Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانگريس جي جوڙ جڪ جي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين ڪيترن ئي مهاجر دانشورن، پروفيسرن، وڪيلن ۽ ٽيڪنوڪريٽن سان رابطا ڪيا۽ انهن کي مهاجر ورلڊ ڪانگريس جي پليٽ فارم جي مقصدن کان به آگاھ ڪيو.

 Posted on: 7/28/2015

مهاجر اڪابرن جي طرفان سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانگريس ۾ شموليت جي لاءِ مثبت رڌ عمل جو اظهار تمام سٺي ڳالھ آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 28 جولائي 2015 
           سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانگريس جي جوڙ جڪ جي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين وڌيڪ ڪيترن ئي مهاجر دانشورن، پروفيسرن، وڪيلن ۽ ٽيڪنوڪريٽن سان رابطا ڪيا آهن ۽ انهن کي سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانگريس جي پليٽ فارم جي مقصدن جي حوالي سان آگاھ ڪيو. سمورين شخصيتن ان پليٽ فارم جي اغراض و مقاصد جي مڪمل حمايت ڪئي ۽ ان سلسلي ۾ ڀرپور تعاون جي خاطري به ڪرائي. ان موقعي تي ڳالھ ٻولھ ڪندي جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان جي جدوجهد ڪنهن هڪ ماڻهو يا گهڻڻ ماڻهن جي لاءِ نه بلڪه پوري قوم جي گڏيل مفادن، انهن جي حقن جي حصول ۽ ايندڙ نسلن جي بهتر مستقبل جي لاءِ آهي ۽ ان مقصد جي لاءِ اسان ڪنهن به قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻائينداسين. انهن فرمايو ته منهنجي اپيل تي مهاجر دانشورن، پروفيسرن، بيوروڪريٽن، انجنيئرن، ڊاڪٽرن، رانڌيگرن، تاريخدانن، ليکڪن، صحافين، شاعرن، اديبن ۽ عالم سڳورن جي طرفان  سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانگريس ۾ شموليت جي لاءِ جنهن مثبت رڌ عمل جو اظهار ڪيو پيو وڃي ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارا مهاجر اڪابر پنهنجا ڪوائف نامه موڪلي رهيا آهن اها نه صرف حوصلو وڌائنيدڙ ڳالھ آهي بلڪه ان ڳالھ جو به ثبوت آهي ته ڏاها، تعليم يافته ۽ تجربي ڪار مهاجر اڪابر به دنيا ۾ قوم جو مقدمو وڙهڻ ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن جي بهتر مستقبل جي لاءِ پرعزم آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته انشاء الله تعالٰي مهاجر اڪابرن جو اتحاد ۽ سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانگريس جو قيام مهاجرن تي ڪيل رياستي ظلمن جي خاتمي ۽ انهن جي ڇنيل حقن جي حصول جي لاءِ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. جناب الطاف حسين پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مقيم مهاجر اڪابرن کي هڪ ڀيرو ٻيهر اپيل ڪئي ته جيڪي اڪابر سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانگريس ۾ شموليت جا خواهشمند آهن اهي نائن زيرو يا ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن تي پنهنجا ڪوائف نامه موڪلين.
*****

6/30/2024 5:46:28 AM