Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جنرل راحيل شريف آئي ايس آئي جي ٻن سابق سربراهن جنرل شجاع پاشا ۽ جنرل ظهير الاسلام جي خلاف وزير اعظم ميان نواز شريف جي وزيرن جي الزامن جي تحقيقات ڪرائين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


جنرل راحيل شريف آئي ايس آئي جي ٻن سابق سربراهن جنرل شجاع پاشا ۽ جنرل ظهير الاسلام جي خلاف وزير اعظم ميان نواز شريف جي وزيرن جي الزامن جي تحقيقات ڪرائين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 7/25/2015
جنرل راحيل شريف آئي ايس آئي جي ٻن سابق سربراهن جنرل شجاع پاشا ۽ جنرل ظهير الاسلام جي خلاف وزير اعظم ميان نواز شريف جي وزيرن جي الزامن جي تحقيقات ڪرائين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 25 جولائي 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي مخاطب ڪندي فرمايو آهي ته الله تعالٰي پنهنجي عنايت ۽ فضل و ڪرم سان اوهان کي پاڪ فوج  جي اعلٰي منصب تي فائز ڪيو ته جيئن اوهان حضرت عمر فاروق رضي الله تعالٰي عنه جي نقش قدم تي هلندي انصاف سان ڪم وٺي سگهو. انهن فرمايو ته حضرت عمر فاروق فرمايو آهي ته درياءِ فرات جي ڪناري تي به جيڪڏهن ڪوئي ڪتو بک ۾ مري وڃي ته ان جو جواب قيامت جي ڏينهن مون کان ورتو ويندو. انهن فرمايو ته مون کي اميد آهي ته اوهان حضرت عمر بن خطاب جي نقش قدم تي هلندي آئي ايس آئي جي ٻن سابق جنرلن جنرل شجاع پاشا ۽ جنرل ظهير السلام تي ميان نواز شريف جي وزيرن جي طرفان لڳايل الزامن جي غير جانبداراڻه تحقيقات ڪرائيندو. جناب الطاف حسين فرمايو ته وزير اعظم جي ڪابينا جي ٻن اهم وزيرن محمد زبير ۽ خواجه آصف هيٺ ڏنل الزام لڳايا آهن.
عمران خان جي ڌرڻي جو پروگرام آئي ايس آئي جي ٻن سابق سربراهن بڻايو هو. 
    آئي ايس آئي جي انهن سابق جنرلن ڪارپوريٽ سيڪٽر سان تعلق رکندڙ سرمائيدارن جي ذريعي عمران خان جي ڌرڻي جي لاءِ پيسا ڏياريا. 
     مشهور اينڪر پرسن جاويد چوڌري جي ان الزام جي به تحقيقات ڪرائي وڃي جنهن ۾ انهن اهو الزام لڳايو هو ته 126 ڏينهن جي ڌرڻي تي تاوان جي به وڏي رقم خرچ ڪئي وئي هئي. 
      126 ڏينهن جي ڌرڻي جي دوران جيڪي هلاڪتون ٿيون ڀلي اهي سويلين هجن يا پوليس اهلڪارن جون هجن انهن جي قتل جي ذميواري ڪنهن تي عائد ٿئي ٿي؟
     پي ٽي وي تي قبضي جي آڊيو ٽيپ جنهن ۾ عمران خان ۽ ڊاڪٽر عارف علوي پاڻ ۾ ڳالھ ٻولھ ڪئي، جنهن ۾ پي ٽي وي تي مڪمل قبضو ڪرڻ جي خوشخبري ڏيئي ڪري وڌيڪ قدم کڻڻ جون هدايتون ڏنيون ويون. 
             جناب الطاف حسين فرمايو ته جنرل راحيل شريف صاحب اوهان مٿي بيان ڪيل نقطن جي تحقيقات جو فوري طور تي اعلان ڪريو ته جيئن مان ٻئي قسط جنهن ۾ انهن بي گناه مهاجر مقتولن جن جو دهشت گردي سان سڄي عمر پري پري تائين به ڪو واسطو نه هو، جن کي ڪراچي ۾ رينجر اهلڪارن فوج جي آفيسرن جي سربراهي ۾ حراست جي دوران ماورائي عدالت قتل ڪري ڇڏيو آهي، انهن جي شرافت جا ثبوت ۽ شاهديون اوهان جي سامهون پيش ڪري سگهان. 

6/30/2024 5:47:08 AM