ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ۽ ٻين جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ عيد نماز ادا ڪئي.
ڪراچي؛ 18 جولائي2015
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي انچارج ڪهف الورٰي، رابطا ڪميٽي ميمبرن ڊاڪٽر فاروق ستار، خالد مقبول صديقي، عامر خان، عارف خان، عبدالحسيب، گلفراز خان خٽڪ، سي اي سي ميمبرن، سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن، شعبن جي ميمبرن ۽ ڪارڪنن عيد نماز جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ ادا ڪئي. ان کان پوءِ جناب الطاف حسين جي صحت و سلامتي، وڏي عمر، حق پرست شهيدن جي بلند درجات، اسير ڪارڪنن جي جلد رهائي، لاپتا ڪارڪنن جي سلامتي سان جلد رهائي. ملت اسلاميه جي اتحاد ۽ دهشت گردي جي خاتمي سميت ضرب عضب جي ڪاميابي ۽ پاڪ فوج جي ڪاميابي جي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون ويون. ان کان پوءِ رابطا ڪميٽي نائن زيرو تي عوام ۽ ڪارڪنن سان عيد ملي ۽ انهن کي جناب الطاف حسين جي طرفان عيد جي مبارڪباد به پيش ڪئي.
*****