Home
 
Altaf Hussain
 
English News
 
Urdu News
Sindhi News
Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
Events
Blogs
Fikri Nishist
Study Circle
Songs
Videos Gallery
Manifesto 2013
Philosophy
Poetry
Online Units
Media Corner
RAIDS/ARRESTS
About MQM
Social Media
Pakistan Maps
Education
Links
Poll
Web TV
Feedback
KKF
Contact Us
Sindhi News Archive
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جي فيصلي تي نائن زيرو ۽ لنڊن سيڪريٽريٽ ۾ پيغامن جي لائين لڳي وئي.
پاڪستان سميت سڄي دنيا کان زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مرڻ گهڙي تائين جي بک هڙتال جي فيصلي کي بلڪل رڌ ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته جناب الطاف حسين نه بلڪه ايم ڪيو ايم جا ڪروڙين ڪارڪن مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ڪندا ۽ ظلم جي خلاف ڀرپور احتجاج ڪندا.
Read More
Posted on:
21 Jul 2015
سينيئر مهاجر اڪابرَ “ سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانفرنس ” ۾ شموليت جي لاءِ پنهنجا ڪوائف نائن زيرو يا لنڊن موڪلين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سينيئر مهاجر اڪابرن کي اپيل ڪئي آهي اهي “ سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانفرنس ” ۾ شموليت جي لاءِ پنهنجا ڪوائف نائن زيرو يا لنڊن موڪلين.
Read More
Posted on:
21 Jul 2015
پنهنجي والده محترمه خورشيد بيگم مرحومه جو قسم کڻي ڪري چوان ٿو ته مهاجرن جي حقن ۽ انهن کي انهن جو جائز مقام ڏيارڻ جي جدوجهد پنهنجي آخري ساھ تائين ڪندو رهندس.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته مان پنهنجي والده محترمه خورشيد بيگم مرحومه جو قسم کڻي ڪري چوان ٿو ته مان مهاجرن کي انهن جا جائز حق ڏيارڻ ۽ انهن کي انهن جو جائز مقام ڏيارڻ جي جدوجهد پنهنجي آخري ساھ تائين ڪندو رهندس.
Read More
Posted on:
21 Jul 2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانفرنس جي انعقاد جي سلسلي ۾ ڪيترن ئي دانشورن، تاريخ دانن، ٽيڪنوڪريٽس ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارن مهاجر اڪابرن سان رابطو.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانفرنس جي انعقاد جي سلسلي ۾ سومر جي ڏينهن ڪيترن ئي سينيئر دانشورن، تاريخ دانن، ٽيڪنوڪريٽس ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارن مهاجر اڪابرن سان رابطو ڪيو.
Read More
Posted on:
21 Jul 2015
جناب الطاف حسين سميت رابطا ڪميٽي و حق پرست اسيمبلي ميمبرن ۽ ذميوارن جي خلاف بي بنياد مقدما قائم ڪرڻ سياسي انتقام آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ دهشت گردن ۽ انتها پسندن جي خاتمي جي لاءِ آپريش جو مطالبو ڪيو هو ۽ ان آپريشن جي ڪاميابي جي لاءِ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن سان مڪمل تعاون به ڪري رهي آهي. پر ڪراچي آپريشن جي آڙ ۾ ايم ڪيو ايم کي ئي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
Read More
Posted on:
20 Jul 2015
چترال ۾ سيلابي وهڪري جي ڪري جاني ۽ مالي نقصان ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چترال ۾ سيلابي وهڪري جي ڪري هڪ عورت ۽ ٻارڙي جي هلاڪ ۽ ڪيترن ئي جي زخمي ٿيڻ جي واقعي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
Read More
Posted on:
20 Jul 2015
شعبه خواتين جي سينيئر ڪارڪن محترمه شاھ جهان بيگم عرف چني باجي جي مڙس ۽ ليبر ڊويزن جي سينيئر ڪارڪن سيد محمود حسين کي ياسين آباد جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
ايم ڪيو ايم شعبه خواتين جي سينيئر ڪارڪن محترمه شاھ جهان بيگم عرف چني باجي جي مڙس ۽ ايم ڪيو ايم جي ليبر ڊويزن جي سينيئر ڪارڪن سيد محمود حسين کي هزارين آلين اکين سان گڏ ياسين آباد جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
Read More
Posted on:
20 Jul 2015
جناب الطاف حسين پنهنجي مرڻ گهڙي تائين جي بک هڙتال جو فيصلو واپس وٺن،اسان جهڙا ڪروڙين ڪارڪن پهرين ان مرحلي کان گذرندا. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار جي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي دردمندانه اپيل ڪئي آهي ته اهي پنهنجو مرڻ گهڙي تائين جي بک هڙتال جو فيصلو واپس وٺن. اها اپيل انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ هڪ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪئي.
Read More
Posted on:
20 Jul 2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي سينيئر ڪارڪن محترمه شاھ جهان بيگم عرف چني باجي جي مڙس ، ليبر ڊويزن جي سينيئر ڪارڪن سيد محمود حسين جي وفات تي تعزيت جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڪارڪن محترمه شاھ جهان بيگم عرف چني باجي کي فون ڪري انهن سان انهن جي مڙس، ايم ڪيو ايم ليبرڊويزن ڪي پي ٽي يونٽ جي سينيئر ڪارڪن سيد محمود حسين جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ انهن کي دلاسو به ڏنو.
Read More
Posted on:
19 Jul 2015
وزير اعلٰي سنڌ ۽ وزير داخلا سنڌ خدا ۽ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي واسطي قمر منصور کي فوري طور تي اسپتال ۾ داخل ڪرائين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ وزير داخلا سنڌ انور سيال کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته اهي خدا ۽ رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم جي واسطي رابطا ڪميٽي جي ميمبر قمر منصور کي فوري طور تي اسپتال ۾ داخل ڪرائين ته جيئن انهن جي جان بچائي سگهجي.
Read More
Posted on:
19 Jul 2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال تي ويهڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين مرڻ گهڙي تائن بک هڙتال تي ويهڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.
Read More
Posted on:
19 Jul 2015
عيد جي ڏينهن ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ۽ ٻيا ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد ۽ شعبه اطلاعات جي ميمبر وقاص شهيد سميت سمورن حق پرست شهيدن جي گهر ويا ۽ انهن جي پونئرن سان ملاقات ڪئي.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پاڪستان جي انچارج ڪهف الورٰي، رابطا ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار، ڊاڪٽر نصرت، ڪنور نويد جميل، عظيم فاروقي، عارف خان، عبدالحسيب، گلفراز خان خٽڪ، اسلم آفريدي، توصيف خانزاده، وسيم اختر، سي اي سي ميمبر، اسيمبلي ميمبر ۽ ٻيا عيد جي ڏينهن ايم ڪيو ايم ڪنوينر شهيد انقلاب ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد، شعبه اطلاعات جي ميمبر وقاص شهيد سميت سمورن حق پرست شهيدن جي گهر ويا ۽ انهن جي پونئرن سان ملاقات ڪري انهن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان عيد جي مبارڪباد پيش ڪئي.
Read More
Posted on:
18 Jul 2015
صوابي ۾ ايليٽ فورس بنون جي ايس پي جي ٽارگيٽ ڪلنگ جو فوري طور تي نوٽس ورتو وڃي. بيرسٽر محمد علي سيف.
متحده قومي موومينٽ جي حق پرست سينيٽر بيرسٽر محمد علي سيف صوابي ۾ دهشت گردن جي هٿان بنون جي ايس پي خير الخطيب جي ٽارگيٽ ڪلنگ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪي پي ڪي حڪومت صوبي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي وڌندڙ وارڌاتن کي روڪڻ ۽ شهرين جي جان و مال جي تحفظ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي.
Read More
Posted on:
18 Jul 2015
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي والدين جي قبرن ۽ ياسين آباد ۾ شهداء قبرستان تي حاضري.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ڊاڪٽر فاروق ستار، عامر خان، عبدالحسيب، عظيم فاروقي،سي اي سي ميمبرن ۽ حق پرست اسيمبلي ميمبرن پاپوش نگر قبرستان ۽ شهداء قبرستان ياسين آباد ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي والد محترم نذير حسين مرحوم، والده محترمه خورشيد بيگم مرحومه، ڀاءُ ناصر حسين شهيد، ڀائيٽي عارف حسين شهيد، شهيد انقلاب ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد سميت سمورن شهيدن جي قبرن تي حاضري ڏني، انهن گلن جي چادر چڙهائي ۽ فاتحه خواني به ڪئي.
Read More
Posted on:
18 Jul 2015
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ۽ ٻين جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ عيد نماز ادا ڪئي.
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي انچارج ڪهف الورٰي، رابطا ڪميٽي ميمبرن ڊاڪٽر فاروق ستار، خالد مقبول صديقي، عامر خان، عارف خان، عبدالحسيب، گلفراز خان خٽڪ، سي اي سي ميمبرن، سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن، شعبن جي ميمبرن ۽ ڪارڪنن عيد نماز جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ ادا ڪئي.
Read More
Posted on:
18 Jul 2015
...
76
77
78
79
80
81
82
83
84
85
86
87
88
89
90
...
Items
1336
to
1350
of
2634
پاکستان کی معاشی زبوں حالی اورکرنسی کی قدرمیں گراوٹ کی ذمہ داری کس پ
...
18 Apr 2025
ریاست ماں ہوتی ہے، کیا ریاست کارویہ اپنے بچوں کے ساتھ ماں جیسا ہے؟.الط
...
14 Apr 2025
گزشتہ تین روز کے دوران کراچی اورحیدرآباد سے ایم کیوایم کے دردرجن سے
...
13 Apr 2025
صدرآصف زرداری اوروزیراعظم شہبازشریف کراچی اورحیدرآباد میں ایم کیوایم
...
12 Apr 2025
ایک سازش کے تحت کوشش کی جارہی ہے کہ کراچی میں دوبارہ سے پرانی کہانیو
...
12 Apr 2025
پیپلزپارٹی کی حکومت نے سندھ کاسودا کرلیا ہے اوروہ سرکاری خزانہ لوٹ کرم
...
11 Apr 2025
دریائے سندھ پر مزید نہریں نکالنے کامنصوبہ سندھ کوبنجربنانے کامنصوبہ ہ
...
10 Apr 2025
بلاول زرداری نےبلوچوں کودہشت گردقراردیکر پوری بلوچ قوم کی توہین کی ہے
...
05 Apr 2025
اہل پنجاب سے دردمندانہ اپیل : خدارا بلوچستان کے کرب کومحسوس کریں، وفود
...
03 Apr 2025
تحریک کے کارکنان وعوام ایم کیوایم کے بزرگ کارکن اورایم کیوایم انٹرنیشن
...
03 Apr 2025
Muttahida Quami Movement (MQM) Copyright © 2014 (ver 3.0)
Home
Videos Gallery
Links
KKF
Feedback
Altaf Hussain
Photo Gallery
Study Circle
Online Units
Media Corner
News Archive
Manifesto 2013
Fikri Nishist
Songs
Social Media
Urdu News
Philosophy
Poetry
Education
Web TV
Events
RAIDS/ARRESTS
Poll
Pakistan Maps
Contact us