Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانگريس جي جوڙ جڪ جي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين ڪيترن ئي مهاجر دانشورن، پروفيسرن، وڪيلن ۽ ٽيڪنوڪريٽن سان رابطا ڪيا۽ انهن کي مهاجر ورلڊ ڪانگريس جي پليٽ فارم جي مقصدن کان به آگاھ ڪيو.
سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانگريس جي جوڙ جڪ جي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين وڌيڪ ڪيترن ئي مهاجر دانشورن، پروفيسرن، وڪيلن ۽ ٽيڪنوڪريٽن سان رابطا ڪيا آهن ۽ انهن کي سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانگريس جي پليٽ فارم جي مقصدن جي حوالي سان آگاھ ڪيو.
Read More    Posted on: 28 Jul 2015
ايم ڪيو ايم نيويارڪ جي زير اهتمام ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم تي رياستي آپريشن جي خلاف اقوام متحده جي آفيس جي سامهون بک هڙتال ۽ مظاهرو ۽ ڪينيڊا جي شهرن ايڊمنٽن ۽ موٽريال ۾ به مظاهرن جو انعقاد.
 ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف آپريشن ، ڪارڪنن جي اغوا ۽ انهن جي وحشياڻي قتلن جي خلاف ايم ڪيو ايم نيويارڪ جي زير اهتمام اقوام متحده جي سامهون بک هڙتال ۽ مظاهرو ڪيو ويو.
Read More    Posted on: 28 Jul 2015
ڀارت جي سابق صدر ۽ عظيم سائنسدان ڊاڪٽر اي پي جي عبدالڪلام جي وفات تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان تعزيت جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڀارت جي سابق صدر ۽ دنيا جي عظيم سائنسدان ڊاڪٽر اي پي جي عبدالڪلام جي اچانڪ وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
Read More    Posted on: 27 Jul 2015
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر عبدالحسيب جي طرفان اولھ ضلعي جي برسات متاثره علائقن جو طوفاني دورو.
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر عبدالحسيب اولھ ضلعي جي برسات متاثره علائقن جو طوفاني دورو ڪيو ۽ برساتي نالن جي صفائي سٿرائي جي انتظامن جو جائزو به ورتو. ان موقعي تي اسيمبلي ميمبر محبوب عالم ۽ ٻيا به انهن سان گڏ هئا. عبدالحسيب  برساتي نالن جو جائزو ورتو ۽ انهن جي صفائي جا حڪم به جاري ڪيا. 
Read More    Posted on: 27 Jul 2015
سنڌ ۾ تيز برساتن ۽ دريائي وهڪرن جي ڪري جاني ۽ مالي نقصان ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان افسوس جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سنڌ ۾ تيز برساتن ۽ دريائي وهڪرن جي ڪري جاني ۽ مالي نقصانن ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته اها شهرن ۽ ڳوٺن کي برساتن ۽ دريائي وهڪرن کان بچائڻ جي لاءِ بنڌن کي مضبوط ۽ برساتي نالن جي صفائي ڪرائي.
Read More    Posted on: 27 Jul 2015
ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ انهن جي مٽن مائٽن جي گهرن تي ڇاپا وڏو ظلم آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي رينجر، پوليس ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن، همدردن ۽ انهن جي مٽن مائٽن جي گهرن تي غير قانوني ڇاپن جي پرزور مذمت ڪندي ان کي کليل رياستي ظلم قرار ڏنو آهي. 
Read More    Posted on: 26 Jul 2015
ايم ڪيو ايم ملڪ کان فرسوده نظام جو خاتمو چاهي ٿي ۽ غريب ۽ وچولي طبقي جي انقلاب جي ضمانت به آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين مهاجر قومي موومينٽ کي متحده قومي موومينٽ ۾ تبديل ڪرڻ جا 18 سال مڪمل ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي سمورن ڪارڪنن ۽ سڄي ملڪ جي حق پرست عوام کي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي.
Read More    Posted on: 26 Jul 2015
فهيم صديقي جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتاري ۽ انهن تي وحشياڻو تشدد مذمت جوڳو عمل آهي. نديم نصرت.
متحده قومي موومينٽ جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت پوليس اهلڪارن جي هٿان جيو نيوز جي بيوروچيف فهيم صديقي جي غير قانوني گرفتاري ۽ انهن تي ڪيل تشدد جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
Read More    Posted on: 26 Jul 2015
سرڪاري اهلڪارن جي طرفان ممتاز صحافي فهيم صديقي کي اغوا ۽ انهن تي تشدد ڪرڻ جو واقعو مذمت جوڳو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان ممتاز صحافي فهيم صديقي کي اغوا ۽ انهن تي تشدد ڪرڻ جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي فرمايو آهي ته ان واقعي جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. جناب الطاف حسين مطالبو ڪيو ته ان واقعي جي تحقيقات ڪرائي وڃي ۽ ان واقعي ۾ ملوث اهلڪارن کي گرفتار ڪيو وڃي. 
Read More    Posted on: 26 Jul 2015
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر قمر منصور جي سرڪاري حراست ۾ حالت تمام گهڻي خراب آهي. قومي اسيمبلي جا حق پرست ميمبر.
قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن چيو آهي ته سرڪاري حراست ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر قمر منصور کي غير انساني سلوڪ ۽ تشدد جو نشانو بڻائڻ ۽ انهن کي اسپتال ۾ داخل نه ڪرائڻ وڏو ظلم آهي.
Read More    Posted on: 26 Jul 2015
ايم ڪيو ايم آمريڪا جو ڪراچي ۾ مهاجرن جي خلاف جاري رياستي آپريشن جي خلاف وائيٽ هائوس جي سامهون وڏو احتجاجي مظاهرو.
 ڪراچي ۾ مهاجرن تي رياستي آپريشن جي خلاف ايم ڪيو ايم آمريڪا جي زير اهتمام واشنگٽن ڊي سي ۾ وائيٽ هائوس جي سامهون هڪ وڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
Read More    Posted on: 26 Jul 2015
رينجر حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي علي رضا عابدي جي ريسٽورنٽ جو سامان کڻي ڪري چوري جي ڪاروائي ڪئي آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پنهنجي هڪ بيان ۾ فرمايو آهي ته رينجر حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي علي رضا عابدي جي ريسٽورنٽ تي ڇاپو نه هنيو آهي بلڪه انهن جي ريسٽورنٽ جو سامان کڻي ڪري چوري جي ڪاروائي ڪئي آهي. 
Read More    Posted on: 26 Jul 2015
جوڊيشل ڪميشن جو فيصلو اچڻ کان پوءِ عمران خان جو اسيمبلين ۾ وڃڻ جو اعلان تمام سٺو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پنهنجي هڪ بيان ۾ فرمايو آهي ته جوڊيشل ڪميشن جو فيصلو اچڻ کان پوءِ عمران خان جو اسيمبلين ۾ وڃڻ جو اعلان تمام سٺو آهي پر تحريڪ انصاف وارا جيڪڏهن ضمير رکن ٿا ۽ اهي مرد جا پٽ آهن ته اهي عمران خان جي قيادت ۾ اسيمبلين ۾ نڪ رگڙيندي داخل ٿين. جيڪڏهن اهي ائين ڪندا ۽ نڪ رگڙڻ جي ڪري انهن جو نڪ رتو رت ٿي ويندو ته پوءِ سمورو ايوان تاڙين سان انهن جو استقبال ڪندو ۽ ايم ڪيو ايم انهن جي پسند جي اسپتال ۾ انهن جو وي آئي پي علاج  ڪرائيندي.
Read More    Posted on: 26 Jul 2015
ايم ڪيو ايم برطانيه جي تحت لنڊن ۾ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ مظاهرو.
متحده قومي موومينٽ برطانيه جي يونٽ جي تحت لنڊن جي علائقي ايجويئر ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبرن، برطانيه جي مختلف يونٽن جي ذميوارن، ڪارڪنن ۽ انهن جي گهر وارن کان علاوه ايم ڪيو ايم برطانيه شعبه خواتين جي ڪارڪنن به وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. 
Read More    Posted on: 25 Jul 2015
سينيئر صحافي ۽ جيو نيوز چينل جي بيوروچيف فهيم صديقي کي پوليس اهلڪارن جي طرفان اغوا ۽ ان کان پوءِ انهن تي تشدد ڪرڻ تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ملڪ جي معروف جيو نيوز چينل  جي بيورو چيف فهيم صديقي کي پوليس اهلڪارن جي طرفان اغوا ڪرڻ ۽ ان کان پوءِ انهن تي تشدد ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
Read More    Posted on: 25 Jul 2015
Items 1291 to 1305 of 2634