ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر قمر منصور جي سرڪاري حراست ۾ حالت تمام گهڻي خراب آهي. قومي اسيمبلي جا حق پرست ميمبر.
ڪراچي؛ 26 جولائي 2015
قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن چيو آهي ته سرڪاري حراست ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر قمر منصور کي غير انساني سلوڪ ۽ تشدد جو نشانو بڻائڻ ۽ انهن کي اسپتال ۾ داخل نه ڪرائڻ وڏو ظلم آهي.پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ انهن چيو ته قمر منصور کي ڪوڙن مقدمن ۾ ملوث ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي ۽ انهن تي غير انساني تشدد ڪرڻ جو سلسلو به جاري آهي جنهن جي ڪري انهن جي حالت تمام گهڻي خراب آهي. انهن چيو ته قمر منصور کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقرير جا انتظام ڪرڻ ۽ انهن جي تقرير تي تاڙيون وڄائڻ جي ڏوھ ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.جيڪو هڪ تعصب وارو ۽ مهاجر دشمني تي ٻڌل عمل آهي. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي قمر منصور کي فوري طور تي اسپتال ۾ داخل ڪرائين ۽ انهن تي تشدد بند ڪرائين.
*****