Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

وزير اعلٰي سنڌ ۽ وزير داخلا سنڌ خدا ۽ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي واسطي قمر منصور کي فوري طور تي اسپتال ۾ داخل ڪرائين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


وزير اعلٰي سنڌ ۽ وزير داخلا سنڌ خدا ۽ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي واسطي قمر منصور کي فوري طور تي اسپتال ۾ داخل ڪرائين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 7/19/2015
وزير اعلٰي سنڌ ۽ وزير داخلا سنڌ خدا ۽ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي واسطي قمر منصور کي فوري طور تي اسپتال ۾ داخل ڪرائين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
سخت تشدد جي ڪري قمر منصور جو منھ سجيل آهي ۽ پيشاب ۾ رت به اچي رهيو آهي.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 19 جولائي 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ وزير داخلا سنڌ انور سيال کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته اهي خدا ۽ رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم جي واسطي رابطا ڪميٽي جي ميمبر قمر منصور کي فوري طور تي اسپتال ۾ داخل ڪرائين ته جيئن انهن جي جان بچائي سگهجي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته قمر منصور کي رينجر رمضان شريف جي 29 هين رات تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ مان گرفتار ڪيو هو جنهن کان پوءِ انهن کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي. انهن فرمايو ته قمر منصور کي 1992 جي آپريشن ۾ به گرفتار ڪيو ويو هو ۽ ڪيترن ئي مهينن تائين انهن سان غير انساني سلوڪ ڪيو ويو هو. جنهن سان انهن جي ڪرنگهي جي هڏي سميت ٻيا گهڻائي عضوا سخت متاثر ٿيا هئا. رهائي کان پوءِ اهي وڏي علاج کان پوءِ هلڻ ڦرڻ جي قابل ٿيا هئا، پر مڪمل طور تي صحت ياب نه ٿي سگهيا هئا. جناب الطاف حسين فرمايو ته اڄ منهنجي قمر منصور جي ڀيڻ ڊاڪٽر مسرت جهان سان فون تي ڳالھ ٻولھ ٿي آهي جنهن ٻڌايو ته قمر منصور کي رينجر جا اعلٰي آفيسر انهن جي والده سان ملاقات جي لاءِ اسپتال وٺي آيا هئا. ڊاڪٽر مسرت جهان ٻڌايو ته رينجر 

جي وحشياڻي تشدد جي ڪري قمر منصور مرڻ جهڙا ٿي ويا آهن ۽ انهن جي حالت ڏسڻ وٺان نه آهي. حراست جي دوران وحشياڻي تشدد سان انهن جو منھ سجيل هو، مٿي تي گوڙها پئجي ويا آهن، پيشاب ۾ رت اچي رهيو آهي ۽ انهن جي پيرن جا ترا به سخت ڦٽيل هئا.تشدد جي ڪري انهن جي ڪرنگهي جي هڏي جي تڪليف ۾ اضافو ٿي ويو آهي ۽ اهي صحيح طريقي سان گهمي به نه پيا سگهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان وزير اعلٰي سنڌ ۽ وزير داخلا سنڌ جي علم ۾ اها ڳالھ آڻڻ چاهيان ٿو ته قمر منصور جي والده محترمه پهرين ئي سخت بيمار آهن ۽ قمر منصور جي گرفتاري کان پوءِ انهن جي حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي ۽ سخت بيماري جي ڪري اهي هڪ پرائيويٽ اسپتال ۾ زير علاج آهن.جناب الطاف حسين الله پاڪ ۽ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جو واسطو ڏيئي ڪري سنڌ جي وزير اعلٰي سيد قائم علي شاھ ۽ وزير داخلا سنڌ انور سيال کي اپيل ڪئي ته اهي قمر منصور جي جان بخشي جي لاءِ انهن کي فوري طور تي ڪنهن اسپتال ۾ داخل ڪرائين. 
*****


6/30/2024 5:51:51 AM