Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جناب الطاف حسين پنهنجي مرڻ گهڙي تائين جي بک هڙتال جو فيصلو واپس وٺن،اسان جهڙا ڪروڙين ڪارڪن پهرين ان مرحلي کان گذرندا. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار جي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس.


جناب الطاف حسين پنهنجي مرڻ گهڙي تائين جي بک هڙتال جو فيصلو واپس وٺن،اسان جهڙا ڪروڙين ڪارڪن پهرين ان مرحلي کان گذرندا. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار جي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس.
 Posted on: 7/20/2015
جناب الطاف حسين پنهنجي مرڻ گهڙي تائين جي بک هڙتال جو فيصلو واپس وٺن،اسان جهڙا ڪروڙين ڪارڪن پهرين ان مرحلي کان گذرندا. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار جي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس.
ڪراچي؛ 20 جولائي 2015 
              متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي دردمندانه اپيل ڪئي آهي ته اهي پنهنجو مرڻ گهڙي تائين جي بک هڙتال جو فيصلو واپس وٺن. اها اپيل انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ هڪ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪئي.انهن چيو ته جناب الطاف حسين وڏي ڏک ۽ تڪليف ۾ مبتلا آهن ڇو ته اهي پنهنجن ڪارڪنن سان پنهنجن ٻچن وانگر محبت ڪن ٿا ۽ انهن جا هزارين ٻچا جيلن ۾ قيد جون تڪليفون برداشت ڪري رهيا آهن ۽ درجنين ٻچن کي شهيد ڪيو ويو آهي. انهن چيو ته 70 جي ڏهاڪي جو لساني بل به اسان کي ياد آهي جنهن جي بنياد تي پوري سنڌ کان مهاجرن کي ڌڪيو ويو هو. پوءِ 77 19 ۾ هلائي ويندڙ تحريڪ ۾ به سنڌ جي شهري علائقن ۾ مهاجرن کي وڏي تعداد ۾ شهيد ڪيو ويو. 1986 ۾ قصبه علي ڳڙھ ۾ مهاجر آبادين تي حملا ڪيا ويا، مهاجرن جو قتل عام ڪيو ويو ۽ پوءِ ڪوٽا سسٽم جي ذريعي اقتصادي، معاشي ۽ تعليمي قتل عام به ڪيو ويو، اها ئي اها تڪليف آهي جنهن کي جناب الطاف حسين تمام گهڻو محسوس ڪن ٿا. انهن چيو ته اسان مطالبو ڪريون ٿا ته انهن سمورن واقعن ۽ سانحن جي تحقيقات ڪرائي وڃي. انهن وڌيڪ چيو ته جناب الطاف حسين هميشه پنهنجو حق ادا ڪيو آهي، جڏهن به تحريڪ تي برو وقت آيو ته سڀني کان پهرين جناب الطاف حسين گرفتاري پيش ڪئي آهي پوءِ ڀلي اهو 1979 هجي، 1986 هجي يا پوءِ 1987 هجي ۽ پوءِ جڏهن بک هڙتال جو وقت آيو ته مرڻ گهڙي تائين جي بک هڙتال به جناب الطاف حسين ڪئي هئي. انهن چيو ته جناب الطاف حسين پوري قوم جي لاءِ اتحاد جي علامت آهن، پوري پاڪستان جي غريبن ۽ مجبورن جون اميدون جناب الطاف حسين سان ئي وابسته آهن. انهن چيو ته جناب الطاف حسين اسان ڪارڪنن جي لاءِ قومي اثاثو آهن ۽ جناب الطاف حسين جو نقصان پوري قوم جو نقصان آهي. ان جي ڪري اسان جناب الطاف حسين کي اپيل ڪريون ٿا ته اهي پنهنجي مرڻ گهڙي تائين جي هڙتال جي فيصلي تي نظر ثاني ڪن، اسان جهڙا ڪروڙين ڪارڪن پهرين ان مرحلي مان گذرندا. انهن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته جناب الطاف حسين جي صحت ۽ حالتون ان ڳالھ جو تقاضا ڪن ٿيون ته قربانين جي ان مرحلي ۾ پهرين ڪارڪن اوهان کان اڳتي نظر ايندا ۽ پوري پاڪستان کان اسان اهو سوال ڪريون ٿا ته الزامن جي سياست جو جيڪو تحفو جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم کي ڏنو ويو آهي ڇا اسان ان جا حقدار هئاسين؟ جناب الطاف حسين ته جاگيردارن ۽ وڏيرن جي وچان غريب ۽ مڊل ڪلاس جي ماڻهن کي ملڪ جي ايوانن ۾ موڪليو. جناب الطاف حسين پنهنجي خاندان کي پاڪستان جي موروثي سياست کان پري رکي ڪري  پاڪستان کي هڪ نئين راھ ڏيکاري آهي. انهن چيو ته پاڪستان جي سياست جنهن جو اندازو گلوبٽ ۽ جنهن جو ڪردار ايان علي هجي ته ڇا اتي ايم ڪيو ايم جي سياست پاڪستان جي لاءِ هڪ هوا جو تازو جهونڪو نه هئي.انهن چيو ته ڏوهن جي آڙ ۾ ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن ۽ اسان کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي جيڪو سٺو عمل نه آهي. 
*****


6/30/2024 5:51:38 AM