Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

علي رضا عابدي جي ريسٽورنٽ تي رينجر جي ڇاپي جي دوران قبضي ۾ ورتل سموريون شيون واپس ڪرايون وڃن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


علي رضا عابدي جي ريسٽورنٽ تي رينجر جي ڇاپي جي دوران قبضي ۾ ورتل سموريون شيون واپس ڪرايون وڃن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 7/24/2015
علي رضا عابدي جي ريسٽورنٽ تي رينجر جي ڇاپي جي دوران قبضي ۾ ورتل سموريون شيون واپس ڪرايون وڃن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
علي رضا عابدي جي ريسٽورنٽ جي غير قانوني بندش به فوري طور تي ختم ڪرائي وڃي.
جناب الطاف حسين جي آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي اپيل.
لنڊن؛ 24 جولائي 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي اپيل ڪئي آهي ته قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبر علي رضا عابدي جي ريسٽورنٽ تي رينجر جي ڇاپي جي دوران قبضي ۾ ورتل سموريون شيون واپس ڪرايون ويون وڃن ۽ انهن جي ريسٽورنٽ جي غير قانوني بندش به فوري طور تي ختم ڪرائي وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته رينجر جي اهلڪارن رات ريسٽورنٽ تي ڇاپو هڻي ڪري مينيجر ۽ علي رضا عابدي جي سوٽ کي گرفتار ڪري ورتو ۽ ريسٽورنٽ کي سيل ڪري ڇڏيو. رينجر جي طرفان ريسٽورنٽ تي تالي هڻڻ جا مختلف جواز پيش ڪيا پيا وڃن ۽ علي رضا عابدي کي معاشي طور تي نقصان پهچائي ڪري خوف زده ڪيو پيو وڃي. جناب الطاف حسين فرمايو ته علي رضا عابدي جي ريسٽورنٽ تي ڇاپي جي دوران رينجر جي اهلڪارن ليپ ٽاپ، ڪمپيوٽر، ڪيميره ريڪارڊنگ ۽ ٻيون شيون به پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيون. جناب الطاف حسين آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي اپيل ڪئي ته ان کان پهرين جو شين کي ضائع ڪيو وڃي اهي سموريون شيون رينجر جي قبضي مان واپس ڪرائين ۽ علي رضا عابدي جي ريسٽورنٽ جي غير قانوني بندش به فوري طور تي ختم ڪرائين. 

6/30/2024 5:47:12 AM