Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سنڌ ۾ تيز برساتن ۽ دريائي وهڪرن جي ڪري جاني ۽ مالي نقصان ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان افسوس جو اظهار.


سنڌ ۾ تيز برساتن ۽ دريائي وهڪرن جي ڪري جاني ۽ مالي نقصان ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان افسوس جو اظهار.
 Posted on: 7/27/2015
سنڌ ۾ تيز برساتن ۽ دريائي وهڪرن جي ڪري جاني ۽ مالي نقصان ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان افسوس جو اظهار.
ڪراچي: 27 جولائي 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سنڌ ۾ تيز برساتن ۽ دريائي وهڪرن جي ڪري جاني ۽ مالي نقصانن ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته اها شهرن ۽ ڳوٺن کي برساتن ۽ دريائي وهڪرن کان بچائڻ جي لاءِ بنڌن کي مضبوط ۽ برساتي نالن جي صفائي ڪرائي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته سنڌ ۾ برساتن ۽ دريائي وهڪرن جي ڪري ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي چڪا آهن ۽ ماڻهن جا گهر، ڍور ڍڳا ۽ ٻيو سامان دريائي وهڪرن ۾ وهي چڪو آهي، جنهن جي ڪري ماڻهو بي يارو مددگار کليل آسمان هيٺ امداد جا منتظر آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته سنڌ جي مختلف علائقن ۾ تيز برساتن ۽ دريائي وهڪرن وڏي تباهي مچائي آهي پر ان جي باوجود سنڌ حڪومت ڪي به اپاءَ نه ورتا آهن. رابطا ڪميٽي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اها دريائي وهڪرن ۽ برسات متاثرن جي لاءِ کاڌي پيتي جي شين ۽ طبي سهولتن جا فوري طور تي انتظام ڪري. رابطا ڪميٽي دريائي وهڪرن ۽ برساتن جي ڪري ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ هلاڪ ٿيندڙن جي لاءِ بلند درجات ۽ زخمين جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ سخت برساتن ۽ دريائي وهڪرن جي ڪري وڏي جاني ۽ مالي نقصانن جو فوري طور تي نوٽس ورتو وڃي، متاثره خاندانن کي طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ متاثرن جي بحالي جي لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن. 
*****

6/30/2024 5:45:42 AM