Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ انهن جي مٽن مائٽن جي گهرن تي ڇاپا وڏو ظلم آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ انهن جي مٽن مائٽن جي گهرن تي ڇاپا وڏو ظلم آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 7/26/2015
ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ انهن جي مٽن مائٽن جي گهرن تي ڇاپا وڏو ظلم آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
رينجر ۽ ٻين ڳجهين ايجنسين جي اهلڪارن ايم ڪيو ايم معمار سيڪٽر يونٽ 33 بي جي جوائنٽ انچارج محمد وقار ۽ بلديه سيڪٽر يونٽ 117 جي ڪارڪنن تنوير احمد ۽ عمران احمد کي گرفتار ڪري ورتو آهي. رابطا ڪميٽي.
ڪراچي: 26 جولائي 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي رينجر، پوليس ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن، همدردن ۽ انهن جي مٽن مائٽن جي گهرن تي غير قانوني ڇاپن جي پرزور مذمت ڪندي ان کي کليل رياستي ظلم قرار ڏنو آهي. رابطا ڪميٽي پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته ايم ڪيو ايم جو ڪارڪن هجڻ يا الطاف حسين جي قيادت ۾ پرامن جدوجهد ڪرڻ کي ڏوھ بڻايو ويو آهي. رينجر ڪراچي کي مفتوحه ڪراچي بڻائي ڪري رياستي ظلم جو بازار گرم ڪري رکيو آهي، غير قانوني ڇاپن جي نالن تي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن جي گهرن تي ٽوڙ ڦوڙ ڪئي پئي وڃي ۽ انهن جي گهر وارن سان بدتميزي  ڪئي پئي وڃي. رابطا ڪميٽي چيو ته گذريل ڏينهن رينجر جي اهلڪارن صبح سوير معمار سيڪٽر يونٽ 33 بي جي جوائنٽ انچارج محمد وقار کي انهن جي گهر تان ڇاپو هڻي ڪري گرفتار ڪري ورتو ۽ اهڙي طرح رينجر جي اهلڪارن بلديه سيڪٽر يونٽ 177 جي ڪارڪنن تنوير احمد ۽ عمران احمد جي گهرن تي به ڇاپو هڻي ڪري نه صرف انهن کي گرفتار ڪري ورتو بلڪه انهن جي گهر وارن سان به وڏي بدتميزي ڪئي. انهن چيو ته ان کان اڳ به رينجر نائن زيرو تي غير قانوني ڇاپو هڻي ڪري رابطا ڪميٽي ميمبر قمر منصور ۽ ٻين سوين ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو آهي. رابطا ڪميٽي آرمي چيف جنرل راحيل شريف، صدر پاڪستان ممنون حسين ۽ وزير اعظم ميان نواز شريف کي اپيل ڪئي ته سنڌ رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن جي خلاف بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين جو سلسلو بند ڪرايو وڃي ۽ سمورن گرفتار ٿيل ڪارڪنن کي فوري طور تي رها ڪيو وڃي. 
*****

6/30/2024 5:45:18 AM