ايم ڪيو ايم وفد معروف عالم دين شهنشاھ نقوي جي زوجه مرحومه جي چاليهي ۾ شرڪت ڪئي.
ڪراچي: 25 جولائي 2015
ايم ڪيو ايم معروف عالم دين شهنشاھ نقوي جي زوجه محترمه جي چاليهي ۾ شرڪت ڪئي. وفد ۾ قومي اسيمبلي ميمبر ريحان هاشمي، صوبائي اسيمبلي ميمبر جمال احمد، انور رضا، ايم ڪيو ايم علماء ڪميٽي انچارج جاويد ۽ ٻيا به شامل هئا. ايم ڪيو ايم وفد شهنشاھ نقوي سان ملاقات ڪري انهن سان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحومه جي لاءِ مغفرت جي دعا به ڪئي. ان موقعي تي شهنشاھ نقوي ايم ڪيو ايم جي وفد سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ ياد رکڻ تي اسان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو شڪريو ادا ڪريون ٿا.
*****