Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڀارت جي سابق صدر ۽ عظيم سائنسدان ڊاڪٽر اي پي جي عبدالڪلام جي وفات تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان تعزيت جو اظهار.


ڀارت جي سابق صدر ۽ عظيم سائنسدان ڊاڪٽر اي پي جي عبدالڪلام جي وفات تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان تعزيت جو اظهار.
 Posted on: 7/27/2015
ڀارت جي سابق صدر ۽ عظيم سائنسدان ڊاڪٽر اي پي جي عبدالڪلام جي وفات تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان تعزيت جو اظهار.
لنڊن: 27 جولائي 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڀارت جي سابق صدر ۽ دنيا جي عظيم سائنسدان ڊاڪٽر اي پي جي عبدالڪلام جي اچانڪ وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ڊاڪٽر عبدالڪلام سائنس جي شعبي ۾ جيڪي خدمتون انجام ڏنيون آهن اهي نمايان آهن. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر عبدالڪلام هڪ وڏا سائنسدان هئا، پر ان جي باوجود انهن ۾ تڪبر يا غرور بلڪل به نه هو، بحيثيت انسان اهي نهايت ساده طبيعت جا مالڪ ۽ خوش اخلاق هئا. اهي عزت ، تهذيب ۽ ڀائيچاري جو شاندار نمونا هئا. اهي ٻارن سان ٻارن وانگر، نوجوانن سان نوجوانن وانگر ۽ وڏن سان وڏن جهڙا بڻجي ويندا هئا. ڊاڪٽر عبدالڪلام جي وفات سان دنيا خصوصن مسلمان هڪ وڏي سائنسدان کان محروم ٿي ويا آهن ۽ انهن جو خلا ڪيترن ئي سالن تائين ڀرجي نه ٿو سگهجي. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي ڊاڪٽر عبدالڪلام جي مغفرت فرمائي، انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوارن ۽ انهن جي چاهڻ وارن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين .

6/30/2024 5:45:17 AM