عيد جي ڏينهن ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ۽ ٻيا ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد ۽ شعبه اطلاعات جي ميمبر وقاص شهيد سميت سمورن حق پرست شهيدن جي گهر ويا ۽ انهن جي پونئرن سان ملاقات ڪئي.
ڪراچي؛ 18 جولائي 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پاڪستان جي انچارج ڪهف الورٰي، رابطا ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار، ڊاڪٽر نصرت، ڪنور نويد جميل، عظيم فاروقي، عارف خان، عبدالحسيب، گلفراز خان خٽڪ، اسلم آفريدي، توصيف خانزاده، وسيم اختر، سي اي سي ميمبر، اسيمبلي ميمبر ۽ ٻيا عيد جي ڏينهن ايم ڪيو ايم ڪنوينر شهيد انقلاب ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد، شعبه اطلاعات جي ميمبر وقاص شهيد سميت سمورن حق پرست شهيدن جي گهر ويا ۽ انهن جي پونئرن سان ملاقات ڪري انهن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان عيد جي مبارڪباد پيش ڪئي. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي شهيدن جي پونئرن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته حق پرستي جي تحريڪ اڄ جنهن مقام تي آهي اها شهيدن جي لازوال قربانين جي صدقي سان ئي آهي ۽ انشاء الله تعالٰي شهيدن جو رت رنگ لائيندو. رابطا ڪميٽي شهيدن جي پونئرن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ شهيدن جي لاءِ فاتحه خواني به ڪئي.