Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

وزير اعظم ميان نواز شريف تحريڪ انصاف جي سمورن استعيفٰي ڏنل ميمبرن کي پارليامينٽ مان ٻاهر ڪڍن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


وزير اعظم ميان نواز شريف تحريڪ انصاف جي سمورن استعيفٰي ڏنل ميمبرن کي پارليامينٽ مان ٻاهر ڪڍن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 7/28/2015
وزير اعظم ميان نواز شريف تحريڪ انصاف جي سمورن استعيفٰي ڏنل ميمبرن کي پارليامينٽ مان ٻاهر ڪڍن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
پوري توجه عوام جي بنيادي مسئلن جي حل ڪرڻ تي ڏني وڃي.
پارليامينٽ ۽ پي ٽي وي تي حملو ڪرڻ، پوليس وارن تي حملا ڪرڻ ۽ ماڻهن جي هلاڪت تي عمران خان ۽ انهن جي رهنمائن تي قتل، قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۽ آرٽيڪل 6 جي تحت غداري جا مقدما قائم ڪيا وڃن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن: 28 جولائي 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جوڊيشل ڪميشن جي فيصلي جي باوجود تحريڪ انصاف جي رهنمائن جي بيانن تي سخت رڌ عمل جو اظهار ڪندي فرمايو آهي ته عمران خان ۽ پي ٽي آئي جي ٻين رهنمائن جوڊيشل ڪميشن جي فيصلي کي به ڪُوئي ۽ ٻلي جي رانڌ بڻائي ڇڏيو آهي. مان وزير اعظم ميان نواز شريف کي چوان ٿو ته اهي پارليامينٽ جي ڊيڪورم کي برقرار رکڻ جي لاءِ تحريڪ انصاف جي سمورن استعيفٰي ڏنل ميمبرن کي پارليامينٽ کان ٻاهر ڪڍن ۽ پوري توجه عوام جي بنيادي مسئلن جي حل ڪرڻ تي ڏين. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته اليڪشن ۾ ڌاندلي جي تحقيقات جي متعلق اڄ جوڊيشل ڪميشن جو فيصلو اچي چڪو آهي، ملڪ  سيلاب جي تباهين، بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ ٻين هزارين مسئلن جي بار هيٺان پوريل آهي پر تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ۽ پي ٽي آئي جي ٻين رهنمائن جوڊيشل ڪميشن جي فيصلي کي به ڪُوئي ۽ ٻلي جي رانڌ بڻائي ڇڏيو آهي ۽ پوري قوم جي توجه عوام جي بنيادي 
مسئلن کان هٽائي ڪري صرف اقتدار جي ڇڪٿاڻ تي مرڪوز ڪري ڇڏي آهي. جناب الطاف حسين چونڊيل وزير اعظم ميان نواز شريف کي خراج تحسين پيش ڪندي فرمايو ته وزير اعظم وڏي پڻ جو مظاهرو ڪندي همت ۽ جرت سان جوڊيشل ڪميشن جي مطالبي کي تسليم ڪيو ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن تي ٻڌل ٽي رڪني ڪميشن قائم ڪري چونڊ ڌانڌلين جي الزامن جي تحقيقات انهن جي حوالي ڪئي. هاڻي جڏهن جو جوڊيشل ڪميشن جو فيصلو اچي چڪو آهي ته جمهوري اصولن ۽ شرافت جو تقاضا ته اهو هو ته عمران خان ۽ انهن جي رهنمائن کي خوش دلي ۽ نوڙت سان ان فيصلي کي قبول ڪرڻ گهرجي ها، پر اسيمبلي جو فلور هجي يا سينيٽ جو ايوان هر هنڌ اهي ان مسئلي تي طوطي وانگر ٽائين ٽائين ڪندا وٿن ٿا ۽ اهڙي طرح اسيمبلي جو وقت گذري وڃي ٿو جنهن جي ڪري عوام جا انتهائي اهم مسئلا سردخاني جي وَر چڙهي وڃن ٿا. جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف کي مخاطب ڪندي فرمايو ته جڏهن جو تحريڪ انصاف جا سمورا ميمبر عمران خان سميت استعيفٰي ڏيئي چڪا آهن ۽ آئين جي تحت اهي هاڻي اسيمبلي جا ميمبر به نه رهيا آهن. ان جي باوجود اڄ تائين انهن جا استعيفٰي منظور ڇو نه ڪيا ويا؟ انهن وڌيڪ فرمايو ته عمران خان 126 ڏينهن جي ڌرڻي ۾ بار بار اهو اعلان ڪيو هو ته اها اسيمبلي جعلي ۽ ڌانڌلي جي پيداوار آهي، اسان ان جعلي اسيمبلي کي نه ٿا مڃون. اسان جا چونڊيل ميمبر استعيفٰي ڏيئي چڪا آهن، ان جي ڪري ميان نواز شريف جي وزارت عظمٰي جي دور ۾ اهڙن مستعفي ٿيل ميمبرن جو اسيمبلي ۾ ويهڻ هن مقدس ايوان جي توهين آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان ميان نواز شريف کي چوان ٿو ته پارليامينٽ جي ڊيڪورم کي برقرار رکڻ جي لاءِ تحريڪ انصاف جي سمورن شرپسند استعيفٰي ڏنل ميمبرن کي پارليامينٽ کان ٻاهر ڪڍي اڇلائين ۽ پوري توجه عوام جي بنيادي مسئلن جي حل ڪرڻ تي ڏين. پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ تي حملي، پوليس وارن تي حملن ۽ ماڻهن جي هلاڪت تي تحريڪ انصاف جي سربراھ عمران خان ۽ انهن جي رهنمائن تي قتل، قتل ڪرڻ جي ڪوشش ۽ آئين جي آرٽيڪل 6 جي تحت غداري جا مقدما قائم ڪيا وڃن.
*****

6/30/2024 5:44:57 AM