جوڊيشل ڪميشن جو فيصلو اچڻ کان پوءِ عمران خان جو اسيمبلين ۾ وڃڻ جو اعلان تمام سٺو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
تحريڪ انصاف وارا جيڪڏهن ضمير رکن ٿا ته اهي عمران خان جي قيادت ۾ نڪ رگڙيندي اسيمبلين ۾ داخل ٿين.جناب الطاف حسين.
لنڊن: 26 جولائي 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پنهنجي هڪ بيان ۾ فرمايو آهي ته جوڊيشل ڪميشن جو فيصلو اچڻ کان پوءِ عمران خان جو اسيمبلين ۾ وڃڻ جو اعلان تمام سٺو آهي پر تحريڪ انصاف وارا جيڪڏهن ضمير رکن ٿا ۽ اهي مرد جا پٽ آهن ته اهي عمران خان جي قيادت ۾ اسيمبلين ۾ نڪ رگڙيندي داخل ٿين. جيڪڏهن اهي ائين ڪندا ۽ نڪ رگڙڻ جي ڪري انهن جو نڪ رتو رت ٿي ويندو ته پوءِ سمورو ايوان تاڙين سان انهن جو استقبال ڪندو ۽ ايم ڪيو ايم انهن جي پسند جي اسپتال ۾ انهن جو وي آئي پي علاج ڪرائيندي.
*****