ايم ڪيو ايم آمريڪا جي زير اهتمام 25 جولائي بروز ڇنڇر تي آمريڪي وقت جي مطابق منجهند 2 وڳي واشنگٽن ڊي سي ۾ وائيٽ هائوس ۽ نيويارڪ ۾ اقوام متحده جي سامهون وڏا مظاهرا ڪيا ويندا.
شڪاگو: 24 جولائي 2015
ايم ڪيو ايم آمريڪا جي زير اهتمام مهاجرن جي پاڪستان ۾ ٿيندڙ نسل ڪشي ، گرفتارين ۽ رياستي ظلمن جي خلاف 25 جولائي بروز ڇنڇر تي آمريڪي وقت جي مطابق منجنهد 2 وڳي واشنگٽن ڊي سي ۾ وائيٽ هائوس ۽ نيو يارڪ ۾ اقوام متحده جي سامهون وڏا مظاهرا ڪيا ويندا. ان سلسلي ۾ ٻنهي شهرن ۾ مهاجر برادري ۽ ايم ڪيو ايم جي همدردن سان رابطا تيز ڪيا ويا آهن ۽ انهن مظاهرن ۾ شرڪت جي لاءِ انهن کي دعوتون به ڏنيون پيون وڃن، ايم ڪيو ايم آمريڪا جي طرفان آمريڪي صدر بارڪ اوباما ۽ اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون جي نالي خط به لکيا پيا وڃن. جنهن ۾ پاڪستان جي سيڪيورٽي ادارن جي طرفان مهاجرن تي ظلمن ۽ انساني حقن جي بدترين خلاف ورزين جون تفصيلات شامل آهن. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم آمريڪا جي سينٽرل ڪميٽي آمريڪا ۾ مهاجر برادري کي اپيل ڪئي ته اها مظاهرن ۾ شريڪ ٿي ڪري احتجاج جي آواز بلند ڪري ۽ عالمي برادري جي توجه مهاجر دشمن آپريشن ڏانهن مبذول ڪرائي.