Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانفرنس جي انعقاد جي سلسلي ۾ ڪيترن ئي دانشورن، تاريخ دانن، ٽيڪنوڪريٽس ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارن مهاجر اڪابرن سان رابطو.


ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانفرنس جي انعقاد جي سلسلي ۾ ڪيترن ئي دانشورن، تاريخ دانن، ٽيڪنوڪريٽس ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارن مهاجر اڪابرن سان رابطو.
 Posted on: 7/21/2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانفرنس جي انعقاد جي سلسلي ۾ ڪيترن ئي دانشورن، تاريخ دانن، ٽيڪنوڪريٽس ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارن مهاجر اڪابرن سان رابطو.
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي کي ان ڪانفرنس جي انعقاد جي حوالي سان ڪيل رابطن کان آگاھ ڪيو.
هن وقت فوج پاڻ سخت ڏڦيڙ جو شڪار آهي، ملٽري انٽيليجنس آرمي چيف سان گڏ آهي، جڏهن ته آئي ايس آئي جو پورو ادارو ۽ ان جا اهلڪار ڊي جي آئي ايس آئي جنرل رضوان اختر سان گڏ آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 21 جولائي 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانفرنس جي انعقاد جي سلسلي ۾ سومر جي ڏينهن ڪيترن ئي سينيئر دانشورن، تاريخ دانن، ٽيڪنوڪريٽس ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارن مهاجر اڪابرن سان رابطو ڪيو. انهن سومر جي رات رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي انهن کي ان ڪانفرنس جي انعقاد جي حوالي سان ڪيل رابطن کان آگاھ ڪيو. جنهن ۾ سڄي دنيا کان مهاجر اڪابر، دانشور، ليکڪ ۽ ٽيڪنوڪريٽس شرڪت ڪندا. رابطا ڪميٽي سان ڳالھ ٻولھ ڪندي جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان رينجر جي غير آئيني ۽ غير قانوني قدمن کي صبر سان برداشت ڪري رهيا آهيون. پر اسان کي يقين آهي ته الله تعالٰي ظالمن تي 
پنهنجو عذاب ضرور نازل ڪندو. ڀلي اهي سويلين ڊريس ۾ هجن يا وردي ۾ هجن. پنهنجي ڳالھ ٻولھ ۾ جناب الطاف حسين انڪشاف ڪيو ته منهنجي ڄاڻ جي مطابق هن وقت فوج پاڻ سخت ڏڦيڙ جو شڪار آهي، ملٽري انٽيليجنس( ايم آئي) آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان گڏ آهي، جڏهن ته آئي ايس آئي جو پورو ادارو ۽ ان جا اهلڪار ڊي جي آئي ايس آئي جنرل رضوان اختر سان گڏ آهن. جيڪي هن وقت آرمي چيف کان به وڌيڪ طاقت رکن ٿا. انهن فرمايو ته وڌيڪ اطلاعن جي مطابق اهو به معلوم ٿيو آهي ته جنرل رضوان اختر کي آرمي چيف جنرل راحيل شريف کان پوءِ آرمي چيف بڻايو ويندو. جنهن جي باري ۾ فوجي حلقن ۾ اعلٰي سطح تي ۽ وفاقي سول حڪومت جي وچ ۾ اتفاق ٿي چڪو آهي.  جناب الطاف حسين فرمايو ته جنرل راحيل شريف هڪ بهادر ۽ فروفيشنل فوجي آهن پر اهي آئي ايس آئي چيف جي قدمن جي حوالي سان وڏي مونجهاري جو شڪار آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن جو افغانستان ، ايران ۽ انڊيا جي سرحدن جي طرفان پاڪستان کي سخت خطرا لاڳو آهن ، اهڙي وقت ۾ اهو ڏڦيڙ ڪٿي (خدا خير ڪري) ملڪ جي تباهي جو ڪارڻ نه بڻجي وڃي. 
*****


6/30/2024 5:49:11 AM