Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪلفٽن ۾ قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبر علي رضا عابدي جي ريسٽورينٽ تي رينجر جي طرفان ڇاپو ۽ علي رضا عابدي جي سوٽ جي گرفتاري تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.


 ڪلفٽن ۾ قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبر علي رضا عابدي جي ريسٽورينٽ تي رينجر جي طرفان ڇاپو ۽ علي رضا عابدي جي سوٽ جي گرفتاري تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 7/24/2015
 ڪلفٽن ۾ قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبر علي رضا عابدي جي ريسٽورينٽ تي رينجر جي طرفان ڇاپو ۽ علي رضا عابدي جي سوٽ جي گرفتاري تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
لنڊن؛ 24 جولائي 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪلفٽن ۾ حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي علي رضا عابدي جي ريسٽورينٽ تي رينجر جي ڇاپي ۽ انهن جي سوٽ جي گرفتاري جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان کي کليل غنڊه گردي ۽ لاقانونيت قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته علي رضا عابدي لکين عوام جا چونڊين نمائندا ۽ وڏا تعليم يافته نوجوان آهن. جيڪي ايم ڪيو ايم جي خلاف رينجر جي غير قانوني ۽ غير آئيني قدمن جي خلاف قومي اسيمبلي سان گڏو گڏ سوشل ميڊيا تي به کلي ڪري آواز بلند ڪري رهيا آهن. علي رضا عابدي کي رينجر جي طرفان ماضي ۾ به ڌمڪيون مليون آهن ۽ رينجر جي موجوده ڪاروائي به علي رضا عابدي جي آواز کي ڌٻائڻ جي هڪ ڪوشش آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته رينجر جهڙي طرح علي رضا عابدي جي ريسٽورينٽ تي تالو هنيو آهي ان جو رينجر کي ڪوئي به قانوني اختيار نه آهي. اهو غير قانوني عمل رينجر جي طرفان مهاجرن کي ڪڇلڻ جي سازش جو حصو آهي. انهن فرمايو ته رينجر گذريل  پوين ڏينهن ۾ مهاجرن جي شادي هالن کي به ڪيرايو ۽ ان کان پوءِ گوسڙو ملازمن جي بهاني سوين مهاجر ملازمن کي به سرڪاري نوڪرين مان ڪڍي ڪري انهن جي گهرن جا چلها وسائي ڇڏيا ۽ هاڻي مهاجرن جي ٻين ڪاروبارن کي به نشانو بڻائي رهيا آهن. انهن سنڌ هائي ڪورٽ جي چيف جسٽس کي چيو ته جيڪڏهن انهن کي پنهنجي عهدي جو پاس آهي ۽ جيڪڏهن اهي صوبي ۾ عدالت جي بچيل ڪچيل عزت کي بچائڻ چاهين ٿا ته اهي رينجر جي انهن غير قانوني ڪاروائين جو فوري طور تي نوٽس وٺن. جناب الطاف حسين قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي به چيو ته اهي قومي اسيمبلي جي هڪ چونڊيل ميمبر جي ڪاروبار تي رينجر جي غير قانوني ڇاپي ۽ انهن کي خوف زده ڪرڻ جي واقعي جو فوري طور تي نوٽس وٺن. 

6/30/2024 5:44:05 AM