Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سينيئر مهاجر اڪابرَ “ سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانفرنس ” ۾ شموليت جي لاءِ پنهنجا ڪوائف نائن زيرو يا لنڊن موڪلين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


سينيئر مهاجر اڪابرَ “ سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانفرنس ” ۾ شموليت جي لاءِ پنهنجا ڪوائف نائن زيرو يا لنڊن موڪلين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 7/21/2015
سينيئر مهاجر اڪابرَ “ سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانفرنس ” ۾ شموليت جي لاءِ پنهنجا ڪوائف نائن زيرو يا لنڊن موڪلين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ڪانفرنس جا ميمبر اقوام متحده،  انساني حقن جي عالمي تنظيمن جي آفيسن ۽ سڄي دنيا جو دورو ڪري  انهن کي پاڪستان ۾ مهاجرن تي ٿيندڙ سول حڪومتن ۽ فوجي قوتن جي غير آئيني ۽ غير قانوني ظلمن کان آگاھ ڪن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 21 جولائي 2015 
              متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سينيئر مهاجر اڪابرن کي اپيل ڪئي آهي اهي “ سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانفرنس ” ۾ شموليت جي لاءِ پنهنجا ڪوائف نائن زيرو يا لنڊن موڪلين. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين سمورن سينيئر مهاجرن جن جي عمر 60 سال کان وڌيڪ هجي، انگريزي تي عبور رکندا هجن ۽ سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانفرنس ۾ شموليت جا خواهشمند هجن اهي پنهنجا ڪوائف ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي جمع ڪرائين. انهن فرمايو ته سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانفرنس جا ميمبر اقوام متحده، انساني حقن جي عالمي تنظيمن جي آفسين ۽ سڄي دنيا جي ملڪن جو دورو ڪري انهن کي پاڪستان ۾ مهاجرن تي ٿيندڙ سول حڪومتن ۽ فوجي قوتن جي غير آئيني ۽ غير قانوني ظلمن کان آگاھ ڪن. جناب الطاف حسين فرمايو ته جيڪي سينيئر مهاجر ان ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي ڪري قربانيون ڏيڻ ۽ جدوجهد ڪرڻ جي لاءِ تيار هجن، اهي پنهنجا نالا، ايڊريسون، تعليم، تجربو، رابطو نمبر ۽ ٻين تفصيلات تي ٻڌل ڪوائف ( سي وي ) نائن زيرو تي جمع ڪرائي سگهن ٿا. يا ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن جي اي ميل ايڊريس ( ايم ڪيو ايم ايٽ دي ريٽ ايم ڪيو ايم ڊاٽ ڪام) تي به موڪلي سگهن ٿا. جناب الطاف حسين فرمايو ته ظالم سرڪاري اهلڪارن جي طرفان مهاجر قوم جي هزارين نوجوانن کي چونڊي چونڊي قتل ڪيو پيو وڃي پر پاڪستان جي عدالتن جي طرفان نه ته مظلوم مهاجرن کي انصاف ملي رهيو آهي ۽ نه ئي عدالتون مهاجرن تي ڪيل ظلمن کي روڪڻ جي لاءِ ڪوئي ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. جڏهن ته سول حڪومتون پاڻ مهاجرن جي قتل عام ۾ شامل آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته رمضان شريف جي 29 هين رات مبارڪ تي نائن زيرو تي رينجر ٻيهر ڇاپو هڻي ڪري ايم ڪيو ايم جي سينيئر ترين ۽ بي گناھ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو جيڪو ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته رينجر نه ته رمضان شريف جي تقدس جو احترام ڪري ٿي ۽ نه ئي انهن کي الله سائين جو خوف آهي. ان جي ڪري سينيئر ترين مهاجرن کي منهنجي اپيل آهي ته اهي فوري طور تي نائن زيرو جي نمبرن 02136313690 ،02136329900 يا ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن جي رابطا نمبر 00442089057300 تي رابطو ڪري پنهنجو رابطا نمبر به نوٽ ڪرائي ڇڏين. لنڊن ۾ ڪوئي به رابطا ڪميٽي ميمبر پهرين فرصت ۾ انهن سان رابطو ڪندو.

6/30/2024 5:50:01 AM