Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

چترال ۾ سيلابي وهڪري جي ڪري جاني ۽ مالي نقصان ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


چترال ۾ سيلابي وهڪري جي ڪري جاني ۽ مالي نقصان ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 7/20/2015
چترال ۾ سيلابي وهڪري جي ڪري جاني ۽ مالي نقصان ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي؛ 20 جولائي 2015 
              متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چترال ۾ سيلابي وهڪري جي ڪري هڪ عورت ۽ ٻارڙي جي هلاڪ ۽ ڪيترن ئي جي زخمي ٿيڻ جي واقعي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته گذريل هفتي کان چترال ۾ سخت برساتن جو سلسلو جاري آهي. جنهن جي ڪري سيلابي وهڪري وڏي تباهي مچائي ڇڏي آهي ۽ چترال جو زميني رابطو ملڪ کان ڪٽجي ويو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته سيلابي وهڪري ۽ سخت برساتن جي ڪري ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ۽ ماڻهو کليل آسمان هيٺان مدد جا منتظر آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته حڪومت جي طرفان چترال جي عوام جي جان و مال جي تحفظ جي لاءِ اڳواٺ قدم نه کنيا ويا جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف کان مطالبو ڪيو ته چترال ۾ سيلابي وهڪرن ۾ وڌيڪ جاني ۽ مالي نقصانن کان بچڻ جي لاءِ فوري طور تي ڊيزاسٽر مينجمينٽ سيل سميت ٻين لاڳاپيل ادارن کي فعال ڪيو وڃي. رابطا ڪميٽي سيلابي وهڪرن ۾ هلاڪ ٿيندڙن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحومن کي  جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين. ان کان علاوه رابطا ڪميٽي زخمين جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.
*****

6/30/2024 5:50:39 AM