پنهنجي والده محترمه خورشيد بيگم مرحومه جو قسم کڻي ڪري چوان ٿو ته مهاجرن جي حقن ۽ انهن کي انهن جو جائز مقام ڏيارڻ جي جدوجهد پنهنجي آخري ساھ تائين ڪندو رهندس.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 21 جولائي 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته مان پنهنجي والده محترمه خورشيد بيگم مرحومه جو قسم کڻي ڪري چوان ٿو ته مان مهاجرن کي انهن جا جائز حق ڏيارڻ ۽ انهن کي انهن جو جائز مقام ڏيارڻ جي جدوجهد پنهنجي آخري ساھ تائين ڪندو رهندس. ڀلي ان جدوجهد ڪرڻ جي ڏوھ ۾ مون کي ڪيتريون ئي تڪليفون ڇو نه ڏنيون وڃن. انهن فرمايو ته ظلم جي خلاف مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جي نتيجي ۾ جيڪڏهن منهنجي موت به ٿي وئي ته منهنجي موت منهنجي قسم جي سچائي جو ثبوت هوندي. جناب الطاف حسين اها ڳالھ نائن زيرو ۽ انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي لنڊن ۽ پاڪستان جي ميمبرن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪئي.
*****