ايم ڪيو ايم سخت برساتن کي سامهون رکندي 24 جولائي بروز جمعي تي اي آر وائي نيوز جي خلاف ٿيندڙ مظاهرو ملتوي ڪري ڇڏيو.
ڪراچي؛ 23 جولائي 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي ۾ سخت برساتن کي سامهون رکندي 24 جولائي بروز جمعي تي اي آر وائي نيوز جي هيڊ آفيس جي سامهون ٿيندڙ مظاهرو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي ۾ سخت برسات جي ڪري هر هنڌ پاڻي گڏ ٿي چڪو آهي ۽ آئنده به وڏي برسات جو امڪان آهي. ان جي ڪري ايم ڪيو ايم ان مظاهري کي ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي ان فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي آهي ۽ رابطا ڪميٽي جلد ئي نئين تاريخ جو اعلان ڪندي.