Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم برطانيه جي تحت لنڊن ۾ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ مظاهرو.


ايم ڪيو ايم برطانيه جي تحت لنڊن ۾ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ مظاهرو.
 Posted on: 7/25/2015
ايم ڪيو ايم برطانيه جي تحت لنڊن ۾ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ مظاهرو.
لنڊن: 25 جولائي 2015 
            متحده قومي موومينٽ برطانيه جي يونٽ جي تحت لنڊن جي علائقي ايجويئر ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبرن، برطانيه جي مختلف يونٽن جي ذميوارن، ڪارڪنن ۽ انهن جي گهر وارن کان علاوه ايم ڪيو ايم برطانيه شعبه خواتين جي ڪارڪنن به وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مظاهري ۾ بزرگن، عورتن، نوجوانن ۽ ننڍن ٻارن کان علاوه کير پياڪ ٻارن جي به وڏي تعداد موجود هئي. مظاهري جي شرڪاء پنهنجن هٿن ۾ ايم ڪيو ايم جا جهنڊا، جناب الطاف حسين جون تصويرون ۽ مختلف پلي ڪارڊ به کنيا هئا. جن تي جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار ۽ عقيدت تي ٻڌل جملا ۽ نعرا تحرير هئا. ڪجھ پلي ڪارڊن تي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن، رهنمائن ۽ ڪارڪنن جي غير قانوني گرفتارين ۽ ايم ڪيو ايم تي ڪيل ظلمن جي خلاف به نعرا درج هئا.  مظاهري جي شرڪاء تحريڪ انصاف جي سربراھ عمران خان جي نڪاح کان سواءِ پيدا ٿيندڙ نياڻي ٽيريان کي انصاف ڏيڻ جي مطالبي ۽ عمران خان جي خلاف نعرن تي ٻڌل پلي ڪارڊ به کنيا هئا. ان موقعي تي لنڊن جون فضائون مظاهرين جي هانوَ ڏاريندڙ نعرن سان گونجي رهيون هيون. مظاهرين ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي حق ۾ نعرا هنيا.مظاهري جي دوران ڪارڪنن رستي ويندڙن کي جناب الطاف حسين جي سياسي جدوجهد ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف سرڪاري سطح تي ڪيل ظلمن جي تفصيلات تي ٻڌل هينڊ بل به تقسيم ڪيا.

6/30/2024 5:47:56 AM