Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم ڪراچي کان ڪشمور تائين برساتن ۽ سيلاب کان نڀرڻ جي لاءِ ڪي ڪي ايف ۽ ايم ڪيو ايم جي رضاڪارن ۽ ڪارڪنن کي ريڊالرٽ ڪري ڇڏيو آهي ڊاڪٽر فاروق ستار.


ايم ڪيو ايم ڪراچي کان ڪشمور تائين برساتن ۽ سيلاب کان نڀرڻ جي لاءِ ڪي ڪي ايف ۽ ايم ڪيو ايم جي رضاڪارن ۽ ڪارڪنن کي ريڊالرٽ ڪري ڇڏيو آهي ڊاڪٽر فاروق ستار.
 Posted on: 7/23/2015
ايم ڪيو ايم ڪراچي کان ڪشمور تائين برساتن ۽ سيلاب کان نڀرڻ جي لاءِ ڪي ڪي ايف ۽ ايم ڪيو ايم جي رضاڪارن ۽ ڪارڪنن کي ريڊالرٽ ڪري ڇڏيو آهي ڊاڪٽر فاروق ستار.
صحت جي مرڪزن، ڪي اليڪٽرڪ ۽ پوليس و انتظاميه کي به اپيل آهي ته اهي به عوام جي مدد جي لاءِ اڳتي اچن ۽ ايمرجنسي نافذ ڪن. وسيم اختر.
خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ عزيز آباد ۾ پريس ڪانفرنس.
ڪراچي: 23 جولائي 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته سنڌ حڪومت ماضي وانگر  سنڌ جي شهري علائقن خصوصن ڪراچي سان ماٽيلي ماءُ جهڙو سلوڪ اختيار ڪري رکيو آهي. انهن چيو ته هن وقت جڏهن جو طوفاني برساتون شروع ٿي ويون آهن ته ڪراچي ايڊمنسٽريٽر کان محروم آهي ۽ سخت برساتن ۽ سيلاب جي باوجود به سنڌ حڪومت جي پوري قيادت دبئي ۾ ويهي ڪري مزا ماڻي رهي آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم ڪراچي کان ڪشمور تائين ڪي ڪي ايف جي رضاڪارن ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي ريڊ الرٽ ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن اهي سيلاب ۽ طوفاني برساتن کان نڀرڻ جي لاءِ هر وقت تيار رهن. انهن خيالن جو اظهار انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر وسيم اختر، اسيمبلي ميمبر ۽ سينيٽر رشيد گوڏيل، طاهر مشهدي، خواجه اظهار الحسن ۽ سيد وقار شاھ به موجود هئا. ڊاڪٽر فاروق ستار پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ ۾ طوفاني برساتون شروع ٿي چڪيون آهن اهو سلسلو چئن کان پنجن ڏينهن تائين جاري رهندو. ان کان علاوه سيلاب به تمام تيزي سان سنڌ ڏانهن وڌي رهيو آهي.پر سنڌ حڪومت جون تياريون بلڪل نه هجڻ جي برابر آهن ۽ اها وڏي غفلت جو مظاهرو ڪري رهي آهي.جنهن جي ڪري سيلاب ۽ برساتن سان سنڌ ۾ وڏي نقصان ٿيڻ جو خطرو آهي. ان جي ڪري ايم ڪيو ايم فيصلو ڪيو آهي ته اها پنهنجن ڪارڪنن ۽ ڪي ڪي ايف جي رضاڪارن کي برساتن ۽ سيلاب کان نڀرڻ جي لاءِ ريڊ الرٽ ڪري ته جيئن اهي ڪنهن به هنگامي صورتحال کان نڀري سگهن ۽ جناب الطاف حسين جي فڪر و فلسفي تي عمل ڪندي عوام کي وڌ کان وڌ فائدو پهچائي سگهن. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر وسيم اختر صحت جي مرڪزن، ڪي اليڪٽرڪ ۽ پوليس جي انتظاميه کي اپيل ڪئي ته اهي به عوام جي مدد جي لاءِ اڳتي اچن ۽ پنهنجن پنهنجن ادارن ۾ ايمرجنسي نافذ ڪن. ان موقعي تي خواجه اظهار الحسن چيو ته سنڌ جي ٻئي وڏي جماعت هجڻ جي ناطي ايم ڪيو ايم سٺي نموني سان پنهنجيون ذميواريون نڀائي رهي آهي.انهن چيو ته سخت برسات ۾ به ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪوئي به ايڊمنسٽريٽر نه آهي ۽ اها سنڌ حڪومت جي وڏي نااهلي آهي.


6/30/2024 5:46:30 AM