ايم ڪيو ايم نيويارڪ جي زير اهتمام مهاجرن تي ڪيل ظلمن جي خلاف مظاهرو ڪيو ويو.
نيويارڪ؛ 24 جولائي 2015
ايم ڪيو ايم نيويارڪ جي زير اهتمام مهاجرن تي ڪيل ظلمن جي خلاف مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم آمريڪا جي جوائنٽ آرگنائيزر محمد ارشد حسين ۽ سينٽرل ڪميٽي جي ميمبرن کان علاوه ٻين به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ارشد حسين ڪارڪن کي موجوده صورتحال کان آگاھ ڪندي چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين نه صرف مهاجرن بلڪه پاڪستان جي مظلوم عوام جي لاءِ اميد جو آخري ڪرڻو به آهن. انهن وڌيڪ چيو ته جناب الطاف حسين جي طرفان مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال واري فيصلي ڪارڪنن ۾ وڏي ڳڻتي جي لهر ڊوڙائي ڇڏي آهي انهن جناب الطاف حسين کي اپيل ڪئي ته اهي پنهنجو بک هڙتال جو فيصلو واپس وٺن ڇو ته ڪروڙين ڪارڪن مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جي لاءِ تيار آهن. آخر ۾ مظاهري جي شرڪاء پنهنجي ان عزم جو اعادو ڪيو ته اهي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين تي ڪنهن به صورت ۾ تئو اچڻ نه ڏيندا ۽ تحريڪ جي مشن ۽ ان جي ڪاميابي جي لاءِ ڪنهن به قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻائيندا.