Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم آمريڪا جو ڪراچي ۾ مهاجرن جي خلاف جاري رياستي آپريشن جي خلاف وائيٽ هائوس جي سامهون وڏو احتجاجي مظاهرو.


ايم ڪيو ايم آمريڪا جو ڪراچي ۾ مهاجرن جي خلاف جاري رياستي آپريشن جي خلاف وائيٽ هائوس جي سامهون وڏو احتجاجي مظاهرو.
 Posted on: 7/26/2015
ايم ڪيو ايم آمريڪا جو ڪراچي ۾ مهاجرن جي خلاف جاري رياستي آپريشن جي خلاف وائيٽ هائوس جي سامهون وڏو احتجاجي مظاهرو.
واشنگٽن ڊي سي: 26 جولائي 2015 
             ڪراچي ۾ مهاجرن تي رياستي آپريشن جي خلاف ايم ڪيو ايم آمريڪا جي زير اهتمام واشنگٽن ڊي سي ۾ وائيٽ هائوس جي سامهون هڪ وڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ ايم ڪيو ايم آمريڪا جي سينٽرل ڪميٽي جي ميمبرن، چيپٽر انچارج فيصل عثمان ۽ چيپٽر ڪميٽي کان علاوه ڪارڪنن ۽ عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مظاهرين جناب الطاف حسين ۽ مهاجرن جي لاءِ الڳ صوبي جي حق ۾ ۽ مهاجرن تي ٿيندڙ رياستي ظلمن جي خلاف وڏا نعرا هنيا ۽ انهن  پنهنجن هٿن ۾ پلي ڪارڊ به کنيا هئا جن تي مهاجرن جي غير قانوني گرفتارين، ماورائي عدالت قتلن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جي حوالي سان نعرا به درج هئا. ان موقعي تي مقررن خطاب ڪندي پاڪستان جي رياست جي طرفان مهاجر دشمن اقدامات ۽ ڪاروائين تي وڏي ڳڻتي جو اظهار به ڪيو. انهن چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ سيڪيورٽي ادارا 5 ڪروڙ مهاجرن جي استحصال ۽ قتل عام ۾ برابر جا شريڪ آهن ۽ مهاجر قوم پنهنجي بقا جي لاءِ عالمي برادري ڏانهن ڏسڻ تي مجبور ٿي وئي آهي. انهن آمريڪي صدر بارڪ اوباما، آمريڪي سينيٽ ۽ ڪانگريس جي ميمبرن کي به اپيل ڪئي ته اهي مهاجرن جي نسل ڪشي روڪرائڻ جي لاءِ پاڪستاني حڪومت ۽ رياست تي پنهنجو اثر و رسوخ استعمال ڪن. مظاهري جي آخر ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي سلامتي، شهيدن جي مغفرت ۽ مهاجر قوم جي بهتر مستقبل جي لاءِ دعا به ڪئي وئي. 
*****

6/30/2024 5:44:46 AM