فهيم صديقي جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتاري ۽ انهن تي وحشياڻو تشدد مذمت جوڳو عمل آهي. نديم نصرت.
لنڊن؛ 26 جولائي 2015
متحده قومي موومينٽ جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت پوليس اهلڪارن جي هٿان جيو نيوز جي بيوروچيف فهيم صديقي جي غير قانوني گرفتاري ۽ انهن تي ڪيل تشدد جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته افسوسناڪ ڳالھ اها آهي ته پوليس اهلڪار فهيم صديقي جي طرفان سمورا سڃاڻپ جي ڪاغذ ڏيکارڻ جي باوجود انهن تي تشدد ڪندا رهيا. انهن پاڪستان جي پوري صحافي برادري کي اپيل ڪئي ته اهي ان افسوسناڪ واقعي جي مذمت ڪندي پنهنجن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ڪري احتجاج ڪن.
*****