Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جناب الطاف حسين سميت رابطا ڪميٽي و حق پرست اسيمبلي ميمبرن ۽ ذميوارن جي خلاف بي بنياد مقدما قائم ڪرڻ سياسي انتقام آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


جناب الطاف حسين سميت رابطا ڪميٽي و حق پرست اسيمبلي ميمبرن ۽ ذميوارن جي خلاف بي بنياد مقدما قائم ڪرڻ سياسي انتقام آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 7/20/2015
جناب الطاف حسين سميت رابطا ڪميٽي و حق پرست اسيمبلي ميمبرن ۽ ذميوارن جي خلاف بي بنياد مقدما قائم ڪرڻ سياسي انتقام آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 20 جولائي 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ دهشت گردن ۽ انتها پسندن جي خاتمي جي لاءِ آپريش جو مطالبو ڪيو هو ۽ ان آپريشن جي ڪاميابي جي لاءِ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن سان مڪمل تعاون به ڪري رهي آهي. پر ڪراچي آپريشن جي آڙ ۾ ايم ڪيو ايم کي ئي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ جناب الطاف حسين، رابطا ڪميٽي پاڪستان جي انچارج ڪهف الورٰي، رابطا ڪميٽي ميمبرن ڊاڪٽر فاروق ستار، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، حيدرعباس رضوي، عارف خان، قمر منصور، وسيم اختر، سينيٽرن خوش بخت شجاعت، سينيٽر طاهر مشهدي، قومي اسيمبلي ميمبرن رشيد گوڏيل، ريحان هاشمي، سلمان مجاهد، ڪشور زهرٰي، سنڌ اسيمبلي ميمبرن خواجه اظهار الحسن، رئوف صديقي، جمال احمد، وسيم قريشي، سابق حق پرست اسيمبلي ميمبرَ طيب هاشمي، ذميوار عورتن ۽ ذميوارن جي خلاف ڪوڙا مقدما قائم ڪيا پيا وڃن جيڪا سراسر انتقامي ڪاروائي آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته انهن جي گهرن تي ڇاپا به هنيا پيا وڃن. رابطا ڪميٽي وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم ملڪ جي جمهوريت پسند ۽ آئين ۽ قانون پسند جماعت آهي پر ان کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي . رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي ايم ڪيو ايم سان ٿيندڙ سياسي انتقامي ڪاروائيون بند ڪرائين ۽ انهن قائم ٿيل مقدمن کي فوري طور تي ختم ڪرائين ۽ گرفتار ٿيل سمورن ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد ڪرائين. 
*****

6/30/2024 5:51:15 AM