Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
نائن زيرو پهچڻ تي مولانا فضل الرحمٰن جو شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ انهن تي گل به نچاور ڪيا ويا.
اڄ مولانا فضل الرحمٰن نائن زيرو جو دورو ڪيو ۽ رابطا ڪميٽي جي انچارج ڪهف الورٰي، رابطا ڪميٽي ميمبرن ڊاڪٽر فاروق ستار، عارف خان ايڊووڪيٽ، شبير احمد قائم خاني، امين الحق، اسلم آفريدي، گلفراز خان خٽڪ، محترمه زرين مجيد، محمد حسين ۽ عبدالقادر خانزاده سان ملاقات ڪئي.
Read More    Posted on: 18 Aug 2015
اورنگي ٽائون، قصبه ڪالوني،جيڪسن ۽ ڪورنگي کان ايم ڪيو ايم جي 5 ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون، قصبه ڪالوني، جيڪسن ۽ ڪورنگي مان سرڪاري اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
Read More    Posted on: 18 Aug 2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو نائن زيرو ۽ لياقت نيشنل اسپتال ۾ رابطا ڪميٽي ۽ ٻين ذميوارن سان لڳاتار فون تي رابطو. انهن رشيد گوڏيل جي خيريت به دريافت ڪئي.
متحده قومي موومينٽ جا قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو ۽ لياقت نيشنل اسپتال ۾ موجود رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ۽ ٻين ذميوارن سان لڳاتار فون تي رابطي ۾ آهن. انهن رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ۽ ٻين ذميوارن کان رشيد گوڏيل جي خيريت دريافت ڪئي ۽ انهن کي سختي سان تاڪيد ڪئي ته رشيد گوڏيل جي علاج معالجي ۾ ڪا به ڪسر باقي نه ڇڏي وڃي.
Read More    Posted on: 18 Aug 2015
ايم ڪيو ايم جي ميمبر قومي اسيمبلي رشيد گوڏيل تي قاتلانه حملو مذاڪراتي عمل کي لتاڙڻ جي سازش آهي. مولانا فضل الرحمٰن.
جميعت علماء اسلام ف جي سربراھ مولانا فضل الرحمٰن چيو آهي ته  ايم ڪيو ايم جي ميمبر قومي اسيمبلي رشيد گوڏيل تي قاتلانه حملو منهنجي ثالث هجڻ ۽ ايم ڪيو ايم جي استعيفائن جي معاملي تي اڄ شروع ڪيل پروسيس کي لتاڙڻ جي هڪ سازش آهي.
Read More    Posted on: 18 Aug 2015
نائن زيرو تي مولانا فضل الرحمٰن سان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ.
 جميعت علماءِ اسلام جي سربراھ مولانا فضل الرحمٰن چيو آهي ته رشيد گوڏيل تي قاتلانه حملو منهنجي لاءِ وڏي ڏک جو ڪارڻ آهي. اها ڳالھ انهن نائن زيرو تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ ڪندي چئي، ان موقعي تي جميعت علماء اسلام جا ٻيا رهنما ۽ رابطا ڪميٽي جا ميمبر به موجود هئا. 
Read More    Posted on: 18 Aug 2015
قومي اسيمبلي جي ميمبر رشيد گوڏيل تي دهشت گردن جي فائرنگ جو واقعو قابل مذمت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي ميمبر قومي اسيمبلي رشيد گوڏيل تي دهشت گردن جي فائرنگ ۽ انهن جي سخت زخمي ٿيڻ جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
Read More    Posted on: 18 Aug 2015
فرقي پرست پابندي وڌل تنظيمن جي دهشت گردن جي هٿان ايم ڪيو ايم اورنگي ٽائون سيڪٽر يونٽ 124 جي شهيد ڪارڪن اڪرام خان جي ڀاءُ نعمان خان جي وحشياڻي قتل تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي فرقي پرست تنظيم جي دهشت گردن جي فائرنگ سان ايم ڪيو ايم اورنگي ٽائون سيڪٽر يونٽ 124 جي شهيد ڪارڪن اڪرام خان جي ننڍي ڀاءُ نعمان خان جي وحشياڻي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته نعمان خان شهيد مسجد کان نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ گهر وڃي رهيا هئا ته فرقي پرست پابندي وڌل تنظيم جي دهشت گردن انهن تي ڇٿي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ اهي شهيد ٿي ويا.
Read More    Posted on: 17 Aug 2015
ايم ڪيو ايم ڪنهن سان به ٽڪراءُ نه ٿي چاهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم ڪنهن سان به ٽڪراءُ نه ٿي چاهي ۽ استعيفائن جي حوالي سان رابطا ڪميٽي ۽ چونڊيل نمائندن سميت پوري تحريڪ هڪ صفحي تي آهي. 
Read More    Posted on: 16 Aug 2015
ايم ڪيو ايم پي آئي بي سيڪٽر جي لاپتا ڪارڪن رضوان خان شاني جي چاچي محمد مبين خان جي وفات تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان تعزيت جو اظهار.
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم پي آئي بي سيڪٽر يونٽ 56 جي لاپتا ڪارڪن رضوان خان شاني جي چاچي محمد مبين خان جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ انهن مرحوم جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين. 
Read More    Posted on: 16 Aug 2015
تحريڪ جي سينيئرڪارڪن ۽ ايف ايف سي جي جوائنٽ انچارج محترمه شاهجهان جي مڙس مرحوم محمود الحسن جو چاليهو، ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي شرڪت.
متحده قومي موومينٽ جي شعبي فيڪٽس اينڊ فائنڊنگ ڪميٽي جي جوائنٽ انچارج ۽ تحريڪ جي سينيئر ڪارڪن محترمه شاهجهان عرف چني باجي جي مڙس مرحوم محمود الحسن جو چاليهو انهن جي رهاشگاھ تي ٿيو. جنهن ۾ مرحوم جي روح جي ايصالِ ثواب جي لاءِ فاتحه خواني ۽ قرآن خواني ڪئي وئي.
Read More    Posted on: 16 Aug 2015
پنجاب جي وزير داخلا شجاع خانزاده جي شهادت هڪ قومي سانحو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين اٽڪ ۾ پنجاب جي وزير داخلا شجاع خانزاده جي ڏيري تي خودڪش بم ڌماڪي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان واقعي ۾ وزير داخلا شجاع خانزاده ۽ ڊي ايس پي سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. 
Read More    Posted on: 16 Aug 2015
ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام ٻن ڏينهن جي جشن آزادي ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ تي عوام کي رابطا ڪميٽي جي طرفان زبردست مبارڪباد ۽ خراج تحسين پيش.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام ٻن ڏينهن جي جشن آزادي جي اجتماع  ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ ۽ ان کي ڪامياب بڻائڻ تي عوام کي زبردست  مبارڪباد ۽ خراج تحسين پيش ڪيو آهي. 
Read More    Posted on: 15 Aug 2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي زندگي تي لکيل ڪتاب “ سفرِ زندگي ” جو پشتو زبان ۾ ترجمي جو اجرا ڪيو ويو.
               ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي زندگي تي لکيل ڪتاب “ سفرِ زندگي ” جو پشتو زبان ۾ ترجمي جو اجرا ڪيو ويو. پشتو زبان ۾ ترجمو پشتون آرگنائزنگ ڪميٽي جي ميمبر عمر گل عادل خان ڪيو آهي، جنهن جو باقائده اجرا 14 آگسٽ تي جناح گرائونڊ ۾ جشن آزادي جي پروگرام ۾ ڪيو ويو. اهو اجرا رابطا ڪميٽي جي ميمبرن اسلم آفريدي، عارف خان ايڊووڪيٽ ۽ اقبال مقدم ڪيو. 
Read More    Posted on: 15 Aug 2015
ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ پاڪستان جو 68 هون يوم آزادي وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو.
ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام پاڪستان جو 68 هون يوم آزادي  وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ 13 ۽ 14 آگسٽ تي ٻن ڏينهن جو اجتماع منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ عوام تمام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ ورائٽي پروگرام کان به لطف اندوز ٿيا. ورائٽي پروگرام کي جناب الطاف حسين خطاب به فرمايو ۽ حاضرين سميت سمورن پاڪستاني ڀائرن کي يوم آزادي جي دلي مبارڪباد به پيش ڪئي.
Read More    Posted on: 15 Aug 2015
ڪراچي ۾ جعلي کير بڻائڻ ۽ وکڻڻ جي ڪاروبار تي ايم ڪيو ايم جي قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي طرفان مذمت جو اظهار.
قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن ڪراچي ۾ جعلي کير بڻائڻ ۽ وکڻڻ جي ڪاروبار جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته انساني صحت جي لاءِ انتهائي نقصانڪار کير بڻائڻ وارين فيڪٽرين کي فوري طور تي بند ڪرايو وڃي.
Read More    Posted on: 15 Aug 2015
Items 1201 to 1215 of 2634