کي انهن جي مذهبي ڏڻ “ رڪشا ٻنڌڻ ” تي دل جي گهرائين سان مبارڪباد پيش ڪندي فرمايو آهي ته رڪشا ٻنڌڻ به محبت ۽ امن جي تعليم جو ڏڻ آهي.
Read More    Posted on: 29 Aug 2015
رينجر ايم ڪيو ايم فيڊرل بي ايريا سيڪٽر جي انچارج فرحان هاشمي کي بغير ڪنهن جواز جي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي رينجر ۽ پوليس جي طرفان ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي لڳاتار غير قانوني گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي . پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم فيڊرل بي ايريا جي سيڪٽر انچارج  فرحان هاشمي جيڪي نائن زيرو تي اچي رهيا هئا ته انهن کي عائشه منزل وٺان رينجر جي اهلڪارن گرفتار ڪري ورتو آهي. 
Read More    Posted on: 28 Aug 2015
اڄ پي پي جي رهنمائن کي رينجر جا قدمَ سنڌ تي حملو ڇو نظر اچي رهيا آهن؟ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته اڄ  پي پي جي رهنمائن کي رينجر جا قدمَ سنڌ تي حملو نظر اچي رهيا آهن، پر ڪالھ اها ئي پي پي هئي جنهن جولائي ۾ سنڌ ۾ رينجر جي قيام ۾ توسيع ڪئي هئي ۽ ان کي پوليس جا اختيار ڏيڻ جي فيصلي ۾ به واڌ ڪئي هئي. مان پنهنجي ڪنهن به تقرير ۾ اهو نه چيو آهي ته فوج سان جنگ ٿيندي. 
Read More    Posted on: 28 Aug 2015
سيالڪوٽ جي سرحدي علائقن ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ مذمت جوڳي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سيالڪوٽ جي سرحدي علائقن ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ڀارتي فوج جي فائرنگ جي نتيجي ڪيترن ئي بي گناھ پاڪستاني شهرين جي شهيد ۽ زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اهي اڄ نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي ۽ تنظيمي شعبن جي ميمبرن کي خطاب ڪري رهيا هئا. 
Read More    Posted on: 28 Aug 2015
ايم ڪيو ايم جي سينيئر ميمبر عامر خان کي رابطا ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ايم ڪيو ايم جي سينيئر ميمبر عامر خان کي رابطا ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ان ڳالھ جو اعلان ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي شعبن جي ميمبرن جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.
Read More    Posted on: 28 Aug 2015
سيد قائم علي شاھ جي طرفان ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري کي سنڌ تي حملو قرار ڏيڻ سمجھ کان ٻاهر آهي. ايم ڪيو ايم جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت.
متحده قومي موومينٽ جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت ڪراچي ۾ انڊر پاس جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ جي ڳالھ ٻولھ جي ڪجھ حصن تي اعتراض ڪندي انهن کي حقيقتن جي بلڪل خلاف قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ نديم نصرت چيو ته وزيرا علٰي جي اها ڳالھ سمجھ کان ٻاهر ۽ قابل اعتراض آهي ته رينجر جي طرفان ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري سنڌ تي حملو آهي. وزير اعلٰي سنڌ بيان ڏيندي وقت اهو وساري ويٺا ته حملو هميشه ڪپتان جي قيادت ۾ ئي ٿيندو آهي.
Read More    Posted on: 28 Aug 2015
ايم ڪيو ايم برطانيه جي آرگنائيزنگ ڪميٽي جي ميمبر نعيم آرائين جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم برطانيه جي آرگنائيزنگ ڪميٽي جي ميمبر نعيم آرائين جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين مرحوم جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن.
Read More    Posted on: 28 Aug 2015
Items 1141 to 1155 of 2634