Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم نيويارڪ جي زير اهتمام ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم تي رياستي آپريشن جي خلاف اقوام متحده جي آفيس جي سامهون بک هڙتال ۽ مظاهرو ۽ ڪينيڊا جي شهرن ايڊمنٽن ۽ موٽريال ۾ به مظاهرن جو انعقاد.


ايم ڪيو ايم نيويارڪ جي زير اهتمام ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم تي رياستي آپريشن جي خلاف اقوام متحده جي آفيس جي سامهون بک هڙتال ۽ مظاهرو ۽ ڪينيڊا جي شهرن ايڊمنٽن ۽ موٽريال ۾ به مظاهرن جو انعقاد.
 Posted on: 7/28/2015
ايم ڪيو ايم نيويارڪ جي زير اهتمام ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم تي رياستي آپريشن جي خلاف اقوام متحده جي آفيس جي سامهون بک هڙتال ۽ مظاهرو ۽ ڪينيڊا جي شهرن ايڊمنٽن ۽ موٽريال ۾ به مظاهرن جو انعقاد.
نيويارڪ: 28 جولائي 2015 
            ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف آپريشن ، ڪارڪنن جي اغوا ۽ انهن جي وحشياڻي قتلن جي خلاف ايم ڪيو ايم نيويارڪ جي زير اهتمام اقوام متحده جي سامهون بک هڙتال ۽ مظاهرو ڪيو ويو. جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي سينٽرل آرگنائيزنگ ڪميٽي جي جوائنٽ آرگنائيزرمحمد ارشد حسين ۽ ٻين کان علاوه چيپٽر انچارجن ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مظاهرين پنهنجن هٿن ۾ پاڪستان ۽ ايم ڪيو ايم جا جهنڊا کنيا هئا ۽ اهي لڳاتارايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن تي رياستي ڏاڍ، انهن جي ماورائي عدالت قتلن ۽ امن و امان جي نالي تي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي ڪڇلڻ واري آپريشن جي خلاف نعرا هڻي رهيا هئا. ان موقعي تي خطاب ڪندي محمد ارشد حسين چيو ته ماضي ۾ به ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جو ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو هو ۽ ايم ڪيو ايم کي ڪڇلڻ جي لاءِ گندا هٿڪنڊا استعمال ڪيا ويا هئا. پر پوءِ به ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي دلين مان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي محبت کي ختم نه ڪري سگهيو ويو هو. انهن چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ سيڪيورٽي ادارا 5 ڪروڙ مهاجرن جي استحصال ۽ قتل عام ۾ برابر جا شريڪ آهن ۽ انهي جي ڪري مهاجر قوم پنهنجي بقا جي لاءِعالمي برادري ڏانهن ڏسڻ تي مجبور ٿي آهي. انهن وڌيڪ چيو ته اڄ جي مظاهري جو مقصد آمريڪا سميت عالمي برادري جي توجه مهاجرن جي ڏتڙيل حالت ڏانهن ڇڪائڻ آهي. انهن اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل 
بان ڪي مون، آمريڪي سينيٽ ۽ ڪانگريس جي ميمبرن کي اپيل ڪئي ته اهي مهاجرن جي نسل ڪشي روڪرائڻ جي لاءِ پاڪستاني حڪومت ۽ رياست تي پنهنجو اثر و رسوخ استعمال ڪن. انهن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جي خلاف آپريشن بند نه ڪيو ويو ته پوءِ احتجاج جو سلسلو ڪيترن ئي شهرن تائين ڦيلجي ويندو. آخر ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي سلامتي، شهيدن جي مغفرت ۽ مهاجر قوم جي بهتر مستقبل جي لاءِ دعا به ڪئي وئي. ان کان علاوه ڪينيڊا جي شهرن ايڊمنٽن ۽ مونٽريال ۾ به مظاهرا ڪيا ويا. جن ۾ ذميوارن ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. 
*****


6/30/2024 5:45:16 AM