Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رابطا ڪميٽي ميمبر قمر منصور کي سرڪاري حراست ۾ خوف زده ڪرڻ ۽ تشدد ڪرڻ جو نوٽس ورتو وڃي. نديم نصرت.


رابطا ڪميٽي ميمبر قمر منصور کي سرڪاري حراست ۾ خوف زده ڪرڻ  ۽ تشدد ڪرڻ جو نوٽس ورتو وڃي. نديم نصرت.
 Posted on: 7/24/2015
رابطا ڪميٽي ميمبر قمر منصور کي سرڪاري حراست ۾ خوف زده ڪرڻ  ۽ تشدد ڪرڻ جو نوٽس ورتو وڃي. نديم نصرت.
لنڊن؛ 24 جولائي 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت مطالبو ڪيو آهي ته رابطا ڪميٽي جي ميمبر قمر منصور کي فوري طور تي اسپتال ۾ داخل ڪرايو وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ نديم نصرت چيو ته قمر منصور کي  غير آئيني ۽ غير قانوني طور تي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ 90 ڏينهن جي ريمانڊ تي وٺي ڪري ڪوڙن مقدمن ۾ ملوث ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. انهن چيو ته قمر منصور کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقرير جا انتظام ڪرڻ، انهن جي تقرير ٻڌڻ ۽ تقرير ٻڌي ڪري تاڙيون وڄائڻ جي ڏوھ ۾ غير قانوني هٿڪنڊن جو نشانو بڻايو پيو وڃي. آخر آئين جي ڪهڙي شق ۽ قانون جي تحت تقرير ٻڌڻ ، تقرير تي تاڙيون وڄائڻ  ڏوھ آهي. ڇا قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا مهاجر دشمني ۾ قمر منصور جهڙي شريف ۽  ليکڪ کي به دهشت گرد ثابت ڪرڻ چاهين ٿا؟ نديم نصرت چيو ته قمر منصور کي 90 جي ڏهاڪي ۾ به گرفتاري کان پوءِ ڪيترن ئي سالن تائين غير قانوني حراست ۾ رکي ڪري وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو. جنهن جي ڪري اهي اڄ تائين مڪمل صحتياب نه ٿي سگهيا آهن. نديم نصرت چيو ته سرڪاري حراست ۾ غير انساني سلوڪ ۽ تشدد جي ڪري قمر منصور جي صحت کي تمام گهڻو خطرو آهي، جنهن جي ڪري انهن جي بزرگ بيمار والده ۽ ٻيا گهر وارا به سخت ذهني تڪليف ۾ مبتلا آهن. نديم نصرت وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته قمر منصور کي تشدد جو نشانو بڻائڻ ۽ انهن کي سرڪاري حراست ۾ خوف زده ڪرڻ جو نوٽس ورتو وڃي ۽ انهن کي فوري طور تي استپال ۾ داخل ڪرايو وڃي. 
*****

6/30/2024 5:45:55 AM