Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
ناروي ۾ اسٽريٽ چلڊرن ورلڊ فٽ بال ڪپ ۾ ٽئين پوزيشن حاصل ڪرڻ تي پاڪستان جي اسٽريٽ چلڊرن ٽيم جي سمورن رانڌيگرن، مينيجر ۽ سمورن آفيشلز کي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان زبردست مبارڪباد پيش.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ناروي ۾ ٿيندڙ اسٽريٽ چلڊرن ورلڊ فٽبال ڪپ ۾ شاندار رانڌ پيش ڪرڻ تي ٽئين پوزيشن حاصل ڪرڻ تي پاڪستان جي اسٽريٽ چلڊرن جي ٽيم جي سمورن رانڌيگرن ۽ مينيجر سميت سمورن آفيشلز کي دل جي گهرائين سان زبردست مبارڪباد پيش ڪئي آهي.
Read More    Posted on: 01 Aug 2015
ايم ڪيو ايم آمريڪا جي 19 هين سالانه ڪنوينشن جو ڊيلاس ۾ باقائده آغاز ٿي ويو.
متحده قومي موومينٽ آمريڪا جي 19 هين سالانه ڪنوينشن جو باقائده آغاز آمريڪا جي شهر ڊيلاس ۾ ٿي ويو. ان ٽي روزه ڪنوينشن ۾ ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر  نديم نصرت،رابطا ڪميٽي ميمبر واسع جليل ۽ پاڪستان کان آيل حق پرست اسيمبلي ميمبرن خصوصي طور تي شرڪت ڪئي. 
Read More    Posted on: 01 Aug 2015
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي معروف مزاحيه اداڪار فريد خان جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي.
ملڪ جي معروف مزاحيه اداڪار ۽ فنڪار فريد خان مرحوم جي جنازي نماز ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن شبير احمد قائم خاني، عبدالقادر خانزاده ۽ ٻين کان علاوه مقامي ذميوارن ۽ ڪارڪنن  ۽ مرحوم جي مٽن مائٽن ۽ فنڪارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
Read More    Posted on: 01 Aug 2015
معروف مزاحيه فنڪار فريد خان جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان تعزيت جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ملڪ جي معروف مزاحيه فنڪار فريد خان جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي انهن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو آهي.
Read More    Posted on: 01 Aug 2015
ڪراچي جي مختلف علائقن مان رينجر ۽ پوليس ايم ڪيو ايم جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو.
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رينجر ۽ پوليس جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪيترن ئي ڪارڪنن جي گرفتاري جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. 
Read More    Posted on: 01 Aug 2015
رينجر ۽ پوليس ايم ڪيو ايم اورنگي ٽائون سيڪٽر يونٽ 124 جي ڪارڪن انيس ولد حنيف، ايلڊر ونگ جي ڪارڪن محمد اعجاز جي ڄاٽي ۽ انهن جي پٽ محمد علي خان ۽ لياقت آباد سيڪٽر يونٽ ڪميٽي جي ميمبر محمد آصف کي گرفتار ڪري ورتو.
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين تي سخت احتجاج ڪندي ان کي ملڪ جي آئين ۽ قانون جي خلاف سازش قرار ڏنو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن جي نالي تي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن کي هڪ سوچيل سمجهيل سازش جي تحت گرفتار ڪري لاپتا ڪيو پيو وڃي جنهن سان پوري ڪراچي ۾ خوف و هراس پکڙيل آهي.

Read More    Posted on: 31 Jul 2015
مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم ڀرپور طريقي سان حصو وٺندي. رابطا ڪميٽي ميمبر اسلم شاھ آفريدي.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر اسلم شاھ آفريدي چيو آهي ته ايندڙ مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم ڀرپور طريقي سان حصو وٺندي. انهن خيالن جو اظهار انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.
Read More    Posted on: 31 Jul 2015
سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانگريس ۾ شموليت جي لاءِ لنڊن سيڪريٽريٽ رابطن ۽ ڪوائف نامه موڪلڻ جو سلسلو جاري آهي.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي اپيل تي زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارن سينيئر مهاجر اڪابرن جي طرفان سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانگريس ۾ شموليت جي لاءِ ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن ۾ رابطن ۽ ڪوائف نامه موڪلڻ جو سلسلو جاري آهي.
Read More    Posted on: 31 Jul 2015
سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانگريس ۾ شموليت جي لاءِ لنڊن سيڪريٽريٽ رابطن ۽ ڪوائف نامه موڪلڻ جو سلسلو جاري آهي.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي اپيل تي زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارن سينيئر مهاجر اڪابرن جي طرفان سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانگريس ۾ شموليت جي لاءِ ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن ۾ رابطن ۽ ڪوائف نامه موڪلڻ جو سلسلو جاري آهي.
Read More    Posted on: 31 Jul 2015
ايم ڪيو ايم جا قائد جناب الطاف حسين پهرين آگسٽ بروز ڇنڇر تي ايم ڪيو ايم آمريڪا جي ٽي روزه سالانه ڪنونشن کي انتهائي اهم خطاب فرمائيندا. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ايم ڪيو ايم جا قائد جناب الطاف حسين پهرين آگسٽ بروز ڇنڇر تي آمريڪا جي ٽي روزه سالانه ڪنوينشن کي انتهائي اهم خطاب فرمائيندا. 
Read More    Posted on: 31 Jul 2015
سڄي دنيا ۾ رهڻ وارا پاڪستاني ۽ سچا حق پرست عوام آمريڪا جي شهر ڊيلاس ۾ پهرين آگسٽ بروز ڇنڇر تي ٿيندڙ منهنجو خطاب مهرباني ڪري غور سان ٻڌن. ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي اپيل.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سڄي دنيا ۾ رهڻ وارن پاڪستانين ۽ سڄي دنيا جي سچن حقن پرست ماڻهن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي آمريڪا جي شهر ڊيلاس ۾ ڇنڇر تي ٿيندڙ منهنجو خطاب ڊيلاس جي مقامي وقت جي مطابق منجهند 4 وڳي ۽ لنڊن جي وقت جي مطابق رات 10 وڳي مهرباني ڪري غور سان ٻڌن.
Read More    Posted on: 31 Jul 2015
هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان، واشنگٽن پوسٽ ۽ بي بي سي ڪراچي آپريشن ۾ ايم ڪيو ايم تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.وسيم اختر.
ايم ڪيو ايم سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل جي انچارج وسيم اختر چيو آهي ته ڪراچي ٽارگيٽڊ آپريشن ۾ وڏي پيماني تي انساني حقن جون خلاف ورزيون ٿيون رهيون آهن ۽ ظلم ڪيا پيا وڃن، ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري لاپتا ڪيو پيو وڃي ۽ ڪارڪنن کي ماورائي عدالت قتل به ڪيو پيو وڃي ۽ جڏهن ته گرفتار ڪيلن کي سرڪاري حراست ۾ تشدد جو نشانو به بڻايو پيو وڃي.
Read More    Posted on: 29 Jul 2015
عدالتي حڪم جي باوجود قمر منصور کي طبي معائني جي لاءِ اسپتال ۾ نه آڻڻ سراسر توهين عدالت آهي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي عدالتي حڪم جي باوجود رابطا ڪميٽي جي اسير ميمبر قمر منصور کي طبي معائني جي لاءِ اسپتال ۾ نه آڻڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان عمل کي سراسر توهين عدالت قرار ڏنو آهي. 
Read More    Posted on: 29 Jul 2015
ڪراچي کان حيدرآباد ويندڙ 12 لاپتا ڪارڪنن ۽ همدردن کي فوري طور تي بازياب ڪرايو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي حيدرآباد ۾ شادي جي تقريب ۾ ويندڙ ايم ڪيو ايم گلستان جوهر سيڪٽر جي چئن ڪارڪنن ۽ 8 همدردن جي گمشدگي تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
Read More    Posted on: 28 Jul 2015
وزير اعظم ميان نواز شريف تحريڪ انصاف جي سمورن استعيفٰي ڏنل ميمبرن کي پارليامينٽ مان ٻاهر ڪڍن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جوڊيشل ڪميشن جي فيصلي جي باوجود تحريڪ انصاف جي رهنمائن جي بيانن تي سخت رڌ عمل جو اظهار ڪندي فرمايو آهي ته عمران خان ۽ پي ٽي آئي جي ٻين رهنمائن جوڊيشل ڪميشن جي فيصلي کي به ڪُوئي ۽ ٻلي جي رانڌ بڻائي ڇڏيو آهي. 
Read More    Posted on: 28 Jul 2015
Items 1276 to 1290 of 2634