Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
اي آر وائي چينل جي طرفان مهاجر دشمن رويي ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف لڳاتار زهر اڳرڻ جي خلاف 24 جولائي بروز جمعي تي منجهند 30 :3 وڳي ڪراچي صدر ۾ اي آر وائي جي هيڊ آفيس جي سامهون پرامن احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جو اعلان.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي اي آر وائي جي طرفان مهاجر دشمني ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف لڳاتار زهر اڳرڻ جي خلاف 24 جولائي بروز جمعي تي منجهند 30 :3 وڳي ڪراچي صدر ۾ اي آر وائي جي هيڊ آفيس جي سامهون هڪ وڏي پرامن احتجاجي مظاهري جو اعلان ڪيو آهي.
Read More    Posted on: 23 Jul 2015
رياستي ادارا هڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڪيو ايم کي هن ڌرتي تان ميٽڻ ۽ مهاجرن کي چٿڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته آپريشن جي نالي تي رياستي ادارا هڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڪيو ايم کي هن ڌرتي تان ميٽڻ ۽ مهاجرن کي چٿڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن.
Read More    Posted on: 23 Jul 2015
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانگريس جي قيام جي سلسلي ۾ مهاجر دانشورن سان ٽيلفون تي رابطن جو سلسلو جاري.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانگريس جي قيام جي سلسلي ۾ مختلف شعبن جي ماهرن سان رابطن جو سلسلو جاري آهي. ان سلسلي ۾ جناب الطاف حسين اربع جي ڏينهن به هڪ درجن کان وڌيڪ نامور مهاجر دانشورن، پروفيسرن، بيوروڪريٽس، شاعرن، اديبن ۽ عالمن سڳورن سان الڳ الڳ ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ ڪئي. 
Read More    Posted on: 22 Jul 2015
مان پنهنجو هڪ اهم بيان آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي فيڪس جي ذريعي موڪليو آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پنهنجو هڪ اهم بيان آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي فيڪس جي ذريعي موڪليو آهي جنهن ۾ انهن فوج جي اندر ٿيندڙ سازشن جو ذڪر ڪيو آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته بيان جنهن فيڪس نمبر تي موڪليو ويو آهي اهو جنرل راحيل شريف جي سرڪاري رهائشگاھ جي آپريٽر کان ورتو هو ۽ انهن جي اي ڊي سي جي ذريعي اهو بيان موڪلرايو ويو هو.
Read More    Posted on: 22 Jul 2015
شعيب سڊل جنگي ڏوهن جا مرتڪب آهن. انهن جا هٿ ايم ڪيو ايم جي سوين مهاجر ڪارڪنن جي رت سان ڀريل آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سابق ڊي آئي جي ڪراچي شعيب سڊل جي طرفان ايم ڪيو ايم تي لڳايل الزامن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته 1995 ۾ ڪراچي ۾ قتل و غارتگري پاڻ شعيب سڊل ڪئي هئي، انهن جا هٿ ايم ڪيو ايم جي سوين مهاجر ڪارڪنن جي رت سان رنگيل آهن ۽ شعيب سڊل جنگي ڏوهن جا مرتڪب به آهن.
Read More    Posted on: 22 Jul 2015
ڏوهارين کي سزا ضرور ملڻ گهرجي پر ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ دهشت گردن ۾ فرق ڪيو وڃي. محفوظ يار خان.
             متحده قومي موومينٽ جي ليگل ايڊ ڪميٽي جي صدر محفوظ يار خان  چيو آهي ته رابطا ڪميٽي ميمبر قمر منصور کي جهڙي طرح رينجر جي طرفان دهشت گردي ٽوڙ عدالت ۾ جنگي قيدين وانگر منھ تي ڪپڙو وجهي ڪري پيش ڪيو ويو آهي اهو قابل مذمت آهي. 
Read More    Posted on: 22 Jul 2015
ايم ڪيو ايم ليگل ايڊ ڪميٽي جي صدر محفوظ يار خان جو خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي استقبال ڪيو.
سينيئر قانون دان ڊاڪٽر محفوظ يار خان ايم ڪيو ايم ليگل ايڊ ڪميٽي جو صدر مقرر ٿيڻ تي جڏهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ پهتا ته ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ڊاڪٽر فاروق ستار، عارف خان ايڊووڪيٽ، وسيم اختر ۽ شبير احمد قائم خاني انهن جو استقبال ڪيو ۽ انهن کي گلن جا هار پارايا.
Read More    Posted on: 22 Jul 2015
رابطا ڪميٽي ميمبر قمر منصور کي 90 ڏينهن جي ريمانڊ تي رينجر جي تحويل ۾ ڏيڻ قابل مذمت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي ميمبر قمر منصور کي 90 ڏينهن جي ريمانڊ تي  رينجر جي تحويل ۾ ڏيڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
Read More    Posted on: 22 Jul 2015
حيدرآباد جي سابق حق پرست ڪائونسلر حاجي نواب علي جي وفات تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان تعزيت جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين حيدرآباد جي سينيئر ڪارڪن ۽ سابق حق پرست ڪائونسلر حاجي نواب علي جي لاڏاڻي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
Read More    Posted on: 21 Jul 2015
ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتل، ڇاپن ۽ گرفتارين جي خلاف ايم ڪيو ايم ٽورنٽو ۽ ڪيلگري سميت ڪينيڊا جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا.
 ڪراچي ۾ سرڪاري اهلڪارن جي هٿان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتل ، ڇاپن، گرفتارين ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي خلاف ايم ڪيو ايم ٽورنٽو ۽ ڪيلگري سميت ڪينيڊا جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا. 
Read More    Posted on: 21 Jul 2015
ايم ڪيو ايم شعبه خواتين جي سينيئر ڪارڪن محترمه شاه جهان بيگم عرف چني باجي جي مڙس سيد محمود حسين جو ٽيجهو ٿي گذريو.
             ايم ڪيو ايم شعبه خواتين جي سينيئر ڪارڪن شاھ جهان بيگم عرف چني باجي جي مڙس سيد محمود حسين جو ٽيجهو نارٿ ناظم آباد بلاڪ اين ۾ ٿيو. جنهن ۾ مرحوم جي روح جي ايصال و ثواب جي لاءِ قرآن خواني ۽ فاتحه خواني ڪئي وئي. ٽيجهي ۾ رابطا ڪميٽي انچارج ڪهف الورٰي، رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالحسيب، سي اي سي ميمبرن ۽ حق پرست اسيمبلي ميمبرن کان علاوه ڪارڪنن ۽ مرحوم جي مٽن مائٽن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. 
Read More    Posted on: 21 Jul 2015
ايم ڪيو ايم جي رهنمائن ۽ چونڊيل نمائندن جي روپوشي جي خبر بلڪل غلط آهي. ايم ڪيو ايم ترجمان.
متحده قومي موومينٽ جي ترجمان ڪجھ اخبارن ۾ شايع ٿيل ان خبر جي سختي سان ترديد ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ايم ڪيو ايم جا رهنما ۽ چونڊيل نمانئدا روپوش ٿي ويا آهن.
Read More    Posted on: 21 Jul 2015
ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي روز روز ڪي اليڪٽرڪ جي طرفان لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي ۽ ڪيبل فالٽ به لڳاتار ٿي رهيا آهن.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي طرفان بجلي جي غير اعلانيه لوڊشيڊنگ جي ڪري سڄي شهر ۾ پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪندو پيو وڃي، شهري عيد جي پهرين ٻن ڏينهن کان پاڻي جي ڪمي جو شڪار آهن پر ان جي باوجود ڪي اليڪٽرڪ لوڊشييڊنگ ۽ ڪيبل فالٽ تي قابو پائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي.
Read More    Posted on: 21 Jul 2015
ڪيٿولڪ ڊائيسس جي ٽي رڪني وفد جي سليم مائيڪل ايڊووڪيٽ جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر عارف خان ايڊووڪيٽ سان ملاقات.
 ڪيٿولڪ ڊائيسس جي ٽي رڪني وفد سليم مائيڪل ايڊووڪيٽ جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر عارف خان ايڊووڪيٽ سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي ويٽڪن سٽي روم اٽلي جي پوپ جو قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي نالي هڪ خصوصي تحريري پيغام به پهچايو. وفد ۾ مشتاق مٽو ۽ پرويز گل شامل هئا.
Read More    Posted on: 21 Jul 2015
ايم ڪيو ايم سينيئر قانون دان ڊاڪٽر محفوظ يار خان کي ليگل ايڊ ڪميٽي جو صدر مقرر ڪري ڇڏيو.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي سربراهي ۾ رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جو گڏيل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ رابطا ڪميٽي جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت به شريڪ هئا.
Read More    Posted on: 21 Jul 2015
Items 1321 to 1335 of 2634