Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي اليڪشن ۾ “ دي انجنيئرنگ پاڪستان ” جي ڪامياب ٿيندڙ ميمبرن کي جناب الطاف حسين جي طرفان مبارڪباد پيش.
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سڄي ملڪ ۾ پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي اليڪشن ۾ دي انجنيئرنگ پاڪستان سنڌ ۽ پنجاب جي ميمبرن جي زبردست ڪاميابي تي دي انجنيئرنگ پاڪستان جي صدر ۽  ميمبرن کي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. 
Read More    Posted on: 06 Sep 2015
گذريل رات رينجر ۽ ٻين سرڪاري اهلڪارن ايم ڪيو ايم جي ٽن ڪارڪنن کي انهن جي گهرن تي ڇاپا هڻي ڪري گرفتار ڪري ورتو.ترجمان ليگل ايڊ ڪميٽي.
ايم ڪيو ايم ليگل ايڊ ڪميٽي جي ترجمان رينجر ۽ ٻين سرڪاري اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.  پنهنجي هڪ بيان ۾ ترجمان چيو ته رينجر جي اهلڪارن ايم ڪيو ايم بلديه ٽائون سيڪٽر جي ڪارڪنن رمضان ۽ عارف کي انهن جي گهرن کان گرفتار ڪري ورتو.
Read More    Posted on: 05 Sep 2015
ڏوهاري ماڻهو ايم ڪيو ايم ۾ نه بلڪه انهن جي صفن ۾ ۾ آهن جن گلو بٽن جي فوج پالي آهي. ايم ڪيو ايم پنجاب جو صدر ميان عتيق.
ايم ڪيو ايم پنجاب جي صدر ميان عتيق وفاقي وزيرِ ريلوي خواجه سعد رفيق جي بيان تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي صفن ۾ ڏوهاري ماڻهو نه آهن پر ڏوهاري ماڻهو ته انهن جي صفن ۾ آهن جن گلو بٽن جي فوج پالي آهي.
Read More    Posted on: 05 Sep 2015
ايم ڪيو ايم 9 سيپٽمبر تي وٿ هولڊنگ ٽيڪس جي خلاف واپاري اتحاد جي شٽر ڊائون هڙتال جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي وٿ هولڊنگ ٽيڪس جي خلاف واپاري اتحاد جي طرفان 9 سيپٽمبر تي شٽر ڊائون هڙتال جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. 
Read More    Posted on: 05 Sep 2015
آصف علي زرداري مون کي ٻه ڀيرا ڌوڪو ڏنو ۽ پنهنجن ماڻهن کان مون کي گاريون به ڏياريون پر مان صبر ڪيو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته حڪومت ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن جا استعيفٰي واپس وٺڻ جي ڳالھ ته ڪري رهي آهي پر حڪومت کي گهرجي ته پهرين اها وزير اعظم ميان نواز شريف جي لاءِ وزارت عظمٰي جا اختيار ته واپس وٺي.  وزير اعظم ايم ڪيو ايم جون آفيسون کولرائڻ جا حڪم ڏيئي سگهن ٿا پر اهي حڪم نه ڏيئي رهيا آهن.
Read More    Posted on: 05 Sep 2015
ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن ۽ آفيسن تي ڇاپن ۽ گرفتارين ۾ تيزي اچي وئي آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار.
متحده قومي موومينٽ جي رهنما ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن ۽ آفيسن تي ڇاپن ۽ گرفتارين ۾ تيزي اچي وئي آهي. جيڪا آئين ۽ انساني حقن جي وڏي خلاف ورزي آهي.
Read More    Posted on: 04 Sep 2015
سرڪاري سرپرستي ۾ حقيقي جي دهشت گردن جو قبضو شهر جو امن تباھ ڪرڻ جي هڪ وڏي سازش آهي. سيد آصف حسنين.
متحده قومي موومينٽ جي سابق ميمبر قومي اسيمبلي سيد آصف حسنين چيو آهي ته ماضي وانگر هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ منصوبه بندي جي تحت سرڪاري سرپرستي ۾ حقيقي جي دهشت گردن جو لانڍي جي مختلف علائقن ۾ قبضو ڪرائي  پرامن شهري زندگي کي مفلوج بڻايو پيو وڃي ۽ حقيقي جا دهشت گرد عوام ۽ ڪاروباري ماڻهن کان کلي عام ڀتو به گهري رهيا آهن. انهن خيالن جو اظهار انهن لانڍي ۾ اهم پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.
Read More    Posted on: 03 Sep 2015
پي پي جي رهنمائن جي طرفان ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري کي ايم ڪيو ايم سان جوڙڻ وڏي زيادتي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته سابق وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري تي مون کي افسوس آهي پر پي پي جي رهنمائن جي طرفان ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري کي به ايم ڪيو ايم سان جوڙڻ وڏي زيادتي آهي. اها ڳالھ انهن اڄ نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي ۽ تنظيمي شعبن جي ميمبرن کي خطاب ڪندي فرمائي.
Read More    Posted on: 02 Sep 2015
عالمي منڊي ۾پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ڪمي جو فائدو عوام کي مڪمل طور تي نه مليو آهي. سنڌ اسيمبلي جا سابق حق پرست ميمبر.
سنڌ اسيمبلي جي سابق حق پرست ميمبرن چيو آهي ته عالمي منڊي ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ڪمي جو فائدو مڪمل طور تي عوام کي نه مليو آهي. پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ انهن چيو ته عالمي منڊي ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ جنهن تناسب سان ڪمي ٿي آهي ان تناسب سان حڪومت عوام کي رليف نه ڏنو آهي. 
Read More    Posted on: 02 Sep 2015
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جو اجلاس، سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل ۾ وڌيڪ 7 ميمبرن کي شامل ڪيو ويو آهي. رابطا ڪميٽي.
              متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل ۾ وڌيڪ 7 ميمبرن اسد ڪاظمي، فرقان اطيب، سيد شڪيل احمد، معيد انور، نور حسن، شهباز علي ۽ عباس جعفري کي شامل ڪيو ويو آهي. 
Read More    Posted on: 02 Sep 2015
سينيئر قانون دان بيرسٽر عبدالحفيظ پيرزادي جي وفات تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار.
             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سينيئر قانون دان ۽ سابق وفاقي وزير قانون بيرسٽر عبدالحفيظ پيرزادي جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين مرحوم جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.
Read More    Posted on: 02 Sep 2015
سيد امين الحق کي شعبه اطلاعات جي ذميواري کان هٽائي ڪري شهداء اسير ڪميٽي جون ذميواريون انهن جي حوالي ڪيون ويون آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
              متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سيد امين الحق کي شعبه اطلاعات جي ذميواري کان هٽائي ڪري شهداء اسير ڪميٽي جون ذميواريون انهن جي حوالي ڪيون آهن. ان کان علاوه رابطا ڪميٽي بحث مباحثي ۾ حصو وٺندڙ، تاريخ تي عبور ۽ حالتن تي نظر رکڻ وارن سمورن ڪارڪنن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي فوري طور تي پنهنجن ڪوائف سان گڏ نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي سان رابطو ڪن ته جيئن رابطا ڪميٽي انهن جا انٽرويو وٺي ڪري انهن مان ٽي وي ٽاڪ شوز جي لاءِ سٺن ڳالهائڻ وارن جي چونڊ ڪري سگهي.
Read More    Posted on: 01 Sep 2015
گذريل ٻن ڏينهن جي دوران رينجر، پوليس ۽ ٻين سرڪاري ادارن جي اهلڪارن ايم ڪيو ايم جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي انهن جي گهرن کان گرفتار ڪري ورتو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ڪارڪنن جي گهرن تي بغير ڪنهن جواز جي ڇاپن ۽ گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪراچي آپريشن ۾ ايم ڪيو ايم کي ئي نشانو بڻايو پيو وڃي.
Read More    Posted on: 01 Sep 2015
ايم ڪيو ايم ڳالهين جي ذريعي ئي مسئلن جي حل تي يقين رکي ٿي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم ڳالهين جي ذريعي ئي مسئلن جي حل تي يقين رکي ٿي، ايم ڪيو ايم جي سمورن رهنمائن، ذميوارن ۽ ڪارڪنن جو اهو اٽل فيصلو آهي جيڪڏهن وفاقي حڪومت ايم ڪيو ايم جا سمورا مطالبا منظور ڪري ٿي ته پوءِ اسان اسيمبلين ۾ ويهنداسين نه ته اهي اسيمبليون حڪومت کي مبارڪ هجن. 
Read More    Posted on: 01 Sep 2015
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ۾ وڌيڪ ٽن ميمبرن ارشد حسن، رضوان بابر ۽ زاهد منصوري جو اضافو ڪيو ويو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
              متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ۾ وڌيڪ ٽن ميمبرن جو اضافو ڪيو ويو آهي. ان ڳالھ جو فيصلو ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جي گڏيل اجلاس ۾ ڪيو ويو. نون ميمبرن ۾ ايم ڪيو ايم جي مرڪزي اليڪشن جو جوائنٽ انچارج ارشد حسن، ميمبر رضوان بابر ۽ زاهد منصوري شامل آهن. اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل ۾ به ٽن ميمبرن هير سوهو، نديم هاشمي ۽ ايس ايم تنوير کي شامل ڪيو ويو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي آهي. 
Read More    Posted on: 01 Sep 2015
Items 1126 to 1140 of 2634