Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال تي ويهڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.


ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال تي ويهڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
 Posted on: 7/19/2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال تي ويهڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
مان قوم سان وعدو ڪيو هو ته مان پنهنجي جان ته ڏيئي ڇڏيندس پر ظالمن جي اڳيان پنهنجو سر نه جهڪائيندس.
بک هڙتال جا انتظام شروع ٿي چڪا آهن ۽ مقامي انتظاميه کان اجازت ملندي ئي مان بک هڙتال شروع ڪري ڇڏيندس.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 19 جولائي 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين مرڻ گهڙي تائن بک هڙتال تي ويهڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته مان قوم سان وعدو ڪيو هو ته مان ظالمن جي اڳيان پنهنجو سر نه جهڪائيندس، مان پنهنجي جان ته ڏيئي ڇڏيندس پر مهاجرن سان گڏو گڏ پاڪستان جي سمورن مظلومن ۽ محروم عوام جي حقن ۽ مفادن جو سودو هرگز به نه ڪندس. مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال سان مان پنهنجي جان ڏيئي ڪري پنهنجو وعدو پورو ڪرڻ پيو وڃان. انهن فرمايو ته مان اهو قدم ان جي لاءِ کڻڻ تي مجبور ٿيو آهيان ڇو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون، فوج، رينجر ۽ پوليس ڪارن قانونن جو سهارو وٺي ڪري مهاجرن جي معاشي ۽ جسماني نسل ڪشي ڪري رهيون آهن. اڄ پاڪستان جي قيام کي 67 سال ٿي چڪا آهن پر مهاجرن کي برابر جو پاڪستاني نه ٿو سمجهيو وڃي. ڪيترن ئي سالن کان جاري مهاجرن جي قتل عام ۾ هزارين مهاجرن کي شهيد ڪيو ويو جن ۾ 

پاڪستان جو پهريون وزير اعظم خان لياقت علي خان به شامل آهي. پر ڪنهن هڪ به مهاجر جي قاتل کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي. انهن شهيدن ۾ منهنجو وڏو ڀاءُ ناصر حسين شهيد ۽ 28 سالن جو ڀائيٽو عارف حسين شهيد به شامل آهن. جن جو ايم ڪيو ايم سان ڪوئي به تعلق نه هو. انهن جي قاتلن کي به اڄ تائين گرفتار نه ڪيو ويو آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪجھ سياسي تجزيه نگار، ڪالم نگار، صحافي ۽ اينڪر پرسنَ ايم ڪيو ايم تي بهتان ته هڻن ٿا پر اهي عصبيت ۽ سياسي مخالفت کان ٻاهر اچي ڪري ڪڏهن به ايم ڪيو ايم جي جائز شڪايتن تي غور نه ٿا ڪن. جناب الطاف حسين فرمايو ته ماڻهو عصبيت ۾ انڌا ٿي ڪري ايم ڪيو ايم تي اهي الزام هڻڻ ٿا ته ان سنڌ ۾ لساني سياست جو آغاز ڪيو پر برطانيه جي اخبار دي ٽائيمز ۾ 8 جنوري 1965 ( اخباري تراشو منسلڪ آهي) جي ان خبر جو اهي ڪهڙو جواز پيش ڪندا جنهن ۾ واضع طور تي لکيل آهي ته جنرل ايوب خان جي پٽ گوهر ايوب مادر ملت محترمه فاطمه جناح جي حمايت ڪرڻ جي ڏوھ ۾ ڪراچي ۾ جشن فتح ملهائڻ کان پوءِ قتل عام ڪيو. جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 30 اردو ڳالهائڻ وارن کي شهيد ڪيو ويو ۽ انهن جي گهرن کي باھ ڏيئي ڪري ساڙيو ويو جنهن سان گهٽ ۾ ٻن کان ٽي هزار مهاجر بي گهر ٿي ويا. انهن فرمايو ته جنهن وقت اهو قتل عام ڪيو ويو ان وقت ايم ڪيو ايم جو ڪوئي به وجود نه هو، ڇو ته ان وقت منهنجي عمر به 12 سال هئي. اهل قلم ان سوال جو جواب ڏين ته ڇا اهو قتل عام عصبيت ۽ تعصب نه هو؟ ڇا ان عصبيت ۽ تعصب جي ذميوار به ايم ڪيو ايم هئي؟ جناب الطاف حسين پاڪستاني ميڊيا جي سمورن اينڪر پرسنن، ليکڪن، صحافين، ڪالم نگارن ۽ سياسي تجزيه نگارن کي چيو ته اهي ايم ڪيو ايم تي الزام لڳائيندي وقت ان سوال جو جواب ڏين ته 70 ، 80 ۽ 90 جي ڏهاڪن ۾ ٿيندڙ مهاجرن جي قتل عام جي درجنين واقعن جو ذميوار ڪير هو ۽ انهن کي اڄ تائين ڇو گرفتار نه ڪيو ويو ؟ انهن مهاجرن جي خلاف خوني واقعن جون تفصيلات بيان ڪندي فرمايو ته 1970 جي ڏهاڪي ۾ ان وقت جي سنڌ جي صوبائي حڪومت ڪوٽا سسٽم نافذ ڪري  ۽ لساني بل پيش ڪري سنڌ جي مستقل ماڻهن جي وچ ۾ فرق  پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.  ان جي خلاف پرامن احتجاج ڪرڻ وارن مهاجرن کي دهشت گردي جو نشانو بڻايو ويو جنهن کان پوءِ اندرون سنڌ ۾ هڪ منظم سازش جي تحت لکين مهاجرن جي زمينن ، باغن، جائيدادن، گهرن ۽ ڪاروبار تي قبضو ڪري انهن کي لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو. هزارين بي گناهن کي قتل، سوَن کي زخمي ۽ لکين ماڻهن کي بي گهر ڪيو ويو. ان قتل عام ۽ ظلم جا ذميوار ڪٿي آهن ۽ اڄ تائين انهن جي خلاف  ڪهڙو ايڪشن ورتو ويو آهي؟ انهن فرمايو ته 31 آڪٽوبر 1986 تي ڪراچي جي علائقي سهراب گوٺ ۽ حيدرآباد جي مارڪيٽ چوڪ تي اسٽيبلشمينٽ جي سرپرستي ۾ ايم ڪيو ايم جي پرامن جلسن تي فائرنگ ڪرائي وئي. جنهن جي نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم جا درجنين بي گناھ ۽ پرامن ڪارڪن شهيد ۽ سوين زخمي ٿي ٿيا. انهن فرمايو ته 14 ڊسمبر 1986 تي ڪراچي جي قصبه علي ڳڙھ ڪالوني جي پرامن هٿين خالي مهاجر آبادين تي پهاڙن کان يلغار ڪري سوين ماڻهن کي بي رحمي سان قتل ڪيو ويو. مهاجر عورتن جون عزتون لٽيون ويون، معصوم ٻارن کي قتل ڪري انهن جي جسمن جا ٽڪڙا ڪيا ويا. انهن سمورن ظلمن جا ثبوت اسان وٽ موجود آهن. منهنجو سوال اهو آهي ته آخر ان قتل عام جي ڪيترن ڏوهارين جي خلاف آپريشن ڪيو ويو ۽ ڪيترن ماڻهن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وئي. انهن فرمايو ته 30 سيپٽمبر 1988 تي گاڏين ۾ هٿيار بند دهشت گردن حيدرآباد ۾ داخل ٿي ڪري اتي هٿين خالي مهاجرن تي اڌ ڪلاڪ تائين فائرنگ ڪئي، فوج، رينجر ۽ پوليس ڪو به انهن مهاجرن جي مدد کي نه آيو ۽ صرف اڌ ڪلاڪ ۾ سوين مهاجرن کي قتل ڪيو ويو. مان سوال ڪريان ٿو ته ان ظلم جو ذميوار ڪير آهي ۽ انهن کي ڪير بي نقاب ڪندو؟ جناب الطاف حسين فرمايو ته 26 ،27 مئي 1990 تي پوليس جي وردين ۾ ملبوس دهشت گردن حيدرآباد پڪا قلعي جو محاصرو ڪري اتي بجلي ۽ پاڻي جي سپلائي به معطل ڪري ڇڏي. ان ظلم تي مٿن تي قرآن پاڪ کڻي ايندڙ عورتن تي به وحشي دهشت گردن گوليون وسايون ۽ اتي رهندڙ ماڻهن جو قتل عام شروع ڪري ڇڏيو. جيڪو ٻن ڏينهن تائين جاري رهيو. ايمبولنسن کي به اندر اچڻ نه ڏنو ويو. ايستائين جو قبرستانن ۾ لاشون به دفن ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي. جنهن جي ڪري پڪا قلعي ۾ ئي شهيدن جي تدفين ڪئي وئي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪراچي ۾ ڪائي اهڙي وسندي نه آهي جنهن تي حملو ڪري مهاجرن جو قتل عام نه ڪيو ويو هجي. 80 جي ڏهاڪي جي آخر ۾ اسٽيبلشمينٽ پي پي آئي نالي دهشت گرد تنظيم بڻائي گرين ٽائون، رفاع عام، الفلاح سوسائٽي، جلال آباد، ماڊل ڪالوني، خواجه اجمير نگري ۽ ٻين مهاجر آبادين ۾ روزانو مهاجرن جو قتل عام ڪرائيندي هئي پر اڄ تائين ان ظلم جي ذميوارن کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي. انهن فرمايو ته مهاجرن جي ان نسل ڪشي تي اسان پوري دنيا جي ضمير کي جهنجهوڙيو، ايمنسٽي انٽرنيشنل، ايشيا واچ ۽ اقوام متحده جي انساني حقن جي ڪميشن جو به دروازو کڙڪايو، پاڪستان ۾ انساني حقن جي نام نهاد ادارن کي به سموريون حقيقتون موڪليون پر ڪنهن به ان ظلم جي خلاف ايڪشن نه ورتو. مهاجرن جي رت جا اڃايل مهاجرن کي قتل ڪري پنهنجي اڃ  وسائيندا رهيا پر ڪنهن به ان ظلم جي خلاف حق جي آواز بلند نه ڪئي. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان 37 سالن جي جدوجهد کان پوءِ ان حتمي نتيجي تي پهتو آهيان ته پاڪستان جي طاقتور اسٽيبلشمينٽ، جاگيردار، وڏيرا ۽ اقتدار مافيا نه صرف مهاجرن سان سخت نفرت ۽ عصبيت تي يقين رکن ٿا. بلڪه پاڪستان جي سرزمين کان مهاجرن جي وجود کي به  مٽائڻ چاهين ٿا. ان اسٽيبلشمينٽ 67 سال گذرڻ جي باوجود به مهاجرن کي دل سان تسليم نه ڪيو، نه ڪيو، نه ڪيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته مهاجرن جي لاءِ ان کان وڌيڪ ڏک جي ڳالھ ڪهڙي هوندي جو اڄ ان وطن ۾ انهن جي حب الوطني جي باري ۾ سوال اٿاريا پيا وڃن. جنهن کي انهن پنهنجو رت ڏيئي ڪري قائم ڪيو ۽ پوءِ ان کي بچائڻ جي لاءِ ٻيهر به قرباني ڏني. انهن فرمايو ته مهاجر اهي ماڻهو آهن. جن پاڪستان جي خاطر ٻه دفعا کان وڌيڪ قرباني ڏني. هڪ اهو وقت هو جڏهن تحريڪ پاڪستان هلي رهي هئي. ان وقت انهن جاني قرباني ڏيئي ڪري پاڪستان قائم ڪيو. ٻيو وقت اهو هو جڏهن 71 ۾ اوڀر پاڪستان ۾ عليحدگي جي تحريڪ هلي رهي هئي. ان وقت به اتي رهڻ وارن مهاجرن پاڪستان ٽوڙڻ وارن جو نه بلڪه پاڪستان جي دفاع جي لاءِ پاڪ فوج جو ساٿ ڏنو. مهاجرن پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪري قربانيون ڏنيون پر پاڪستان جي لاءِ وڙهڻ ۽ پاڪ فوج جو ساٿ ڏيڻ وارا مهاجر اڄ به بنگله ديش جي ريڊ ڪراس جي ڪيمپن ۾ بي وسي جي زندگي گذاري رهيا آهن.  جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪراچي ۾ امن جي سڀني کان وڏي داعي ايم ڪيو ايم آهي. ڪراچي ۾ سڀني کان پهرين آپريشن جو مطالبو به ايم ڪيو ايم ئي ڪيو ۽ ڏوهارين، قاتلن ۽ دهشت گردن جي خلاف هڪ بغير ڪنهن فرق ، غيرجانبدارانه ۽ شفاف آپريشن جو مطالبو به ايم ڪيو ايم ئي ڪيو. ان آپريشن کان پهرين ڪراچي بدامني ڪيس جي سماعت ۾ سپريم ڪورٽ جي طرفان اهو چيو ويو ته ڪراچي جي تمام جماعتن ۽ گروپن ۾ دهشت گرد موجود آهن.پر جڏهن آپريشن شروع ڪيو ويو ته صرف ۽ صرف ايم ڪيو ايم کي نشانو بڻايو ويو. هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي جي عوام سان ڌوکو ڪيو ويو، انهن کي هڪ ڀيرو ٻيهر عصبيت ۽ تعصب جو نشانو بڻايو ويو. ان آپريشن ۾ ايم ڪيو ايم جي چار هزار کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، هزارين گهرن تي ڇاپا هنيا ويا. پر ڪنهن هڪ هنڌ به مقابلو نه ٿيو. ڪٿي ڪائي به مزاحمت نه ٿي ۽ نه ڪائي گولي هلي. اسان جي بي گناهي ۽ امن پسندي جو ان کان وڏو ثبوت ٻيو ڪهڙو هوندو؟ جناب الطاف حسين فرمايو ته مان سوال ڪريان ٿو ته ايم ڪيو ايم کان علاوه ڪهڙي سياسي ۽ مذهبي جماعت جي مرڪز تي ڇاپو هنيو ويو؟ ڪهڙي جماعت جي مرڪزي رهنمائن کي گرفتار ڪيو ويو؟ ڪهڙي سياسي جماعت جي ڪارڪنن کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي ڪري ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو؟ پاڪستان جي ڪهڙي جماعت جا سڀني کان وڌيڪ ڪارڪن گرفتاري کان پوءِ هن مهل تائين لاپتا آهن؟ڪهڙي ٻئي جماعت جي باري ۾ رينجر اعلان ڪيو ته ان جي سمورن عهديدارن کي گرفتار ڪيو ويندو. انهن وڌيڪ فرمايو ته ظلم جي انتها اها آهي ته رينجر رمضان شريف جي مقدس مهيني جي 29 هين رات تي ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي ڇاپو هڻي ڪري رابطا ڪميٽي جي انچارج ڪهف الورٰي ۽ رابطا ڪميٽي ميمبر  قمر منصور کي گرفتار ڪيو . انهن فرمايو ته قمر منصور کي پاڪستان جا تمام تجزيه نگار، ڪالم نگار، صحافي ۽ اينڪر پرسن چڱي نموني سڃاڻين ٿا ، اهي پاڻ فيصلو ڪن ته ڇا قمر منصور دهشت گرد ٿي سگهي ٿو؟ جناب الطاف حسين فرمايو ته پاڪستان ۾ اسٽيبلشمينٽ، آئين ۽ قانون کان مٿانهين آهن، اها به انتهائي افسوسناڪ حقيقت آهي ته پاڪستان ۾ ڪائي به سياسي جماعت صحيح معنٰي ۾ جمهوريت پسند نه آهي. سڀئي سڌي ريت يا اڻ سڌي ريت اسٽيبلشمينٽ جون ايجنٽ آهن ۽ پاڪستان ۾ فرسوده جاگيرداراڻه نظام ۽ اسٽيٽس ڪو کي برقرار رکڻ چاهين ٿيون. سپريم ڪورٽ ۾ اصغر خان ڪيس جون تفصيلات موجود آهن ته ڪهڙي ڪهڙي جماعت اسٽيبلشمينٽ کان رقمون وصول ڪيون. جن ۾ موجوده وزير اعظم سان گڏو گڏ ملڪ جي ٻين وڏين وڏين جماعتن جي سربراھن ۽ سينيئر رهنمائن جا نالا به شامل آهن. انهن فرمايو ته موجوده وزير دفاع خواجه آصف گذريل پوين ڏينهن ۾ ميڊيا کي اهو بيان ڏنو ته آئي ايس آئي جي ٻن سابق سربراهن عمران خان کي استعمال ڪري ڌرڻو ڪرايو. سرمائيدارن ڌرڻي جي لاءِ پيسا ڏنا، وڏن وڏن ماڻهن کي پي ٽي آئي ۾ شامل ڪرايو ۽ ميڊيا تي ڌٻاءُ وجهي ڪري ڌرڻي جي ڪوريج به ڪرائي.  جناب الطاف حسين فرمايو ته مان مهاجرن جي خلاف ٿيندڙ ظلم ۽ ناانصافي کي روڪرائڻ جي لاءِ ۽ انهن کي پاڪستان ۾ هڪ باعزت مقام ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي پر منهنجين سمورين ڪوششن جي باوجود نه ته مهاجرن جي جسماني ۽ اقتصادي نسل ڪشي رڪجي سگهي آهي ۽ نه ئي انهن کي انصاف ملي سگهيو آهي. انهن حالتن ۾ مون وٽ ان کان سواءِ ٻيو ڪوئي چارو نه آهي ته مان مرڻ گهڙي تائين هڙتال تي ويهي رهان. ان بک هڙتال جا انتظام شروع ٿي چڪا آهن ۽ مقامي انتظاميه کان اجازت ملندي ئي مان بک هڙتال شروع ڪري ڇڏيندس. جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي کي چيو ته منهنجي موت کان پوءِ پارٽي جا معاملا مڪمل طور تي اوهان جي هٿن ۾ هوندا ۽ پوءِ اوهان جي مرضي آهي ته اوهان تحريڪ کي جاري رکو يا ان جي خاتمي جو اعلان ڪري ڇڏيو. اوهان ڀلي ڪهڙو به فيصلو ڪريو پر منهنجي اوهان کي اها ئي وصيت آهي ته اوهان تحريڪ جي شهيدن کي هميشه ياد رکجو، شهيدن جي پونئرن ۽ اسير ڪارڪنن جو ڀرپور طريقي سان خيال رکجو ۽ ان جي لاءِ ڪوئي طريقو ضرور بڻائجو. 

6/30/2024 5:49:12 AM