Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جوڊيشل ڪميشن جي فيصلي کان پوءِ ڌرڻي جي تحقيقات جي لاءِ سپيريم ڪورٽ جي ججن تي ٻڌل هڪ عدالتي ڪميشن جوڙيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


جوڊيشل ڪميشن جي فيصلي کان پوءِ ڌرڻي جي تحقيقات جي لاءِ سپيريم ڪورٽ جي ججن تي ٻڌل هڪ عدالتي ڪميشن جوڙيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 7/23/2015
جوڊيشل ڪميشن جي فيصلي کان پوءِ ڌرڻي جي تحقيقات جي لاءِ سپيريم ڪورٽ جي ججن تي ٻڌل هڪ عدالتي ڪميشن جوڙيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
عدالتي ڪميشن تحقيقات ڪري ته جمهوريت جي تڏا ويڙه ڪرڻ جي لاءِ عمران خان جي ڌرڻي جي پويان ڪهڙا ماڻهو هئا ۽ ڌرڻي جا انتظام ڪرڻ  ۽ ان  جي لاءِ پيسا ڏيڻ وارا ڪهڙا ماڻهو هئا.
نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي ۽ شعبن جي ميمبرن سان ڳالھ ٻولھ.
 لنڊن: 23 جولائي 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ڌانڌلي جي باري ۾ عدالتي ڪميشن جي فيصلي کان پوءِ سپريم ڪورٽ جي ججن تي ٻڌل هڪ عدالتي ڪميشن به جوڙيو وڃي جيڪو ان ڳالھ جي تحقيقات ڪري ته پاڪستان کان جمهوريت جي تڏا ويڙھ ڪرڻ جي لاءِ عمران خان جي ڌرڻي جي پويان ڪهڙا ماڻهو هئا ۽ ڌرڻي جو انتظام ڪرڻ ۽ ان جي لاءِ پيسا ڏيڻ وارا ماڻهو ڪهڙا هئا. اها ڳالھ انهن نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي ۽ شعبن جي ميمبرن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ٻن سالن تائين پوري ملڪ کي ڌانڌلي جي الزامن جي ور چاڙهيو ويو، پر اڄ سپريم ڪورٽ جي ججن تي ٻڌل جوڊيشل ڪميشن جي رپورٽ سامهون اچي وئي آهي ته ملڪ ۾ ڪائي به ڌانڌلي نه ٿي آهي. انهن فرمايو ته ڌرڻي جي حوالي سان جيڪي دماغ کولڻ وارا انڪشاف سامهون اچي رهيا آهن اهي پوري قوم جون اکيون کولڻ جي لاءِ ڪافي آهن. اهي سياسي رهنما ، سينيئر اينڪر پرسنَ ۽ تجزيه نگار جن عمران خان جي ڌرڻي کي هر طرح سان سپورٽ ڪيو ۽ عمران خان کي مٿي تي چاڙهيو، اهي ئي ماڻهو اڄ ميڊيا تي اچي ڪري پاڻ قوم کي ٻڌائي رهيا آهن ته ڪهڙي طرح سرڪاري ايجنسين  جي وڏين وڏين  ڪرسين تي ويٺل ماڻهن عمران خان جي سپورٽ جي لاءِ سياسي رهنمائن ۽ وڏن وڏن سرمائيدارن سان رابطا ڪيا. ڪهڙي طرح  پي ٽي آئي جي جلسن ۽ ڌرڻي جي لاءِ اربين روپيا فراهم ڪيا ويا. جنهن ۾ پلاٽن جي وڪري سان گڏو گڏ ڀنگ جي لاءِ اغوا ڪندڙ وارداتن مان حاصل ٿيندڙ وڏيون وڏيون رقمون به شامل هيون. جناب الطاف حسين فرمايو ته 126 ڏينهن جي ڌرڻي جي دوران پارليامينٽ تي حملو ڪيو ويو، سرڪاري ٽي وي اسٽيشن تي حملو ڪيو ويو، پوليس اسٽيشنن تي حملا ڪيا ويا، جيو ٽي وي جي رپورٽرن، ٻئي اسٽاف، پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، ماڻهو ماريا ويا، ملڪي معيشت کي نقصان پهچايو ويو، ان ڌرڻي جي ڪري چيني صدر کي به پاڪستان جو دورو ملتوي ڪرڻو پيو. ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. آخر ان جو حساب ڪير ڏيندو. انهن فرمايو ته وقت اچي ويو آهي ته هاڻي ڌرڻي جي تحقيقات جي لاءِ به سپريم ڪورٽ جي ججن تي ٻڌل هڪ اعلٰي سطحي تحقيقاتي ڪميشن جوڙيو وڃي ۽ ان ۾ ملوث سمورن ماڻهن کي نه صرف بي نقاب ڪيو وڃي بلڪه ملڪ کان جمهوريت جي تڏا ويڙھ ڪرڻ ۽ ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ڪرڻ تي عمران خان ۽ انهن جي مددگارن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي ۽ انهن کي  سرعام سزا ڏني وڃي. انهن فرمايو ته الله تعالٰي جو فرمان مبارڪ آهي ته بيشڪ حق اچڻ جي لاءِ ۽ باطل ميٽجڻ جي لاءِ آهي. اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر الله تعالٰي جو فرمان قوم جي سامهون هڪ حقيقت وانگر سامهون آهي. کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿي ويو آهي ۽ ٻين تي اڇلايل ٿڪ اڄ پاڻ انهن جي پنهنجي منھ تي اچي پئي آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو  ايم تي ته زڪوٰت ۽ فطرو وصول ڪرڻ تي ته ڀتي جا ڪوڙا الزام لڳايا وڃن ٿا ۽ ڊي جي رينجر جي حڪم تي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. پر پي ٽي آئي جي ڌرڻي جي لاءِ پيسا حاصل ڪرڻ جي خاطر ڀنگ جي لاءِ اغوا ڪرڻ جون وارداتون ڪرڻ وارن جي خلاف ڪائي به ڪاروائي نه ٿي ڪئي وڃي. انهن وڌيڪ فرمايو ته هاڻي جڏهن جو ڌانڌلي ۽ ڌرڻي جي حوالي سان سموريون حقيقتون عوام جي سامهون اچي ويون آهن ته پي ٽي آئي ۾ شامل ماڻهن کي گهرجي ته اهي پنهنجي آخرت سنوارڻ جي لاءِ پي ٽي آئي کي ڇڏي ڏين.


6/30/2024 5:44:05 AM