Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

چونڊيل عوامي نمائندا مسئلن جي شڪار عوام جي ڀرپور خدمت ڪن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


چونڊيل عوامي نمائندا مسئلن جي شڪار عوام جي ڀرپور خدمت ڪن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 7/24/2015
چونڊيل عوامي نمائندا مسئلن جي شڪار عوام جي ڀرپور خدمت ڪن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ڪنٽومينٽ بورڊ جي چيئرمين ۽ ڪائونسلرن محمد منصور، چوڌري ناصر، بشير احمد، محمد اڪرم ۽ منير يلسن سان ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ.
لنڊن؛ 24 جولائي 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين چونڊيل عوامي نمائندن تي زور ڏنو آهي ته اهي مسئلن جي شڪار عوام جي ڀرپور خدمت ڪن. اها ڳالھ انهن نائن زيرو تي ڪنٽومينٽ بورڊ جي نئين چونڊيل وائيس چيئرمين محمد منصور، حق پرست ڪائونسلرن چوڌري ناصر، بشير احمد ، محمد اڪرم ۽ منير يلسن سان ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪئي ۽ انهن کي دلي مبارڪباد به پيش ڪئي. جناب الطاف حسين فرمايو ته سمورن مذهبن جي مقدس هستين جي طرفان الله سائين جي مخلوق جي خدمت ڪرڻ ۽ امن ۽ محبت جو درس ڏنو ويو آهي ۽ حديث مبارڪ ۾ آهي ته الله تعالٰي جي مخلوق جي خدمت ڪرڻ سڀني کان وڏي عبادت آهي. انهن ڪنٽومينٽ بورڊ جي چونڊيل نمائندن تي زور ڏنو ته اهي مسئلن جي شڪار عوام جي ڀرپور خدمت ڪن ۽ پنهنجا فرض پوري ديانتداري سان ادا ڪن. ان موقعي تي ڪنٽومينٽ بورڊ جي چيئرمين ۽ ڪائونسلرن يقين ڏياريو ته اهي پنهنجن علائقن جي ترقي ۽ عوام جي مسئلن جي حل جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا.


6/30/2024 5:45:55 AM