Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم ملڪ کان فرسوده نظام جو خاتمو چاهي ٿي ۽ غريب ۽ وچولي طبقي جي انقلاب جي ضمانت به آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


ايم ڪيو ايم ملڪ کان فرسوده نظام جو خاتمو چاهي ٿي ۽ غريب ۽ وچولي طبقي جي انقلاب جي ضمانت به آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 7/26/2015
ايم ڪيو ايم ملڪ کان فرسوده نظام جو خاتمو چاهي ٿي ۽ غريب ۽ وچولي طبقي جي انقلاب جي ضمانت به آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
سڄي ملڪ جا غريب هاري، مزدور، وچولو طبقو ۽ عوام ظلم جي چڪي ۾ پيڙهجي رهيا آهن.
مهاجر قومي موومينٽ کي متحده قومي موومينٽ ۾ تبديل ڪرڻ جا 18 سال مڪمل ڪرڻ تي ڪارڪنن ۽ حق پرست عوام کي جناب الطاف حسين جي طرفان مبارڪباد پيش.
لنڊن؛ 26 جولائي 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين مهاجر قومي موومينٽ کي متحده قومي موومينٽ ۾ تبديل ڪرڻ جا 18 سال مڪمل ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي سمورن ڪارڪنن ۽ سڄي ملڪ جي حق پرست عوام کي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. پنهنجي هڪ خصوصي بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم ملڪ جي واحد جماعت آهي جنهن غريب ۽ وچولي طبقي مان جنم ورتو، جنهن جي قيادت جاگيردار طبقي کان نه بلڪه مڊل ڪلاس طبقي سان تعلق رکي ٿي. ايم ڪيو ايم جيتوڻيڪ مهاجرن جي حقن جي لاءِ پنهنجي جدوجهد جو آغاز ڪيو هو ۽ مهاجرن کي حقن جي لاءِ متحد به ڪيو پر جڏهن اسان ڏٺو ته ملڪ ۾ غريب هاري ۽ مزدور طبقي جا عوام به مراعات يافته طبقي جي هٿان ظلم جي چڪي ۾ پيڙهجي رهيا آهن ته اسان ايم ڪيو ايم جو دائرو پوري ملڪ ۾ ڦيلائڻ 

چاهيو ۽ اعلان ڪيو ته 14 آگسٽ 1992 تي مهاجر قومي موومينٽ کي متحده قومي موومينٽ ۾ تبديل ڪيو ويندو، پر ان کان اڳ ئي ايم ڪيو ايم جي هزارين ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو ۽ ظلم جو بازار گرم ڪيو ويو. تمام تر ظلمن جي باوجود اسان 26 جولائي 1997 تي مهاجر قومي موومينٽ کي متحده قومي موومينٽ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. جدوجهد ڪند ارهياسين، تمام تر رياستي ظلمن، سازشن ۽ پروفيگنڊن جي باوجود اڄ سنڌ، پنجاب، ڪي پي ڪي ، بلوچستان، گلگت بلتستان ، آزاد ڪشمير ۽ اترين علائقن ۾ به ايم ڪيو ايم جي چاهڻ وارا موجود آهن. جيڪي ملڪ کان فرسوده جاگيرداراڻه نظام جي خاتمي ۽ نظام ۾ حقيقي تبديلي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم ئي فرسوده نظام جي تبديلي ۽ غريب ۽ وچولي طبقي جي انقلاب جي ضمانت آهي. انهي جي ڪري ايم ڪيو ايم کي سڄي ملڪ ۾ ڦيلجڻ کان روڪڻ جي مقصد جي تحت ان جي خلاف رياستي آپريشن جاري آهي. ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپن ۽ گرفتارين ، انهن کي ڪوڙن مقدمن ۾ ملوث ڪرڻ ۽ ماورائي عدالت قتلن جو سلسلو به جاري آهي. انهن فرمايو ته حالتون ڀلي ڪهڙيون به هجن ۽ ايم ڪيو ايم کي ڀلي ڪيترن ئي پروفيگنڊن جو سامنو ڪرڻو پوي پر مون کي يقين آهي ته ڪارڪن ۽ حق پرست عوام ڏکين حالتن کان نه گهبرائيندا ۽ ثابت قدمي سان پنهنجي جدوجهد جاري رکندا. 
*****

6/30/2024 5:47:15 AM