Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي سينيئر ڪارڪن محترمه شاھ جهان بيگم عرف چني باجي جي مڙس ، ليبر ڊويزن جي سينيئر ڪارڪن سيد محمود حسين جي وفات تي تعزيت جو اظهار.


ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي سينيئر ڪارڪن محترمه شاھ جهان بيگم عرف چني باجي جي مڙس ، ليبر ڊويزن جي سينيئر ڪارڪن سيد محمود حسين جي وفات تي تعزيت جو اظهار.
 Posted on: 7/19/2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي سينيئر ڪارڪن محترمه شاھ جهان بيگم عرف چني باجي جي مڙس ، ليبر ڊويزن جي سينيئر ڪارڪن سيد محمود حسين جي وفات تي تعزيت جو اظهار.
لنڊن؛ 19 جولائي 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڪارڪن محترمه شاھ جهان بيگم عرف چني باجي کي فون ڪري انهن سان انهن جي مڙس، ايم ڪيو ايم ليبرڊويزن ڪي پي ٽي يونٽ جي سينيئر ڪارڪن سيد محمود حسين جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ انهن کي دلاسو به ڏنو. شاھ جهان بيگم سان ڳالھ ٻولھ ڪندي جناب الطاف حسين فرمايو ته اوهان جي مڙس سيد محمود حسين تحريڪ جي لاءِ جيڪي خدمتون انجام ڏنيون آهن انهن کي وساري نه ٿو سگهجي ۽ مان تحريڪ جي سمورن ڪارڪنن ۽ اوهان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين. ان کان علاوه جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي لنڊن کي فون ڪري شاھ جهان بيگم کي فوري طور تي پاڪستان موڪلرائڻ جا انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ جناب الطاف حسين نائن زيرو فون ڪري رابطا ڪميٽي پاڪستان کي به هدايت ڪئي ته اهي سيد محمود حسين مرحوم جي تجهيز و تڪفين جا سمورا انتظام ڪن ۽ ذميوار ۽ ڪارڪن به تجهيز و تڪفين ۾ ڀرپور طريقي سان حصو وٺن. ان کان علاوه شاھ جهان بيگم جي مڙس جي وفات جي اطلاع ملندي ئي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي لنڊن جي ميمبرن ۽ شعبه خواتين جي ميمبرياڻين شاھ جهان بيگم سان انهن جي گهر وڃي ڪري تعزيت ڪئي ۽ انهن کي دلاسو به ڏنو.

6/30/2024 5:49:51 AM