Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سينيئر صحافي ۽ جيو نيوز چينل جي بيوروچيف فهيم صديقي کي پوليس اهلڪارن جي طرفان اغوا ۽ ان کان پوءِ انهن تي تشدد ڪرڻ تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


سينيئر صحافي ۽ جيو نيوز چينل جي بيوروچيف فهيم صديقي کي پوليس اهلڪارن جي طرفان اغوا ۽ ان کان پوءِ انهن تي تشدد ڪرڻ تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 7/25/2015
سينيئر صحافي ۽ جيو نيوز چينل جي بيوروچيف فهيم صديقي کي پوليس اهلڪارن جي طرفان اغوا ۽ ان کان پوءِ انهن تي تشدد ڪرڻ تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي: 25 جولائي 2015 
              متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ملڪ جي معروف جيو نيوز چينل  جي بيورو چيف فهيم صديقي کي پوليس اهلڪارن جي طرفان اغوا ڪرڻ ۽ ان کان پوءِ انهن تي تشدد ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ان کان اڳ به پوليس جي طرفان صحافين تي تشدد ۽ انهن کي خوف زده ڪرڻ جا واقعا سامهون ايندا رهيا آهن. پر اڄ تائين اهڙي عمل ۾ ملوث ڪنهن به اهلڪار جي خلاف ڪاروائي نه ڪئي وئي آهي. فهيم صديقي سينيئر صحافي آهن ۽ صحافت ۾ انهن جو وڏو مقام آهي. رابطا ڪميٽي فهيم صديقي سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته ڪراچي پوليس ۾ موجود ڪارين رڍين پنهنجن مڪروھ مقصدن  کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پوري پوليس جي اداري جي عزت کي داءُ تي لڳايو ڇڏيو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ان واقعي تي پوري ايم ڪيو ايم صحافي ڀائرن سان گڏ آهي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان، وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ وزير داخلا سنڌ سهيل انور سيال کان مطالبو ڪيو ته اهي فهيم صديقي جي اغوا ۽ انهن تي تشدد ۾ ملوث پوليس اهلڪارن جي خلاف فوري طور تي ڪاروائي ڪن ۽ پوري صحافي برادري کي انصاف فراهم ڪن.
*****

6/30/2024 5:47:17 AM